ہفتہ، 1 دسمبر، 2018

ثقافت جي معنيٰ ۽ ان جا جزءُ

ثقافت لفظ جي وصف مختلف عالمن مختلف بيان ڪئي آهي. ثقافت جي لغوي معني عقل وڌائڻ آهي ۽ اصطلاحي معني انسانن جي ززندگي گذارڻ جو طريقو آهي. جيئن ته انسان جو تعلق انهي زمين سان آهي جتي هو رهي ٿو، تنهنڪري انهي زمين جي ساخت، آبهوا، نهرون ، آبادي. جانور، پکي پکڻ ،جيت جڻيا ،وڻ ٽڻ ،گاهه ٻوٽا ۽ گهر گهاٽ سندس زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. انهي ماحول مطابق ئي هو پنهنجي زندگي کي آساني سان گذارڻ لاءِ پوشاڪ پائي ٿو. کاڌو کائي ٿو رسمون رواج جوڙي ٿو ۽ انهن جي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪري ٿو. ثقافت جي موضوع هيٺ زندگي جا سڀ شعبا اچي وڃن ٿا جهڙوڪ؛ مذهب، تهذيب ، پهرڻ ، ٻولي، ترقي، انسانيت جو ظهور ، اختيار، آداب، اٿڻي ويهڻي ، ۽ ريتون رسمون وغيره ان کان سواءِ انسان جو جياپو ۽ ان جا وسيلا، هلت چلت، هنر ، رواج ۽ کاڌو پيتو به ثقافت جي دائري ۾ داخل آهن. مجموعي طرح طرزمعاشرت کي ئي ثقافت جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انگريزي ۾ ثقافت لا ڪلچر لفظ استمعال ٿئي ٿو. جنهن جو اصطلاحي مفهوم ۾ ذهني ترقي ،آداب ۽ اخلاق تهذيب ۽ تمدن جو خصوصيتون اچي وڃن ٿيون. ثقافت ماحول ۽ ضرورت هيٺ جنم وٺندي آهي انهي لحاظ کان ثقافت هر .شخص جي ضرورت آهي ۽ هر شخص ثقافت ۾ پنهنجو پاڻ ڪردار ادا ڪري ٿو. تهذيب به ثقافت جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ شهرن جو وجود سياسي ردوبدل ۽ پشه ورڻيون خاصيتون شامل آهن. موجود دور جي محقن ثقافت جي دائري ۾ مذهب، فلسفي، ڪاريگرين آرٽ (فنون لطيفه) ۽ معاشرت کي به شامل ڪيو آهي، ۽ تهذيب ۾ خاص طور هر طرح جي ٽيڪنيڪي علمن کي به ثقافت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ثقافت جي ترقي تهذيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي . ثقافت ، تهذيب يافته به ٿي سگهي ٿي ته غير تهذيب يافته به.
مختلف عالمن ثقافت جو مختلف وصفون بيان ڪيون آهن. نامور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ موجب ، جعگرافي حالتن ، انساني ارتقا جي تاريخ ، زبان ۽ مذهب سان متاثر ٿي ، انسانن پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا آهن اهي سڀ ثقافت جي دائر ۾ اچن ٿالسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي انسانن جي مادي زندگي لاءِ ضروري شين جهڙوڪ؛ اوزار، هٿيار، لباس ۽ رهائش کي ته ٻئي پاسي غير مادي يعني روحاني زندگي سان تعلق رکندڙ شين جهڙوڪ؛ مذهب ۽ اخلاق علم ۽ فن زبان ۽ ادب اصول ۽ قانون معاشرتي رواجن ۽ ريتن رسمن کي ثقافت چئبو آهي.
مطلب ته ڪنهن به قوم جي ذهني فڪري ۽ روحاني منظر نامي کي ثقافت چئبو آهي. جنهن ۾ مذهبي رسمون ، تهذيبي قدر، تاريخي روايتون، معاشرتي رواج، مجلس جا آداب، توهم پرستي، روحاني عقيدا، غذائي عادتون، لباس، ٻولي، ادب، رهڻي ڪهڻي، عبادت جا طريقا، ڳائڻ وڄائڻ، ساز سرود، نچڻ ٽپڻ، جا انداز ٻارن جا رانديڪا، عورتن جا زيور، روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، سيبي ٽوپي جا نمونا، ذهني جسماني تفريح، کيل تماشا، عرس، ميلا، عيدون ۽ مذهبي ڏينهن شامل آهن. جديد محققن موجب مذهب، تاريخ، جاگرافي، ٻولي ۽ لباس کي ثقافت جي بنيادي عنصرن ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي.                                 

ذريعو: http://sindhiboliqomibolisaqafat.blogspot.com/

بدھ، 28 نومبر، 2018

ڪُوڪَ

عبدالقادر جوڻيجو جو آچر 29  جون  2008ع جي ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم 

جي ڳالهه ٿا ڪريون ته پري ٿا وڃي پئون، جي صفا ڳالهه نٿا ڪريون ته اندر سڙڻ ٿو لڳي. هلو سائين پري ڪو نه ٿا پئون ۽ نه ئي اندر کي ساڙڻ ٿا ڏيون. اڄڪلهه ته ڪيئي ڪوڙا قسمي پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي کائي پيئي ڍءُ ڪري، نڙ ٿي اوڳرائيءَ کان اڳ ۾ ئي ڪوڙا قسم کڻي اکين جي وچ مان نڪ ڪڍيو وڃن. هڪڙو زمانو هو، جو پهرئين ته ماڻهو قسم ئي نه کڻندا هئا، پوءِ ڀلي کڻي سچ تي هجن، پر ڀلا جي بنهين ڳري لت اچي پوندي هئي ۽ ڪا واهه ڪا نه بچندي هئي، ته پوءِ مري مري قسم کڻندو هو، ۽ قسم کڻڻ وارو کير جي ڀريل وٽيءَ تي هٿ رکي قسم کڻندو هو، يا وري ننڍي نيٽي نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکي قسم کڻندو هو. اهو قسم لوهه تي ليڪو هوندو هو. سو هت هيءُ بندو کير جو قسم کڻي چئي سگهي ٿو ته، هن بندي کي پڙهندي پڙهندي جيڪي پنج ست ڪتاب حد کان وڌيڪ وڻيا آهن، انهن مان هڪ ڪتاب مايا اينجليو (Maya Angleo) جي ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا آهي. سندس هر جملو هينئين ۾ چڪ وجهيو بيهو رهي، سندس هر ڳالهه دل تي چٽ آهي. سندس آتم ڪٿا جو هر جلد اندر کي ڳاريو وڃي. سچ اهڙو، جو ويٺو ڳاءِ، ڏک اهڙو جو ويٺو روءِ. خوشيءَ جو ڪو ڪو پل اهڙو جو بيٺو نچ، کلڻ جي رنگ ڍنگ ۾ ايڏي تک، جو پيو غوطا کاءُ. مايوسيون اهڙيون، جو ڳري وڃ. همتون اهڙيون، جو بکئي شينهن جي ڏر ۾ هليو وڃ. محبتون اهڙيون، جو ويٺو ڳاءِ. نفرتون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي ويٺو پٽ. سادگيون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي گهوري ڇڏ. چالاڪيون اهڙيون، جو پيو گهمريون کاءُ. آسمان هيٺان گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهيءَ گهڻي ڪجهه مان هيءَ آتم ڪٿا آهي، پهرين پيرو کڻون ٿا ليکڪا جو.

لاڳيتو لڏ پلاڻ ۾ رهندڙ ۽ پٽ سان لڳل آمريڪي شيدين جي خاندان مان ڦٽي نڪرندڙ مايا اينجليو چئن سالن جي ٿي، کيڏڻ ڪڏڻ ۽ کل کلان جي عمر هئي. نه گهر جو فڪر، نه در جو فڪر، نه گهٽيءَ جو فڪر ۽ نه ئي وري ڪو دنيا جو فڪر. ٻار ته ٻار ئي هوندو آهي يار. رسي ٽپڻ جي انهيءَ عمر ۾ کيس اها ڪا سمڪ نه هئي ته ڪمينو مرد کيس اک ۾ جهليو بيٺو آهي، جيڪو ڌاريو نه پر پنهنجو آهي، جيڪو پاڙي وارو نه پر ڇهه فٽو ويڳو پيءُ آهي. وحشت زده ويڳي پيءُ وجهه جاچي کيس اڪيلو ڏسي ساڻس زوري زنا ڪري کيس رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو. ڪتاب ۾ منظر پڙهي پڙهندڙ جو مٿو وڃي ڀت سان لڳي ٿو. اها خبر جڏهن ڇوڪرڙيءَ جي مامن کي پئي، تن وري ڇوڪرڙيءَ سان زنا ڪندڙ ويڳي پيءُ کي چٿي چٿي، ڳترا ڳترا ڪري، عضوو عضوي کان ڌار ڪري ماري ڇڏيو. ڇوڪرڙي مايا اينجليو جيڪو عذاب ڏٺو ۽ سٺو، اهو لاڪائنس ايڏو ته گهرو صدمو هو، جو کيس چپ وٺي وئي ۽ پورا 7 سال خدا جا سندس زبان بند رهي. زبان بنديءَ جي عرصي پوري ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سندس ڪچي وهي روشنيءَ وانگر ڦٽڻ لڳي، ته ڌنڌي سان به لڳي. اهو ڌنڌو هو ٻنين ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪرڻ، سٺو ڌنڌو هو، عزت وارو ڌنڌو هو. جي سڄي عمر چونڊا لابارا ڪري ڪري گذاري ها ته ڪر چڱو هو، پر انسان جي هر ڪا وک پنهنجي مرضيءَ تي ڪا نه کڄندي آهي. ائين جيڪا سندس ٻي وک کڄاڻي، انهيءَ ۾ هوءَ آسپاس موجود شراب خانن، جوا خانن ۽ چڪلن جي نيٽ ورڪ ۾ وڃي ڦاٿي. پهرئين ته هوءَ شراب خانن جي ڪِن کي صاف ڪرڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳي، پوءِ شراب خانن ۾ بار گرل بڻجي ماڻهن کي شراب پيارڻ لڳي. ناچ سندس انگ انگ ۾ شامل هو، سو نيٺ بار ۾ نچڻ شروع ڪيائين. سندس ناچ ۽ سندس سونهن ڏسڻ لاءِ آسپاس مان ڪئين فوٽو گرافر اچڻ لڳا. دل جي اڇي اجري ۽ سادي سودي مايا اينجليو ٺيٺ وڃي شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿي، جيڪو تر جو وڏو دلال هو. ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڇا جو. ائين هيءَ ساده دل ڇوڪري ڪچي وهيءَ ۾ ئي ڪال گرل عرف طوائف بڻجي وئي. در در ڀيٽيندي هوءَ پيٽ سان ٿي وئي. کيس پٽ ڄائو، پر پيءُ ڪير هو؟ اها نه کيس خبر رهي، نه پٽس کي خبر پئي ته هو ڪهڙي پيءُ جو پٽ آهي؟ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟ انهن سڀني سوالن جي جواب ۾ مايا اينجليو پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي انهيءَ پٽ گاءِ جانسن (Guy Jhonson) جي نالي منسوب ڪيو آهي. وقت وقت جا ڦيرا آهن، وقت ڦريو ته مايا اينجليو اداڪاره بڻي، پوءِ پهرئين اسٽيج جي ۽ پوءِ ٽي وي ڊرامه نگار بڻي، تنهن کانپوءِ شاعره بڻي، انهيءَ کانپوءِ آفريڪا ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ سرگرم ٿي، بنيادي انساني حقن جو جهنڊو هٿ ۾ کنيائين، پر جڏهن پهرئين آمريڪا ۾ پوءِ آفريڪا ۾ آزاديءَ جي وڏن وڏن ليڊرن جي ساٿ ۾ رهي، ته کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو ته انهن نام ڪٺين مان ڪجهه به نه ورڻو آهي ۽ انهن ترن مان تيل نڪرڻو ناهي، کين آزاديءَ جي بدران مايا اينجليو ٿي کتي، کين جمهوريت جي بدران ڊڪٽيرشپ ٿي کتي.کين آفريڪا جي غريب عوام جي ڀلي بدران غير ملڪي دورا ۽ شهرت ٿي کتي. کين عوام جي سک جي بدران پنهنجن بيڊ رومن جو سک ٿي کتو. اهو سڀ ڪجهه ڏسي وائسي، توري تڪي ۽ پرکي اچي آمريڪا جا وڻ وسايائين ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ لڳي وئي. هن آتم ڪٿا کانسواءِ سندس 9 عدد شاعريءَ جا ڪتاب ۽ هڪ عدد مضمونن جو ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ وچ ۾ هوءَ آمريڪا جي صدر ڪلنٽن جي صلاحڪار به رهي. سندس کاتو هو آفريڪي ملڪن جي غريب عوام کي امداد ڏيڻ. هن وقت هوءَ خيرن جي نارٿ ڪيرولينا جي ويڪ فاريسٽ يونيورسٽي ۾ رينالڊ پروفيسر آهي، يعني پروفيسرن جي به پروفيسر. هن ملڪ ۾ ته پروفيسرن جي ذهني ليول جا حال ته نه پڇو، پر آمريڪا ۾ جڏهن وائيٽ هائوس جو ڪو ذهين وڏو وائيٽ هائوس مان نڪرندو آهي ته اهو ترقي ڪري پروفيسر بڻجي ويندو آهي، پوءِ اهو صدر ڪلنٽن هجي يا هينري ڪسنجر هجي يا وري مايا اينجليو هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي مايا اينجليو جي سڄي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته پوءِ ته سڄي آتم ڪٿا پڙهڻي پوندي. هيءَ حياتي ڏاڍي عجيب آهي، ڪير ڪٿان ڪيئن وڌي وڻ ٿو ٿئي، انهيءَ جي ڪا به خبر نٿي پوي. رب جي هن جوڙيل جوڙ ۾ الائي ڇا ٿيندو ٿو رهي، اهو حيرت جو هنڌ آهي. ڀائو انهيءَ ڪري ٿا چئون ته وڏي هام نه هڻجي، وڏائو نه ڪجي، اک پور نه ٿجي، ڏٺي مان به ڪجهه ڏسجي. بهرحال وري به وٺ وهنديءَ کي، يعني ڪتاب کي. هن ڪتاب جا جيڪي ڇهه جلد آهن، اهي هن ريت آهن؛

1. I know why the Caged Bird Sings

2. Gather to gether In My Name

3. Singin swingin Merry Like Christmas

4. All God’s Children Need Traveling Shoes

5. The Heart of Women

6. A song Flung Up to the Heaven

انهن ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا جا ايترا ته گهڻا رخ آهن، جو انهن کي سمجهڻ لاءِ اکر اکر چپي پڙهڻو پوندو، تڏهن وڃي ڳالهه ڊول ۾ وهندي. ٻئي ڳالهه ته هي ڪتاب انگريزيءَ جي آفريڪن آمريڪن لهجي ۾ لکيل آهي، سو به ڳالهائي ويندڙ ٻولي  (Spoken Language) ۾، تنهن ڪري سندس ڊڪشن ڏاڍو سگهارو آهي. ٽئي ڳالهه ته، هن ڪتاب ۾ ايترو ته اگهاڙو سچ لکيل آهي، جو انهيءَ کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪبو ته اسان جو منافق معاشرو ڪڏهن به قبول ڪو نه ڪندو، انهيءَ ڪري هن ڪتاب مان جيڪي ڪجهه جملا هتي ترجمو ڪبا، انهن تي مترجم کي سيلف سينسرشپ هڻڻي پوندي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ايتري وسيع آهي جو رمز ۾ ڳالهه ترجمو ڪري سگهجي ٿي. هتي اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته، ڪجهه سال اڳ هن ڪتاب جا پهريان ٻه جلد لاهور جي مارڪيٽ ۾ ملندا هئا، پر هاڻي ڪو به جلد ملڪ جي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي، انهيءَ ڪري هيءَ سڄي جو سڄو ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر هٿ هڻڻو پوندو، بهرحال حال پريان نال ٿي وڃن ٻه ٻه ڌڪ.

.زندگي سستي هئي ۽ موت آزاد هو.

 ڪنهن به قسم جي بيان جي سچائي مٺ ۾ قابو ٿيل آلي رومال وانگيان هوندي آهي، جنهن مان آلاڻ وهي جيئن جيئن منهنجي مٺئي ۽ ڪرائين کي آلو ڪندي ويندي آهي، تيئن تيئن ڏسندڙ تيزيءَ سان انهيءَ سچائيءَ کي قبول ڪندا ويندا آهن، پر آئون جڏهن مٺ کوليندي آهيان، کلي هوا منهنجي ترين کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي آهي. آئون سچ ڪوڙ جي چڪر مان آزاد ٿي ويندي آهيان.

.انهيءَ رات کانپوءِ هر رات مون لاءِ دشمن جو علائقو بڻجي وئي.

.انسان جي ڄاڻ هاڻي خرچ ڪرڻ جوڳي ڪرنسي بڻجي وئي آهي، پوءِ اهو مارڪيٽ تي ڇڏيل آهي ته ڪيترو ٿي اگهه ڪري.

.سنگيت ئي منهنجي سام جهلي، جڏهن به آئون ڪا ڌن ٻڌندي آهيان ته پنهنجي تنهائيءَ کي پٺ ڏيئي بيهي رهندي آهيان.

.سنگيت منهنجي جسم تي ائين فٽ ٿي ويندو آهي، جيئن درزيءَ جو ڪو تازو سبيل جوڙو.

.ڪنهن صاحب وڏي جي حاضري ڀرڻ ۾ ايتري وڏي قيمت ادا ڪرڻي ڪا نه ٿي پوي، جيڏي وڏي قيمت پنهنجو مان ۽ شان رکڻ لاءِ ادا ڪرڻي ٿي پوي.

.مون ته ڪڏهن به ڪنهن به گوريءَ کي ايترو اڪيلو ڪو نه ڏٺو آهي، جيترو انگريزي ادب ۾ لکيو ويو آهي. گورا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن ته ڪارا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن، باقي ڪاري رنگ واري عورت ته گورن توڙي ڪارن مردن جي خدمت ۾ پوري هوندي آهي.

.ڇوڪريءَ جي مرڪ ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو ظلم جي به چيلهه ڀڃي ڇڏي.

.جيستائين سندس رڙيون بند ٿيل در دريون ڀڃي ڪنهن تير وانگيان منهنجي دل ۾ چڀنديون رهيون، تيستائين منهنجا لڙڪ به جواب طلبيءَ لاءِ بيهي رهيا ۽ ڳلن کان هيٺ نه ڪريا.

.ڪنهن سان گڏجي کلڻ ۾ ۽ پيار ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.

.آرٽ منهنجي ڍال آهي ۽ حق منهنجو تير ڪمان آهي.

.هوٽل جا ڪمرا ائين هوندا آهن، جيئن ڪو بنا پيار جي گهر هجي.

.ايلاگربر جون نگاهون منهنجي ٽنگن جي ڊيگهه، منهنجي مغز جي سائيز ۽ منهنجي ڏات جو وزن ماپڻ لڳيون.

.پيار تي به اگهه جي چٽڪي لڳل هوندي آهي.

.ننڍڙي ٻار جي اغوا ۽ پوءِ خون جي خبر پڙهي مون کي لڳو ته سج آسمان تان کسڪي ڪري پيو آهي، چنڊ ڳري رت بڻجي ويو آهي ۽ زمين سمنڊ جي ڪنهن ڪاري ڪٺور وير وانگيان چاڙهه کائي ٻوڙ ٻوڙان ڪري رهي آهي.

.بيٽ جنريشن جي ليکڪ جيڪ ڪيرويي جو ڪتاب  On the Road هن سال جو مقبول ترين ڪتاب آهي، انهيءَ ڪتاب جو عنوان ئي اسان جي قومي نفسيات جي ذري پرزي جي تشريح ڪري ٿو. اسان سفر ۾ ته رهندا آهيون پر اسان کي نه ته اها خبر هوندي آهي، ته اسان جي منزل ڪهڙي آهي ۽ نه ئي وري اهو پتو پوندو آهي ته ڪٿي ڪڏهن پهچڻو آهي.

.ندگي وڏي ڪتي شيءِ آهي، جيڪا ڦيرين ۾ آهي.

.چرچن گهٻن ۾ جان نه رهي آهي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ عزت نه رهي آهي.

.ادبي ويهڪ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته لکڻ جو فيصلو ڪرڻ ائين آهي، جيئن برف ٿي ويل ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ.

.نچندي نچندي سوچيم ته، آئون نچي ڪري ماڻهن کي مرڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي بدران ڇو نه لکي ڪري کين مرڪڻ جي بدران سوچڻ تي مجبور ڪريان.

.مون سندن مهرباني مڃي ۽ ٽئڪسيءَ تي چڙهي ويٺيس، مون وٽ ڳريون ڳريون بيگون هيون، پر انهن ڳرين بيگن کان به وڌيڪ ڳرو منهنجو نئون احساس جرم هو، پوءِ به الائي ڇو ٽئڪسي هلي پيئي.

.مرد انڌا ٿيا آهن، جو پنهنجو پاڻ کي اڪيلي ٿي سمجهين.

.مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان ماڻهو ڪنهن مرڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇو موڪلائيندا آهيون.

.جيڪڏهن لنڊن ۾ تو کان ڪو گورو مرد پڇي ته، ”ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ ته جواب ڏجان، ”تون هيستائين ڪٿي هئين“؟ ائين چئي رواني ٿي وڃجان.

.مون کي جڏهن به ڪا ڳڻتي اچي کڻندي آهي ته اها ڳڻتي پگهر جي ڦڙن جي صورت ۾ منهنجي هٿ جي تريءَ تي پکڙجي ويندي آهي، جڏهن آئون اهي پگهر جا ڦڙا اگهي ڇڏيندي آهيان ته وري هٿ جي تريءَ تي مِڙي ايندا آهن.

.آفريڪي ملڪن جي انقلابي ليڊرن کي چئنج نه پر ايڪسچينج کپندي آهي.

.ڪامورا وات مان ڳالهائڻ جي بدران ڪرسيءَ مان ڳالهائيندا آهن.

.سندس مرڪ ۾ ايڏي گرما گرمي هئي، جو مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽيءَ تي موجود برف به ڳري وڃي.

.انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڀاڳ ۽ نڀاڳ ٻکو ٻک ٿي هلندا آهن.

.حقيقت ڪري پڇو ته مايا اينجليو جا جيڪي جابلو نئين وانگر ڪڙڪندڙ جملا مون کي ترجمو ڪرڻا هئا، سي ڪري نه سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته سچائي هضم ڪرڻ اسان ماڻهن لاءِ ڏکي آهي. فڪري آزاديءَ جو نعرو هڻڻ سولو آهي، پر فڪري آزاديءَ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي، تنهن ڪري مون سندس اهي جملا کنيا آهن، جيڪي سينسرشپ جي ڪهاڙيءَ کان بچي وڃن.

.رهي ڳالهه هن ڪتاب جي قيمت جي، ته انهيءَ لاءِ عرض ڪري ڇڏيان ته جن ماڻهن وٽ مال پاڻي جام آهي، اهي هي ڪتاب وڏي آسانيءَ سان خريد ته ڪري سگهن ٿا پر پڙهڻ کان لاچار هوندا آهن، جن کي وري ڪتاب پڙهڻ جي عادت هوندي آهي، انهن جا کيسا خالي هوندا آهن، سندن گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي. صفحن جي تعداد تي اچبو ته وري اها ڳالهه سامهون ٿي اچي ته، انساني زندگيءَ جي صفحن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاهر هوندو آهي، اهو به مايا اينجليو جي زندگيءَ جو.

لوڪ ڪهاڻين ۾ آزاديءَ جو تصور

جمع  2 مئي 2008ع واري ڪاوش ۾ عبدالقادر جوڻيجو جو ڪالم

جيڪڏهن دنيا جهان جي هاڪاريل شاعريءَ تي وڏي ڳڻ ڳوت ڪري نظر وجهجي ته ماضيءَ ۾ ايترا ڪيئي شاعر ٿي گذريا آهن، جن مختلف ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي کڻي، انهن کي بنياد بڻائي شاهوڪار شاعري ڪئي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن اسان موجوده دور جي اعليٰ سنڌي شاعريءَ جو به جائزو وٺنداسين يا سنڌي شاعري کي رڳو اک مان ڪڍنداسين ته هِن دور جي ٽن غير معمولي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز (مرحوم)، امداد حسيني ۽ حسن درس جي شاعريءَ ۾ به اسان کي ڪٿي ڏندڪٿائن ته ڪٿي لوڪ ڪٿائن جا ڪردار ڳائبا وڄائبا نظر ايندا. ظاهر آهي ته لطيف سائين شاعري جي دنيا ۾ وڏي رِپَ آهي ۽ سندس شاعري جا ڪيئي رخ ۽ تهه آهن.

لطيف سائين جي گهڻ رخي ۽ معنويت سان ڀرپور شاعري کي جڏهن حال سارو پڙهجي ۽ سمجهجي ٿو ته سندس شاعري ۾ ست سورميون ملن ٿيون، جيڪي ستن لوڪ ڪهاڻين جون مک ڪردار آهن. لوڪ ڪهاڻين جي انهن ڪردارن کي بنياد بنائيندي لطيف سائين ڪئين رمزون رکيون آهن، يا ٻين لفظن ۾ اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته اهي ڪردار لطيف سائين شاعري ۾ علامتن (Symbols) جي صورت اختيار ڪري گهڙيا آهن.

لطيف سائين جي شاعري ۾ سندس دور جي عوامي سماجي تاريخ ته ڪڍي سگهجي ٿي، سائين ابراهيم جويي انهي سلسلي ۾ ڪم به ڪيو آهي ۽ اهو ڪم اڃا به ڪرڻ گهرجي، پر لطيف سائين جي شاعري مان جيڪڏهن دربارن، بادشاهن ۽ حڪمرانن جي تاريخ ڪڍبي ته پوءِ وڃي اوجهڙ ۾ پئبو. ائين ئي جيڪڏهن اسان جا ڪي دوست لطيف سائين جي رمزيت کي ڇڏي لوڪ ڪهاڻين سان رڳو ڪنهن ڪردار کي حقيقي تاريخ بڻائي، انهيءَ جو اصل نسل ڪڍندا ته هڪڙي پاسي لطيف سائين جي معنويت کي ڌڪ لڳندو ته ٻئي پاسي خود ڪردار به پنهنجي معنيٰ وڃائي وجهندو ۽ ٽئي پاسي اها شاعري پڙهندڙ به مُنجهي اوليت کي ڇڏي ثانويت تي وڃي ڪرندو. اڄ ٻين لوڪ ڪردارن کي ڇڏي ماروئي جو لطيف سائين جي حوالي سان ذڪر ڪبو ته تاريخ ڇا آهي ۽ لوڪ ڪهاڻي ڇا آهي.

لطيف سائين جي شاعري ۾ جيڪڏهن اسان مارئي جو اصل نسل ۽ تاريخ ڪڍنداسين ته پوءِ ڪجهه قصو هن ريت وڃي بيهندو ته لطيف سائين وٽ هڪڙي هنڌ مارئي پنهنجن مائٽن کي ”مارو“ سڏي ياد ڪندي اچي ٿي، ٻئي هنڌ مائٽن طور ”ساهڙ“ پڪاريندي نظر اچي ٿي، ٽئي هنڌ مارئي جا مائٽ ”ويڙهيچا“ نظر اچن ٿا ۽ چوٿين هنڌ مارئي پنهنجا مائٽ ”سانگي“ سڏي ٿي. ٻئي پاسي حقيقت اها آهي ته ”مارو“ ريٻاڙين جي نک آهن، ”ساهڙ“ وري نهڙين جي نُک آهن، ”ويڙهيجا“ جوڻيجن جي نک آهن، (هيءُ بندو به ويڙهيچو جوڻيجو آهي) ۽ ”سانگي“ وري ابڙن جي نک آهن (جمال ابڙو مرحوم به سانگي ابڙو) انهيءَ حساب جيڪڏهن اسان تاريخ ۾ هٿ هٿ هڻندي مارئي جي اصل نسل کي ڏسنداسين ته مارئي هڪ ئي وقت چئن ذاتين جهڙوڪ ”ريٻاڙين“، ”نهڙين“، ”جوڻيجن“ ۽ ”ابڙن“ جي ڄائي نظر اچي ٿي. ظاهر آهي ته سنڌ جو وڻ وڻ ووڙيندڙ لطيف سائين کان ڪي اهي ذاتيون ڳجهيون ته نه رهيون هونديون. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته ڪنهن هڪ عورت جون چار ذاتيون ٿي ئي نٿيون سگهن، پوءِ به جو لطيف سائين مارئي جون چار ذاتيون ڄاڻايون آهن ته معنيٰ ته لطيف سائين انهي ۾ ڪا رمز رکي آهي ۽ مارئي کي رمز جو اهڃاڻ (Symbol) بڻائي پيش ڪيو آهي.

لطيف سائين جي شاعري ۾ جيئن ”سسئي“ لاڳيتي جدوجهد جو اُهڃاڻ آهي، جيئن ”سهڻي“ همت جو اهڃاڻ آهي، جيئن ”نوري“ غير طبقاتي معاشري جو اهڃاڻ آهي ۽ جيئن ”ليلا“ لوڀ لالچ جو اهڃاڻ آهي، ائين ئي ”مارئي“ آزادي جو اهڃاڻ آهي.

پر هتي وري سوال اٿي ٿو ته مارئي جو ڪردار ڪهڙي آزاديءَ جو اهڃاڻ آهي. ظاهر آهي ته اها ڪا هڪڙي آزادي ناهي، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين تهه در تهه گهڻ پاسائون شاعر آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿي سگهي ٿو ته لطيف سائين الائي ڪيترا سال اڳ ڪائنات (Cosmos) جي اها ئي ماهيت بيان ڪئي آهي، جيڪا هن دور جي فزڪس جي سائنسدان ڪارل ساگان مرحوم ناسا جي آمريڪي سائنسي اداري ۾ ويهي ڪائنات تي دوربينيءَ کان وٺي سـُپر ڪمپيوٽر تي ريسرچ ڪندي پنهنجن ٻن ڪتابن هر هڪ ”Billions and Billions“ ۽ ”Cosmos“ ۾ بيان ڪئي آهي. اهڙي ساڳي طرح لطيف سائين جي شاعري ۾ هن دور جا جديد ادبي رويا جهڙوڪ Sur-Realism ۽ Existentialism کان وٺي Dirty modernism تائين ملن ٿا. ظاهر آهي ته اهڙي دور رس شاعر وٽ به آزادي جا به گهڻا قسم ملڻ گهرجن.

مارئي جي ڪردار ۾ موجود انهن آزادين ۾ پهرين جيڪا آزادي ملي ٿي، اها آهي شخصي آزادي پر اها شخصي آزادي ڇڙواڳي ناهي. چون ٿا ته هڪڙو انگريز پنهنجي شهر جي فوٽ پاٿ تي نيٽ گهمائيندو پئي ويو، ڇاڪاڻ جو اها سندس شخصي آزادي هئي پر هلندي هلندي اهو نيٽ وڃي ٻئي انگريز جي نڪ کي لڳو ته اهو ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڇنڊ پٽيائين، جنهن تي نيٽ واري کيس چيو ته، ”نيٽ گهمائي هلڻ منهنجي شخصي آزادي آهي.“ تنهن تي ڪاوڙيل همراهه کيس چيو ته ”ميان تنهنجي شخصي آزادي“ جي حد منهنجي نڪ تائين آهي، منهنجي نڪ کان پوءِ منهنجي شخصي آزادي شروع ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته لطيف سائين مارئي جي ڪردار جي صورت ۾ جيڪا شخصي آزادي بيان ڪئي آهي، اها هڪ اهڙي قسم جي آزادي آهي، جيڪا ٻئي جي آزادي جو حق نه ماري.

ٻئي آزادي آهي ”سماجي آزادي“ جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪو به سماج ريتين ۽ رسمن ۾ ايترو ڦاٿل نه هجي، جو فرد جا حق واسطا ختم ڪري کيس ريتن رسمن جي سـنگهرن ۾ ٻڌي غلام بڻائي ڇڏي ۽ اهو غلام سماج جي ڏاڍ جو شڪار ٿيندو رهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو آزاد انسان ٿيڻ بدران رموٽ ڪنٽرول تي هلندڙ روبوٽ بڻجي وڃي. ويهارو سال کن اڳ محترمه بينظير ڀٽو شهيد هيرالڊ رسالي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته، ”سماج جا علائقا نه ٿيندا آهن.“ سو اسان وٽ به سماج جا ڪيترائي تهه اهڙا به آهن، جن ۾ اڃا تائين فرد سماج جي ريتين رسمن جو غلام بڻيل آهي. لطيف سائين ڪيترائي سال اڳ مارئي جي ڪردار جي حوالي سان اها ڳالهه ڪئي آهي.

ٽئي آزادي آهي ”فڪري آزادي“ ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هر معاشري ۽ هر ملڪ ۾ ٽه طرفي فڪري آزادي هئڻ کپي. مطلب ته حڪومت طرفان لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي پنهنجن خيالن جي اظهار جو حق هجي. پوءِ اها ڳالهه حڪومت کي وڻي يا نه وڻي. اهڙي ساڳئي طرح هر فرد تي اهو فرض قائم ٿو ٿئي ته اهو ٻئي فرد جا چپ سبڻ جي ڪوشش نه ڪري. هن وقت اسان حڪومت کان ته فڪري آزادي گهرون ٿا، پر هڪ ٻئي کي اها آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون. پر انهيءَ فڪري آزادي کي ڇڙواڳي سمجهي ڪنهن تي اجايا الزام نه هڻجن، فڪري بخشا بحشيءَ کي ذاتي دشمنيءَ ۾ تبديل نه ڪجي. مارئي انهيءَ آزاديءَ جو به اهڃاڻ آهي.

چوٿين آزادي آهي ”سياسي آزادي“ جنهن جو صاف صاف مطلب اهو آهي ته ماڻهن جو ڪو به اڪثريتي گروهه جيڪڏهن ڪنهن کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿو يا ڪنهن سان ڳنڍجڻ چاهي ٿو ته اها آزادي کيس ملڻ کپي. اهڙي ساڳئي طرح ڪو به اڪثريتي گروهه پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿو، پنهنجي علائقي جا حق وٺڻ گهري ٿو ته اهو انهيءَ ۾ آزاد آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن به فورم ۾ پنهنجي سياسي فڪر جو اظهار ڪري ٿو ته اهو به انهيءَ جو حق آهي. پر ڏنڊي هلائڻ جو حق نه رياست کي آهي نه حڪومت کي آهي ۽ نه ئي ڪنهن فرد کي آهي. سياسي آزاديءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبصورتي اها ئي آهي، جنهن جو لطيف سائين مارئيءَ جي روپ ۾ اظهار ڪيو آهي.

پنجين آزادي آهي ”مالي آزادي.“ مالي آزاديءَ جو ڪو اهو مطلب ناهي ته چند سرمائيدار ۽ وڏا زميندار غريب ماڻهوءَ کي ڀيلي چٽ ڪن يا دنيا جون چند ڪارپوريٽس (Corporate) سڄي دنيا کي ڦري وڃي زمين سان لڳائين ۽ ماڻهو اٽي توڙي اجهي کان محروم ٿي وڃي تري سان لڳن. پر لطيف سائين جي بيان ڪيل اها آزادي آهي عوام جي، هارين نارين جي، مزدور مڙهن جي ۽ سندن پورهئي ۽ پگهر جي ڪمائيءَ جي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هن دنيا ۾ جيڪو به جتي ماڻهو رهي ٿو، اهو مالي طور تي آزاد هئڻ کپي. مٿس ڪنهن به قسم جو مالي دٻاءُ نه هجي، جو هو انهيءَ دٻاءَ هيٺ اچي پنهنجيون ٻيون آزاديون به وڃائي وڃي رهي. هونئن به ماڻهو جڏهن مالي طور تي آزاد نه هوندو ته کائنس سندس سمجهه، معصوميت، چڱائي، ذهانت، تخليقي سگهه ۽ هاڪاري رويا ڦرجي ويندا. پيٽ خالي هوندو ۽ ٺلهو دهل وانگر پيو وڄندو. مالي آزاديءَ کي اسان شاهه عنايت شهيد جي لفظن ۾ ”جيڪو کيڙي، سو کائي“ چئي سگهون ٿا. ذهني پورهيو ڪندڙ کي اهو حق مليل ناهي ته هو جسماني پورهيو ڪندڙ کان سندس مالي آزادي ڦري وٺي. ٽيڪنوڪريٽ کي اها اجازت مليل ناهي ته هو پنهنجي ڄاڻ جي زور تي ٻين جا گهر خالي ڪري. پاڻ کي سول سوسائٽي سمجهندڙ ماڻهن کي اهو حق ناهي ته هو عوام جا حق ختم ڪن، جن ۾ مالي حق به اچي ويندا. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته چند ماڻهو پنهنجا ڀڀ ڀريو هلن ۽ غريب عوام بک مرندو وتي. مالي آزادي ته اها ئي آهي ته غريب عوام فڪرات کان آجو هجي. آئون اهو ڪو نه ٿو چوان ته لطيف سائين ڪيئي سال اڳ ڪارل مارڪس يا لينن کي اک ۾ رکيو ويٺو هو ۽ کانئن متاثر ٿيو. لطيف سائينءَ ته مارئيءَ جي واتان مختلف آزادين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جهر جهنگ رُلندي، عام ماڻهن جون حالتون ڏسندي ”مالي آزاديءَ“ جو فلسفو ڏنو آهي. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو سو چيو.

لطيف سائين سر مارئي ذريعي ”مالي آزادي“ کان علاوه ”روحاني آزادي“ جو به ذڪر ڪيو آهي. جنهن کي سمجهائڻ لاءِ ڌار مضمون جي ضرورت آهي. سو جيڪڏهن اسان لطيف جي شاعريءَ جي روح تائين پهچنداسين ته اسان کي اهو ئي نتيجو ملندو ته هن ٻين سورمين جي لوڪ ڪهاڻين سان گڏوگڏ عمر مارئي جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار مارئي جي ذريعي علم جا ڪئين در دريون کولي ڇڏيا آهن، جن کي سمجهڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه کپي ٿو.

سڀاڻي جيڪڏهن لطيف سائين جي شاعري ذريعي مارئيءَ جي ڪردار تي ڪنهن کي ڪا ويب سائيٽ ٺاهي ٻي دنيا جي ماڻهن تائين معلومات رسائڻي آهي ته انهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته مغرب ۾ توڙي ڪنهن به سڌريل ملڪ جو ماڻهو عقليت پسند آهي، انهيءَ ڪري ڳالهه اهڙي ڪرڻ گهرجي جيڪا قابلِ اعتبار هجي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ چوندا آهن To make believe it جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ٻاهران ڏاڍا ڏنگا سوال ايندا، جن جو اسان وٽ ڪو به جواب موجود نه هوندو. انهيءَ ڪري منهنجو عرض آهي ته عمر مارئيءَ جي اسٽوريءَ کي جيئن جو تيئن ويب سائيٽ تي ڇڏڻ جي بدران لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ بيان ڪيل مارئيءَ جي معنويت کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ لطيف سائينءَ جي روح کي نه رنجائجي.

پير کڻڻ جا گُرَ

خميس 06 آڪٽوبر 2005ع واري ڪاوش اخبار منجهان عبدالقادر جوڻيجو جو مضمون
 
پنهنجي پڙهندڙن جي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌي، عرض ڪندي کانئن معافي ٿي گهرجي ته ڪافي وقت کان وٺي ”ڪاوش“ اخبار جي هن صفحي مان غائب رهيس. اُميد ته اها معافي قبول پوندي.

ڳچ يارن جو خيال هو ته شايد منهنجو قلم لکڻ کان ويهي ويو آهي، پر حقيقت اها آهي ته قلم انهن ليکڪن جا ڪم ڇڏيندا آهن، جيڪي زوري ليکڪ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پاڻ سان اهو ڪو اهڙو  مسئلو ناهي، بلڪه لکڻ ته مون لاءِ ائين آهي، جيئن ساهه کڻڻ. باقي اهو سچ آهي ته لکڻ جو ڪم مسافر جي پنڌ وانگر هوندو آهي، جيڪو هلي هلي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ٿڪ ڀڃندو ۽ دم پٽيندو آهي، ۽ پوءِ وري پنڌ پوندو آهي. سو ائين کڻي سمجهو ته پاڻ به لکي لکي ٿڪ ڀڳوسين ۽ دم پٽيوسين. سو هاڻي هي لکڻ جو سلسلو وري ايستائين جاري رهندو، جيستائين وري ٿڪ ڀڃڻ ۽ دم پٽڻ جو وارو اچي.

ڪن يارن وري اهو اشارو ڏنو ته چيئرمين ”سنڌي ٻولي اٿارٽي“ جي ڪرسي تي ويهڻ کان پوءِ شايد منهنجي قلم جي بولتي بند ٿي وڃي، جو اڪثر ائين ٿيندو رهندو آهي. انهن دوستن کي عرض آهي ته ڪن ماڻهن وٽ سندن قلم ڪُرسيءَ اڳيان مجبور هوندو آهي، پر پاڻ وٽ هيءَ ويچاري ڪُرسي قلم جي اڳيان مجبور آهي. سو پاڻ جو قلم ٽي وي اسڪرين کان وٺي ڪتابن تائين ۽ ڪتابن کان وٺي اخبارن ۾ ڇپجندڙ هنن مضمونن تائين جاري رهندو. آفيس جو ڪم ڪار به ڇڪي ڪبو، ته لکڻ جو ڪم به ڇڪي رکبو. مرسون، پر گاهه نه چرسون. اُميد ته اها چٽائي به قبول پوندي. وڌيڪ جيڪو جيئن سمجهي.

”وقت“ کي رب جيءَ ذات ايڏا ته پاور ڏيئي ڇڏيا آهن، جو اڄ تائين ڪو کيس سنگهر هڻي نه سگهيو آهي، ۽  نه ئي وري هڻي سگهندو. الٽو ”وقت“ ٻي هر شيءِ کي کائيو کپايو ڇڏي. بادشاهي تخت و تاج ته ڇُٽا پر ”وقت“ ته ڪيترين ئي سائنسي ايجادن کي به لٽ ۾ لٽي ڇڏيو. ڪو زمانو هو، جو انگريزن توبن ۽ توب گولن جي زور تي، ميرن وٽان سنڌ کسي ورتي. هينئر انهن توبن ۽ توب گولن کي يا ته مٽي کائي چڪي آهي يا وري انهن توبن جو ڪو ڪَنُ پُڇ ڪنهن ميوزيم جي ڪنڊ پاڇي ۾ پيل هوندو. اڄ انهن توبن ۽ توب گولن جي جاءِ تي اهڙا ته ميزائيل اچي نڪتا آهن، جو هڪڙي کنڊ مان ڇڪي ٻئي کنڊ ۾ هڻ ته ٻيو کنڊ دڦ ٿيو پيو هوندو. ڪو زمانو هو، جو تڪڙو نياپو پهچائڻ لاءِ تار (ٽيليگراف) جي کڙ کڙ ڪم ڏيکاريندي هئي. اڄ اهڙا موبائيل فون نڪري پيا آهن، جو سنگت ساٿ سان ڳالهائڻ وقت شڪليون به ڏسو، ته ٻئي پاسي ڪئين ميل پري فوٽ بال يا ڪرڪيٽ جو ملاکڙو به ڏسو. پري نه وڃو، ڪنڪارڊ هوائي جهاز تي اچو، جيڪا تازي ايجاد آهي. پنج هزار ميل في ڪلاڪ جي  رفتار سان هلندڙ اهو جهاز به دفتر داخل ٿي ميوزيم ۾ کنڀ ٽيڙيو پيو آهي. ائين ”وقت“ ته مشين کي به موت ڏيئي ڇڏيو ۽ اڃا ڏيندو. اها ساڳئي جُٺ پيرن کڻڻ جي گُرن ۽ سائنس سان به ٿيندي پئي وڃي. آمريڪا جا ريڊ انڊين پنهنجي زماني ۾ پيرن کڻڻ جا شاهه ڪاريگر  پيري هُئا. هاڻي اُتان جا ڪجهه اسڪالر انهيءَ ڳالهه جي پويان پيل آهن ته ريڊ انڊين پير ڪيئن کڻندا هئا. پاڻ وٽ سنڌ ۾ به پيرن کڻڻ جا وڏا وڏا خفتي هئا، جن مان هاڻي ڪو داڻو ڪڻو وڃي بچيو آهي. هاڻي قصو اتي اچي پهتو آهي، جو چور ٻڪرين جو ولر يا ڍڳن جو جوڙو ڪاهي، پڪي روڊ تي پهچي ٽرڪ تي چاڙهي پاڻ به چڙهي ويهي رهندو آهي. چور ته وچ ۾ لهي ويندو آهي، پر مال وڃي وڏن شهرن جي ڪاسائين جي حوالي ٿيندو آهي. چور ۽ مال جي پيرن جي پويان پيل ويچارو پيري روڊ تي پهچي هٿ ڇنڊي، لاچار ٿي بيهي رهندو آهي. پر اڃا به ڪٿي ڪٿي سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ پير کڻڻ جا گُر موجود آهن. پر هڪ ڏينهن انهيءَ سائنس جو به خاتمو اچڻو آهي. سو پير کڻڻ جي گُرن کي به لاچار ٿي اڳواٽ ڪاغذ تي لاهڻ جو جتن ڪجي  ٿو.

منهنجو پنهنجو سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين تي وڏو اعتبار آهي، جو اهي پهاڪا ۽ چوڻيون سوين سالن جي انساني تجربي مان ڦٽي نڪتل لوڪ سائنس جا نمونا آهن. پر وقت گذرڻ ۽ علم وڌڻ سان گڏ ڪي ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون مدي خارج به بڻجي ويا آهن، پر تمام گهٽ. هڪ اهڙي ئي چوڻي آهي ته، ”هر ڪو ڄمندي ڄام نه هوندو آهي.“ پر هاڻي دماغ بابت علم (Neurology) علم نفسيات (Psychology) ۽ جينيات (Genetics) جا ماهر چون ٿا ته هر ڪو ماڻهو ڄمندي ڄام هوندو آهي. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته ڄمڻ وقت قدرت هر ماڻهو کي ڪو نه ڪو خاص گُر عطا ڪندي آهي، جيڪو انسان جي جبلتن (Instincts) ۾ موجود هوندو آهي. باقي ائين برابر آهي ته انهيءَ گُر کي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ ماڻهو جو پنهنجو، ماءُ پيءُ جو ۽ سوسائٽيءَ جو ڪم آهي. پاڻ وٽ اڃا تائين انهيءَ ڳالهه جو خيال نه رکيو ويندو آهي، تنهن ڪري ٻار قدرت طرفان ڏنل گُر تان هٽي ڪري ٻئي رستي تي هليو ويندو آهي ۽ پوءِ ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي رهجي ويندو آهي. پر جي ڪو ٻار شروع کان وٺي قدرت طرفان عطا ڪيل رستي تي چڙهي ويندو آهي ته سندس پئون ٻارهن ٿي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي ڪم جو شاهه ڪاريگر بڻجي ويندو آهي، پوءِ اهو ڪم سائنس جو  هجي يا آرٽ جو هجي يا وري ڪو ٻيو ڌنڌو. خود پير کڻڻ جي سائنس به ائين ئي انسان کي عطا ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي سندس پرئڪٽس سندس انهي گُر کي پختو ڪندي ويندي آهي ۽ هو عمر سان گڏو گڏ ويران وير وڌ ٿيندو ويندو آهي. سندس انهيءَ ڪم تي ايڏي ته توجهه هوندي آهي، جو هو ٻيا سڀ ڪم ڇڏي هر آئي وئي جا پير پيو کڻندو آهي، پوءِ اهو ماڻهو هجي، يا مال هجي يا زمين تي هلندڙ پکي هجي، يا نانگ بلا جو ليڪو هجي. ايڏو شديد ڌيان ۽ گيان کيس ايستائين پهچائي ڇڏيندو آهي جو هو ماڻهو جي يا مال جي پير ڏسڻ ساڻ، انهن جو اصل نسل ۽ ڳوٺ راڄ به سڃاڻي ويندو آهي. اهو سڄو  ڪم Instinctive (جبلتي) هوندو آهي. ته اهڙيءَ طرح پيريءَ کي پير کڻڻ وقت سندس قدرتي جبلتون ڪم ڏيکارينديون آهن. هڪڙي ڳالهه ته ٿي اها، هاڻي اچجي ٻين ڳالهين تي.

پيريءَ کي پهرئين ته اهو وقت ڳولي لهڻو هوندو آهي ته فلاڻو يا الاڻو ڪڏهين آيو ۽ ويو. چاليهارو سال کن اڳ اسان وٽ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ رات جو 2 وڳي ڌاري اڻ لکي ماڪ پوڻ شروع ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ وڌندي ويندي هئي، تان جو صبح ٿئي. جيڪڏهن ايندڙ يا ويندڙ جي پيرن مٿان ماڪ جي هلڪي پِڇَ نظر نه ايندي ته معنيٰ ته همراهه 2 وڳي کان وٺي 3 وڳي تائين لنگهيو آهي. پر جي اها پڇ ڪجهه وڌيل آهي ته پوءِ انهيءَ پڇ جي تهه مان پيري پڪ وٺندو هو ته همراهه ڪهڙي وقت لنگهيو. پر جي همراهه جي پيرن مٿان فجر جو هلندڙ پکين جا ڪٿي پير نظر آيا ته معنيٰ ته همراهه فجر جو اُتان لنگهيو آهي. ته ائين پيري پهرئين وقت جو اندازو لڳائيندو آهي. پاڻ ته هتي ڪلاڪن جي حساب سان ڳالهه ڪئي آهي، پر اصلي پيري پل پل جو حساب رکندو آهي.

       وقت جي پڪ ڪرڻ کان پوءِ پيري سڌو همراهه جي وک کڻڻ جي ڍنگ تي ايندو آهي ته اهو آڏي وک ٿو کڻي يا سڌي وک ٿو کڻي، يا وري اندرئين وک ٿو کڻي. ڀلا جي آڏي وک ٿو کڻي ته ڪيترا آڱر ٿو کڻي، يا اندرئين وک ٿو کڻي ته ڪيترا آڱر ٿو وک کڻي، يا جي سڌي وک ٿو کڻي ته ڪيترا آڱر سندس وک هيڏانهن يا هوڏانهن ٿي ٿئي. همراهه جي وک پرکڻ کان پوءِ پيري اهو به ڏسندو آهي ته همراهه ڪيتري ڊگهي يا ڇوٽي وک ٿو کڻي، جنهن مان کيس همراهه جي قد جي خبر پوندي، جو هر ماڻهو پنهنجي قد جي حساب سان اوڏي ئي وک کڻندو آهي، تنهن کان پوءِ پيريءَ کي اها به خبر پوندي ته همراهه هلڻ ۾ ڪيترو ڇڙڪ آهي، جو ڪي ماڻهو تکا هلندا آهن ته ڪي وري وچولا يا سُسُت رويءَ سان هلندا آهن.

وک کان پوءِ اچجي پير جي نشان تي.

جيڪڏهن ڪنهن همراهه جي پير جو دٻاءُ زمين تي گهڻو نظر ٿو اچي ته پيريءَ کي اهو پتو پوندو ته همراهه وزن ۾، بُت ۾ ڳرو آهي ۽ ڪيترو ڳرو آهي. پر جي زمين تي پير جو دٻاءُ گهٽ آهي ته پيريءَ کي اها خبر پوندي آهي ته معنيٰ ته همراهه بُت ۾ هلڪو آهي. جيڪڏهن همراهه جو سڄي جو سڄو پير زمين تي ٿو لڳي ته معنيٰ ته همراهه جو پير ”دڦر“ آهي، پر جيڪڏهن پير جو صرف اڳيون حصو ۽ پويون حصو زمين تي لڳي ٿو ۽ وچ وارو حصو لڳي ٿو ته پوءِ اها پڪ ٿيندي آهي ته سندس پير ”پدمڻيءَ وارا پير“ آهن. اهڙن پيرن واري ماڻهو جو بت ورندڙ هوندو آهي. اهڙو ماڻهو پٽ تي سمهي جيڪڏهن ٽنگون مٿي کڻي ورائيندو ته هو پنهنجي پير جو آڱوٺو وات تائين آڻي سگهي ٿو. ائين ئي سندس ٻانهون به ورنديون آهن ۽ ٻانهن جون ٺوٺيون اندر طرف هونديون آهن. اهڙي ساڳئي طرح ڪن جي پيرن جا پٻ زمين تي وڌيڪ لڳندا آهن، ڪن جي پيرن جون آڱريون زمين تي وڌيڪ لڳنديون آهن، ڪن جي پير جو ساڄو پاسو لڳندو آهي، ڪن جي پير جو کاٻو حصو وڌيڪ لڳندو آهي. ڪن جو پير گسڪ کائيندو آهي ۽ ڪن جو پير ڄمي لڳندو آهي. ائين پير جا ٻيا به ڪيترائي قسم هوندا آهن، جن کان اصلي پيري واقف هوندو آهي. وکن ۽ پيرن مان پيري کي اها به خبر پوندي آهي ته همراهه ڪيترو بدحواس آهي، ڪيترو ڊنل آهي، ڪيترو تڪڙ ۾ آهي ۽ ڪيترو بي خوفو آهي. پيريءَ کي اهو به پتو پوندو آهي ته همراهه ٻئي جوءِ جو آهي يا پنهنجي جوءِ جو آهي، ڪيترو جوءِ کان واقف آهي ۽ ڪيترو اڻ واقف آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته پيري وکن ۽ پيرن جي نشان مان همراهه جي جسماني ساخت سان گڏو گڏ سائيڪيءَ جو به اندازو لڳائي ويندو آهي.

ٿلهي ليکي چور ٽن قسمن جا ٿيندا آهن. (1) وهٽ يا مال جو چور. (2) کاٽڙيو. (3) اک جو چور. انهن مان سڌو سادو چور ته اک جو هوندو آهي، جو ويچارو عشق جو ماريل هوندو آهي، ۽ چالاڪ ۾ چالاڪ چور کاٽڙيو هوندو آهي، جيڪو کاٽ هڻڻ کان پوءِ پنهنجو پير لڪائيندو آهي ۽ پيريءَ کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. کاٽڙيو هڪ ته ڪافي پنڌ تائين پٺيرو هلي سگهندو آهي. هو جتان ايندو آهي ته لڳندو آهي ته اوڏانهن ويو آهي. وري جيڏانهن ويندو آهي ته لڳندو آهي ته اُتان آيو آهي. کاٽڙيو ڪن صورتن ۾ وري اها به کس ڪندو آهي ته هو پيرن هيٺان ٻوهه يا ڄار جا پن يا لئيءَ جون سنهڙيون ٽاريون پيرن هيٺان ٻُچن جي صورت ۾ ٻڌي هلندو آهي ته جيئن سندس پير ۽ وک کڻڻ جو انداز لڪل رهي. پر اصلي پيري چورن مٿان مور هوندو آهي. خود اها چوڻي به چور ۽ پيريءَ مٿان ٺاهي ويئي آهي. پيري اها صورتحال ٻڌي پهرئين ته دليل ڊوڙائيندو آهي ته پنهنجي پٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا کاٽڙيا آهن، پر جي جوءِ کان ٻاهر جو ڪو کاٽڙيو آهي ته اهو ڪٿان جو ٿي سگهي ٿو. اهي دليل ڊوڙائڻ کان پوءِ پيري يڪي رنب ۾ انهن نشانن مٿان ڊوڙندو ويندو آهي ۽ ايستائين وڃي پهچندو آهي جتان پيرن هيٺان ٻُچا ٻڌا ويا هوندا، يا جتان کاٽڙئي پٺيرو هلڻ شروع ڪيو هوندو. اُتي پهچڻ کان پوءِ کاٽڙئي جي پير، وکن ۽ وقت جي خبر پئجي ويندي. جيڪڏهن کاٽڙيو پنهنجي جوءِ جو هوندو ته پڌرو ٿي ويندو، پر جي ڪا ٻئي جوءِ هوندي ته انهيءَ جوءِ جي اصلي پيريءَ جي ڪن تي ڪاٺي لڳندي ته، ”ڀائو ٻڌاءِ، هن پٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا کاٽڙيا پاتا ٿا وڃن.“ ائين پيري ڀاءُ پنهنجي ٻئي ڀاءُ کي حقيقت ٻڌائي پاڻ لڪ ۾ رهندو ۽ کاٽڙئي جي پويان پيل پيري سندس ٻڌايل ڏسن تي چور ته ڇا چور جي ماءُ جو پتو لڳائڻ ۾ به دير نه ڪندو ۽ پوءِ ڀاڳيا انهيءَ ڳوٺ کي گهيرو هڻي ويهي رهندا ته چور پڌرو ڪيو، يا سامان جي قيمت سان گڏو گڏ پرائي گهر ۾ گهڙڻ جو ڏنڊ ڀرائي ڏيو. اڳتي سڀ ڪم ڀاڳين جو هوندو ته اهي معاملي کي ڪيئن ٿا ڇڏائين.

منگل، 27 نومبر، 2018

چَرَ تي ساکَ

ڇنڇر 09 اپريل 2005ع تي ڪاوش ۾ ڇپيل عبدالقادر جوڻيجو جو معلوماتي مضمون

       جي ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، دال مان ڦري ٿئي شِيرو ۽ پوءِ همراهه ڏاڍيون ٽاٽائيون وٺي، کيسا ڀري، هوائي جهاز ۾ چڙهي نڪري وڃي نيويارڪ يا ٽوڪيو مان ته هوائي اڏي تي ئي لهڻ ساڻ همراهه جون مُڇون داٻائو، وات ڪِٽلي، ڪنَ ڇٻا ٿيا پيا هوندا ۽ هلندي هلندي ڀَنگ ڇاڻيندو ويندو ته الائي ڪهڙي کٽيءَ کنيو، هت اچي وڏي مصيبت مان اڙيو آهيان. اهي ٻئي هوائي اڏا اجگر بلائون آهن، جتي منٽ منٽ ۾ هڪڙا هوائي جهاز اڏامن ٿا ۽ ٻيا لهن ٿا، نه ڏينهن جي خبر ٿي پوي، نه رات جي. رن وي تان ٿيندو ماڻهو جڏهين هوائي اڏي اندر داخل ٿئي ٿو ته پوءِ بس رب ئي مالڪ آهي. اندر خلقت خدا جي ايڏي ٽٽل  هوندي آهي جو اک نه ڏسي گوڏي کي. وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي. هوائي اڏي مان نڪرجي ته ڪٿان نڪرجي. اهو شڪر آهي جو هوائي اڏي اندر وک وک تي مشينون رکيل آهن، جيڪي اهو ڏَس ڏينديون آهن ته ڪنهن کي ڪٿان ۽ ڪيئن ٻاهر نڪرڻو آهي. ٻيو وڏو شڪر اهو آهي ته اُتي ٻين هوائي اڏن وانگر مشينن واريون چاڙهين جي طرز تي واٽون ٺهيل آهن، جن تي رڳو پير رکو ته پوءِ پاڻيهي اڳتي کڻيو وينديون ۽ ماڻهو ڀلي آرام سان بيٺو هُجي، پر جي اهي ماڻهوءَ کي کڻي هلندڙ چاڙهين جهڙيون مشينون نه هجن ۽ همراهه کي پنڌ ڪرڻو پوي، ته پوءِ يا سارنگي چَٽ هوندي يا فقير چَٽ هوندو. مطلب ته هلي هلي همراهه جون  جَڙهون رُلي وينديون، پر پنڌ ڪو نه کٽندو ۽ همراهه ڦَهه وڃي پَٽ تي ڪرندو. ساهه نه تو ڏٺو، نه مون ڏٺو. همراهه رب کي پرتو، پر پنڌ نه کٽو ته نه کٽو. اهڙن مصروف هوائي اڏن تي اسمگلنگ پڪڙڻ لاءِ اهڙيون ته مشينون رکيل آهن جو، ماڻهوءَ جا آنڊا گُجيون به پڌرا هوندا. پر پوءِ به چالاڪ اسمگلر انهن بلائن جي وات مان به اڇا ٿيو نڪريو وڃن. اهڙو ڪو به چالاڪ اسمگلر انهن مشينن جي وات مان ته بچي سگهي ٿو، پر خاص سکيا ورتل ۽ خاص نسل جي ڪتي جي وات مان بچي نٿو سگهي. ڪسٽم  وارن وٽ انهن مشينن سان گڏ اهڙا ڪُتا به هوندا آهن، جيڪي  اسمگلر کي پڪڙيندي دير ئي نه ڪندا آهن. ڪُتي کي رب الائي ڪهڙيون اندر جون قوتون ڏنيون آهن، جو جديد ترين مشين کي به مات ڏيو بيٺو آهي. اهڙا ڪتا پاڻ وٽ به آهن ۽ سڀني ڏٺا هوندا، جيڪي چور يا ڪنهن ٻئي ڏوهاريءَ کي پڪڙڻ ۾ پَيريُن کان به  زور آهن ته پوليس کان به زور آهن. سو جيڪڏهن ڪو ڪتو ڏوهاري پڪڙي ته اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ اعتبار جوڳي آهي.

       سو ائين ڪُتي جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته هائو ٻيلي ائين ٿي سگهي ٿو، پر هيءَ جيڪا چَرَ تي ساکَ ورتي ٿي وڃي،اها ڳالهه چڱن خاصن عقل وارن ماڻهن کي منجهائي ٿي رکي ته جيڪو ماڻهو چرَ ۾ رکيل ٽانڊن مٿان هلي ڪري به جڏهين رَت سان  ڀريل تغاريءَ ۾ پير وجهڻ کان پوءِ ٻاهر پير ڪڍي ٿو ته پير جي ترين ۾ ڪا به لِڦ نه هوندي آهي ۽ ننڍا ننڍا ڳاڙهي رنگ جا چٽا ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ نه ئي ڪو کيس پيرن ۾ ايڏو سُور ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ائين اهڙو ماڻهو ڏوهه کان آجو ٿي ويندو آهي ۽ جرڳي ۾ سزاوار نه بڻبو آهي. پوءِ اهو جرڳو اُتر سنڌ ۾ ٿيو هجي يا بلوچستان ۾. ڀلا ڀائي، ٽانڊن مٿان هلي ڪري به جوابدار جا پير ڇو نه ٿا سڙن؟ آخر اهڙو ڪهڙو جادو آهي جو ماڻهوءَ جا پير بچيو وڃن؟

       اهو هڪ وڏو راز  آهي، انهيءَ راز کي ڳولي لهڻ لاءِ ڪو اصيل ڪتو ئي ڪم ڏيکاري سگهي ٿو. انهيءَ ڪري اهو راز هٿ ڪرڻ لاءِ  هن بندي کي به اصيل ڪتو بڻجڻو پئجي ويو. ظاهر آهي ته هن بندي جو اصلي تعلق ٿرپارڪر ضلعي سان ۽ هاڻي ڄامشوري سان آهي، جتي نه ڪو جرڳو وِهندو آهي ۽ نه ئي وري ڪا چَرَ تي ساک ورتي ويندي آهي ته جيئن ڪا خبر پئجي سگهي ته انهيءَ راز پويان ڪهڙي حقيقت پاتي وڃي ٿي.

       اڄڪلهه ٽي وي جا ڪئين چئنل کلي پيا آهن ۽ مني اسڪرين تي ايڏي ته رش وڌي ويئي آهي، جو ڪو ٻيو پروگرام ته ڇا پر پنهنجو ڊرامو به رڪارڊ نٿو ڪريان. گذريل ٻن ٽن سالن ۾ پاڻ جيڪڏهن ڪا شئي رڪارڊ ڪئي آهي ته صرف ۽ صرف ڪي ٽي اين جا ڪجهه خبرناما رڪارڊ ڪيا اٿم، جن ۾ ٻه ٽي ڀيرا اهڙا ڏيک آيا آهن، جن ۾ چَرَ تي ساک ڏيڻ جا ڏيک خاص طور تي آيا آهن ۽ رڪارڊ جو سبب به اهي ئي ڏيک آهن. سو پهرين مهرباني ڪي ٽي اين جي خفتي نمائندن ۽ ڪئميرا مين جي، جن اهي ڏيک ڪئميرا ۾ قيد ڪيا. اهي ڏيک پاڻ ورائي ورائي وڊيو تي ڏٺا آهن ته جيئن اهو راز معلوم ڪري سگهجي. راز معلوم ڪرڻ جي اها چَريائي مون کي پنهنجي والد مرحوم همير عرف مريد حسين جوڻيجي کان وراثت (Genes)۾ مليل آهي، جيڪو پوليس جو خفتي آفيسر هو. تنهن کان پوءِ خود ڄامشوري ڦاٽڪ تي سڄيءَ سنڌ جي سڀني ضلعن جا ماڻهو مليو وڃن، جنهن ۾ جيڪب آباد به اچي وڃي ٿو. انهن ايندڙ ويندڙ مسافرن کان پڇاڻو ڪيوسين، جن ٻڌايو ته فيصلو ته سردار ڪندا آهن، پر اهڙن فيصلن تي عمل در آمد ڪندڙ ڪو مقدم هوندو آهي. معلومات جو ٽيون ذريعو اسان جو ساجد ميمڻ بڻيو، جيڪو باز وانگر هر شئي تي نظر رکندو آهي. خالص آمريڪي لهجي ۾ ڇتي انگريزي ڳالهائيندو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پلانٽيشن آفيسر آهي. سندس ڪڙڪ انگريزي ۽ ذهانت کيس نقصان پهچائيندي رهندي آهي، جو سنڌ جو اهو دستور آهي. معلومات جو آخري ذريعو پاڻ لاءِ شادي پلي ضلعي ميرپورخاص جو هاءِ پروفائيل شهزادو گوبند ميگهواڙ بڻيو، جيڪو ادب جو وڏو پڙهاڪو هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جو شاگرد آهي. ته ائين هيءُ بندو اصلي راز تائين پهچي ويو ۽ ڪُتي مان ڦري انسان بڻجي ويو.

       هاڻي ڳالهه ائين وڃي ٿي بيهي ته اوهان ڏوهي هجو يا بي ڏوهي، ٻنهين صورتن ۾ اوهان کي مقدم سان واسطي ۾ اچڻو پوندو. پوءِ اوهان مقدم جو کيسو گرم ڪريو يا ڪنهن اهڙي سنگت ساٿ کان سفارش ڪرايو، جنهن کان مقدم ڪنڌ ڪڍائي نه سگهي. پوءِ مقدم اوهان کي ٻه سهوليتون ڏيندو. هڪڙي سهوليت اها هوندي ته چرَ کي ٽانڊن سان چڱي طرح ڦُسي ڀرڻ جي بدران ٽانڊن جو هڪ ئي تَهه هوندو، جنهن جي وچ ۾ رَک  واريون ٿوريون ٿوريون وِٿيون هونديون ته جيئن اوهان انهن وِٿين تي پير جون کُڙيون رکندا ٻاهر نڪري وڃو. پر پوءِ به باهه باهه ئي هوندي آهي، جيڪا اوهان جي پيرَن کي لهس ڏيئي سگهي ٿي ۽ پيرَ جي تريءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي لِڦ به ٿي سگهي ٿي. پر پنهنجيءَ جاءِ تي اها اوهان لاءِ وڏي سهوليت هوندي، جيڪا مقدم جي ڏنل هوندي. چرَ ۾ رک سان ڍڪيل وٿيون روبرو به ڏسي سگهجن ٿيون. ڀلا جي ڪو اُتي موجود ناهي ته اهو گهر ويٺي ڪي ٽي اين جي رڪارڊنگ ڏسي پڪ ڪري سگهي ٿو. مقدم اوهان کي ٻي سهوليت اها ڏيندو ته چرَ مان نڪرڻ کان پوءِ جنهن تغاريءَ ۾ پير پسائبا آهن، انهيءَ ۾ مقدم ٻئي ڪنهن جانور جو رَت وجهڻ جي بدران رسم موجب اصلي ٻاڪرو رَت وجهي ڇڏيندو، جنهن ۾ ڪا به ملاوت ٿيل نه هوندي. ٻڪري يا ڇيلي جي اصلي رَت ۾ اوهان لاءِ ڪهڙي سهوليت موجود هوندي، انهيءَ مامري تي پوءِ ٿا اچون. مقدم توهان سان صرف ايتريءَ حد تائين وَهي سگهي  ٿو، پر ٻيون به ڳالهيون ليکي ۾ اچن ٿيون، سو هاڻي اچجي ٿو ٻئي نُڪتي تي.

       جن به علائقن ۾ ساک وٺڻ جي اها رسم پاتي وڃي ٿي، اُهي علائقا سخت گرم آهن. اُتي جو عام ماڻهو سخت گير حالتن ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ هلي ٿو. اهي ماڻهو هلندي توڙي ڪم ڪندي يا ته پيرين اگهاڙا هوندا آهن يا وري جيڪو عوامي ٻروچڪو گهيتلو/جوتو پاتو وڃي ٿو. اهو پيرن کي انهيءَ سخت گرميءَ کان ايترو بچائي نٿو سگهي جيترو بوٽ يا سليپر بچائي ٿو. هونئن به اُتان جو ماڻهو  سخت حالتن ۾ ڪم ڪندو آهي. پاڻ ته اونهاري ۾ ايندي ويندي ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيءَ  مان زالين توڙي مڙسن کي ٻنين ۾ ڪم ڪندي ڏٺو آهي. ايڏيءَ سخت گرم موسم ۾ ايڏي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ انهن ماڻهن جي ئي وس جي ڳالهه آهي. ظاهر آهي ته جيڪي ماڻهو انهن حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ هلن ڦرن ٿا ته انهن جا پير سختيءَ ۽ گرميءَ جا عادي آهن. جڏهين ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقدم جي ڏنل سهوليت موجب ٺهيل چَرَ مان ساک ڏيڻ لاءِ گذرڻو ٿو پوي ته باهه جي جهڙي تهڙي  لهَس سندس سخت جان پير تي ڪو خاص اثر نٿي ڇڏي ۽ اُهو ماڻهو گهڻو ڪري لِڦن ۽ تڪليف کان ڪافي حد تائين بچي وڃي ٿو. جوابدار کي بچاءُ ٻي اها سهوليت اُتان جي موسم  ۽ ماحول ڏئي ٿو. هونئن به اها هڪ طبي حقيقت آهي ته هر ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڪافي اهڙيون جڳهيون يا ائين کڻي چئون ته مُشڪون آهن، اهڙين جڳهين وٽان جيڪي رت آڻڻ ۽ نِيڻ واريون نَسون، نبضون ۽ دماغ کي تڪليف ۽ سُور جو سگنل ڏيڻ واريون اليڪٽريفائيڊ تَنتون ويجهيون ناهن، جو انهن مان رَت وهي يا دماغ کي تڪليف جو اطلاع ڏئي ۽ ڪا تڪليف محسوس ٿئي. جسم ۾ موجود ٻين جڳهين جي گهڻي خبر ته ڊاڪٽرن کي هوندي، پر پاڻ کي ايتري خبر آهي ته اهڙيون ڪجهه جڳهيون چپن ۾ به موجود آهن. مدارين کي ته ڇڏيو، پر منهنجو پنهنجو ويڳو ڀاءُ رضا محمد ڪجهه سال اڳ چپن مان سوَڙِ سبڻ واري سُوئي مٽائي ويندو هو ۽ اها سوئي ٻنهين چپن مان پار ٿي ويندي هئي ۽ وري آسانيءَ سان ڪڍي ويندو هو. کيس نه ته سور محسوس ٿيندو هو ۽ نه ئي رَت وهندو هو. هن وقت رضا محمد  اهو تماشو ڏيکاري نٿو سگهي، جو کانئس چپن جو اهو هنڌ وسري ويو آهي، جتي کان نسون، نبضون ۽ تنتون پري آهن. چپن کان علاوه اهڙا ٻيا گهڻا هنڌ ڪلهن، ٻنڊڻن، پِنين وٽ ته پاتا ئي وڃن ٿا، پر انهن سڀني جڳهين کان وڌيڪ مضبوط جڳهه پير جي کُڙي هوندي آهي. کڙيءَ جي نه رڳو چمڙي سخت هوندي آهي پر رت جي سرشتي ۽ تنتي سرشتي کان به گهڻي پري هوندي آهي. وري جيڪڏهن جوابدار سخت موسم ۾ پنڌ ڪندڙ هجي ته اهو سونَ مٿان سهاڳو آهي. انهيءَ ڪري جوابدار ساک ڏيڻ کان اڳ چئن وڏن ۽ ڪجهه خفتين جي ڏَس تي لڳي کُڙيءَ تي هلڻ جي پريڪٽس ڪندو آهي. اها پريڪٽس کيس ٽانڊن مٿان هلڻ وقت ڪم ايندي آهي. ڇاڪاڻ ته کُڙين تي باهه جو اثر  گهٽ ٿيندو آهي. اها سهوليت هڪ طرف قدرت طرفان مليل هوندي آهي ۽ ٻي سهوليت جوابدار پاڻ پريڪٽس ڪري پيدا ڪندو آهي. ائين اها سهوليت جوابدار کي ڪم ڏيندي آهي. آغا خان يونيورسٽيءَ جي نيورالاجي (دماغ بابت علم) شعبي جي هيڊ ۽ بين الاقوامي شهرت رکندڙ هِڪ ٽِڪ نيورالاجسٽ ڊاڪٽر شاهد مسعود بيگ جو چوڻ آهي ته جيڪي به ماڻهو سخت قسم جي جاگرافيائي حالتن ۽ سخت گير معاشرن ۾ رهن ٿا، انهن مان اڪثر ماڻهن ۾ ڌَڪ پچائڻ جي دماغي سگهه (Resistance Power)پاتي وڃي ٿي. اها دماغي سگهه عام ماڻهوءَ لاءِ ته هڪ جادوئي حقيقت يا ڪا ڪرامت هوندي، پر ڪنهن به دماغي ماهر جي اڳيان هڪ عام قسم جي سائنسي حقيقت آهي. هيءُ بندو اهو مامرو سولائيءَ سان سمجهائي سگهي ٿو ته ائين ڇو آهي، پر پوءِ ڳالهه ڊيگهه کائي ويندي ۽ اصل ڳالهه کان هٽي وينداسين. انهيءَ لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن جوابدار ۾ اها دماغي سگهه موجود هوندي ته بنا ڪنهن ٻي سهوليت جي، بنا ڪنهن سُور تڪليف جي، چَرَ مان اڇين ڪڇين نڪري ويندو. ته ڪافي اهڙا ڪيس پاتا وڃن ٿا ۽ جوابدار جند ڇڏايو هليو وڃي. ائين هڪڙو سبب اهو به آهي.

       هاڻي اچجي عام ۽ وڏي ڌَڪ تي، جيڪو جوابدار استعمال ڪري ٿو. ڪافور جو نالو هر ڪنهن ٻڌو آهي، انهيءَ ڪيميڪل کي ڪيمسٽريءَ وارا Camphor  چون ٿا، جنهن ۾ Nolatile قسم جي خاصيت هوندي آهي. جيڪڏهين سولي سنڌيءَ ۾ ڳالهه ڪجي ته ڪافور به اسپرٽ، پئٽرول يا ٻئي ڪنهن اهڙي مادي وانگيان آهي، جيڪو هوا ۾ تحليل ٿي ويندو آهي. هن ڪيميڪل يعني ڪافور جا جيڪي جسم تي اثرات پون ٿا، اُهي آهن خارش ۽ سُور  کان بچائڻ ۽ باهه جي ساڙَ توڙي ٻين اثرات کان بچائڻ ۽ جسم تي لِڦون پئدا ٿيڻ کان روڪڻ. ڪافور باهه جي گرميءَ  جي تڪليف کي گهٽ ٿو ڪري. جيڪي مداري باهه سان کيڏندا آهن ۽ ماڻهن کي حيران ڪندا آهن، اهي به اصلي  ڪافور هٿن تي يا مُنهن تي هڻي ڇڏيندا آهن. ائين ئي جوابدار ساک ڏيڻ لاءِ چَرَ ۾ گهڙڻ کان اڳ پيرن ۽ ٽنگن تي ڪافور  هڻي ڇڏيندو آهي، جيڪو  پيرن ۽ ٽنگن تي هڪ قسم جو تَهه (Layer) ٺاهي ڇڏيندو آهي. پوءِ جڏهن هو چرَ ۾ گهڙندو آهي ته کيس ڪا گهڻي تڪليف نه ايندي آهي. ٿوري ٿوري تڪليف ايندي اٿس. ٻئي پاسي ڪافور جو اهو تَهه نه لِڦ پيدا ٿيڻ ڏيندو آهي ۽ نه ئي وري پيرن ٽنگن کي باهه جي لهس ايندي آهي ۽ سڙيل هنڌن تي صرف ڳاڙها ننڍڙا چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ائين جوابدار  پار پئجي ويندو آهي. رهيل ڪمي تغاريءَ ۾ پيل اصلي ٻاڪرو رَت پوري ڪندو آهي. ٻاڪري رَت ۾ Fibrin نالي هڪ پروٽين پاتو وڃي ٿو. Fibrin نالي پروٽين جي خاص خاصيت اها آهي ته  ٻاڪري رَت ۾ موجود Fibrin باهه لڳڻ وقت يا باهه لڳڻ کان ستت ئي پوءِ جسم جي سڙندڙ يا سڙيل حصي مٿان Coagulate ٿي ويندو آهي. مطلب ته Fibrin جسم تي ڄَمي هڪ ٻيو تَهه(Layer) ٺاهي ڇڏيندو آهي، جيڪو باهه جي مختلف اثرات کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ئي جوابدار جي پيرن جي تَرين کان وٺي مُرين تائين Fibrin ڄمي ڪري بچائي وٺندي آهي. ائين آخري مرحلي ۾ ڪافور ۽ Fibrin ڪم ڏيکاريندا آهن ۽ جوابدار کي بچائي وٺندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مقدم تغاريءَ ۾ ڪو ڳاڙهو رنگ وغيره وجهڻ جي بدران اصلي ٻاڪرو  رَت وجهندو آهي.

       باقي جيڪڏهن ڪو شريف ۽ معصوم ۽ بي قصور ماڻهو ڪنهن اهڙيءَ هَچا ۾ ڦاسي جوابدار بڻجي ٿو، نه وٽس ڌَڪ پچائڻ جي دماغي سگهه آهي، نه ئي وري هو اهڙيون اٽڪلون ڄاڻي ٿو ۽ هو صرف ايتري ڳالهه ڄاڻي ٿو ته جيئن ته پاڻ بي ڏوهي آهي، تنهن ڪري کيس چرَ ۾ ڀريل ٽانڊا ڪجهه به نه ڪندا، ته ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو ته بي ڏوهي هوندي ڪري به پير يا ٽنگون ساڙائي ويهي رهندو. ڪنهن بي قصور ماڻهوءَ جي سڙي وڃڻ جي ڳالهه ته هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي، پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ماڻهو بچي ڪيئن ٿو، سو جو قصو لکي ڇڏيوسين.

       جڏهن پڙهيا لکيا ۽ فر فر انگريزي ڳالهائيندڙ سردار به چرَ تي ساک وٺڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ ساک به وٺن ٿا ۽ مٿان وري اسان جا ماڻهو اهڙين ڳالهين تي رد قد ڏيڻ جي بدران مڃي ويهي رهن ٿا ته اها ته هڪڙي ڏک جي ڳالهه آهي. وڌيڪ ڏک تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن اهڙا سردار سياسي ليڊرن طور تي مڃيا وڃن ٿا. هي ته هڪڙو وڏو عتاب آهي، جيڪو اسان ماڻهن مٿان ٽٽل آهي. انهيءَ تي مُنهن مٿو پٽڻ کان سواءِ ٻيو ڀلا ڪري به ڇا سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو انصاف آهي ته پوءِ انصاف الائي ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي.

       ظاهر آهي ته اسان طرفان ڪنهن کي چئلينج ته نٿو ڪري سگهجي، پر سڀاڻي ملڪ جو ڪو سگهارو ماڻهو اهو چئي وجهي ته بابا فلاڻا سردار! مون کي گهانا مان يا سائبيريا مان ڪنهن عورت جي مائٽن اها دانهن  ڏني آهي ته تو وائيٽ هائوس جي اڳيان سندس 70 سالن جي مائٽياڻيءَ سان زوري ڪئي آهي. هاڻي اچي اسلام آباد ۾ چرَ تي ساک ڏي. اها چرَ ڪمانڊو کوٽي ٽانڊن سان ڀريندا ۽ مقدم ماهر وڪيل اعتراز احسن هوندو يا ڪو ٻيو اهڙو امين. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ته ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ رهندڙ ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيءَ ۾ گهمندڙ نازڪ ۽ نفيس پيرن وارو سردار بي ڏوهي هوندي ڪري به ٻئي ٽنگون وڃائي ويهي رهندو. ڇا ڪو سردار اهڙي ڳالهه مڃيندو؟ ڀلا جيڪڏهن نه، ته پوءِ ٻين غريبن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي.

       هيءُ آهي اسان جو ايڪويهين صديءَ ۾ حال. ڏيو منهن.