اتوار، 26 فروری، 2012

ڪولهڻ


پٿر ڍوئيندي ڪولهڻ سوچو
سارو جڳ تغاري آهي

نماڻو سنڌي

سائين مئيڪش سومرو جي فيس بوڪ پروفائيل تان چورايل۔۔
ساڳي تصوير جي ڪمينٽس ۾ "وير جي ڪوهلي" جي پاران ونڊ ٿيل هيٺيون شعر به پڙهو۔۔۔


 هو جا ڪولهڻ ڪارڙي، وڪڻي ويٺي پن
ٻار تنهن جا ٻوه ۾، ڪيهون ويٺا ڪن
آڻي ڪٿان ان، ڪري پورائو پيت جو...



سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن


سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!

شاهہ


ہفتہ، 25 فروری، 2012

ڳاڙهي ٿئي يا ڪاري


منهنجي ڳوٺ جي ناري
ڪا ور واري ڪا ڪنواري
اهو آهي وڏيري وس ۾
ڳاڙهي ٿئي يا ڪاري 


From Facebook profile of
Murad Ali Shah Bukerai

جمعہ، 24 فروری، 2012

نم جو وڻ: لوڪ ڏاهپ جي آرسيءَ ۾

سنڌ ۾ چوڻي عام آهي؛ “نم جون ڇانئون، مائرن جون دعائون”. نم، تازو سرڪار جي نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ جو قومي يا سرڪاري وڻ قرار ڏنو ويو آهي. نم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي ٿو. ان جي اصل وطن لاءِ جي نيٽ سان رابطو ڪبو ته ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ اولهه آفريقا جهڙا ملڪ ملندا. ان لحاظ سان نم کي سنڌ جو سنٿالن ۽ دراوڙ لوڪن وانگر اصلوڪو مقامي وڻ چئي سگهجي ٿو. هي وڻ گهڻو ڪري خشڪي وارن علائقن ۾ ٿئي ٿو، ان لحاظ سان سنڌ جي ڏاکڻي ٿر واري علائقي ۾ وڌيڪ ملي ٿو. ملي ته هي جابلو علائقن ۾ به ٿو پر اهي جبل ڪچا ۽ ڀرندڙ جبل هجن ٿا ان کان علاوه هي ميداني علائقن ۾ به ٿئي ٿو. پر هاڻ وڌندڙ سم هن کي سنڌ جي ميداني علائقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي قومي قرار ڏنل نم جي خاصيتن کي لوڪ ڏاهپ جي عينڪ پائي ڳولبو ته اهي گهڻي ڀاڱي مقامي علاج ۽ حڪمت جي حوالي سان ئي ملنديون

جمعرات، 23 فروری، 2012

سنڌي ٻوليءَ جي بگڙجندڙ شڪل! - سحر گل ڀٽي

انيڪ انگريزي لفظ آهن، جيڪي پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻولين جو حصو ٿي ويا آهن، يا جن جا متبادل لفظ سامهون نه آيا آهن. انهن انيڪ لفظن ۾ ”ڪمپيوٽر“، ”انٽرنيٽ“، ”ٽي وي چينل“، ”بريڪ“، ”گلاس“ جهڙا لفظ شامل آهن، جيڪي هر ٻوليءَ جي مزاج جي حساب سان ٿوري شڪل مٽائي موجود رهن ٿا. اهڙن لفظن جو ٻوليءَ ۾ داخل ٿيڻ سڀاويڪ آهي. پر جيتري قدر روزمره جي زندگيءَ ۾ عام گفتگوءَ جو تعلق آهي، ان ۾ موجود عام استعمال ٿيندڙ لفظن جي جاءِ تي انگريزي لفظن جو استعمال ٿيڻ ٻوليءَ جي شڪل تبديل ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو

ہفتہ، 18 فروری، 2012

تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي -- شيخ اياز

تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي
ٿري سُونهن چمڪا ڪري ٿي پئي

اهو ڪانڌ ڪهڙو، انهيءَ کي ڏسون
سهاڳڻ ته ٻهه ٻهه ٻري ٿي پئي

اُٺي جي هوا ۾ کنيا مور پَر
ڊُڪي ڊيل هر هر ٺري ٿي پئي

ڪرايون ڳچيءَ ۾ وجهي ڪانڌَ کي
ڏسي وڄ وينگس ڏري ٿي پئي

سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز
مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي

(شيخ اياز)

بدھ، 15 فروری، 2012

ٺٽي جي رستي تي ماريل هڪڙو سرمد

سال ڏيڍ اڳ پاپوش نگر (نارٿ ناظم آباد) ۾ شام جو هڪڙي سنڌي دوست سان گهمندي اسان جي حيرت جي ڪا حد نه رهي هئي، جڏهن اسان هڪڙي شادي هال لڳ بيٺل ڪار جي ڊيڪ تي سرمد سنڌيءَ جي ڪيسٽ وڄندي ٻڌي: ”او! پنڊيءَ نه ڳڀڙو وِهه وات ويلڙا، مُنهڙا به ڀيلڙا“. ”هاڻ ته پڪ ٿيئي نه، ڪراچي ايتري بري نه آهي، مون پنهنجي ان سنڌيءَ دوست کي چيو هو، جيڪو ڀرواريءَ اسپتال م ڪنهن مائٽ ڊاڪٽر سان ملڻ جي ”مجبوريءَ“ سانگي آيو هو. ”ڇا توهان کي سرمد پسند آهي؟“ مون ان ڪار جي بانٽ تي ويٺي سرمد ٻڌندڙ نوجوانن مان هڪڙي کان پڇيو هو ”ها، رحمان ڀائي اسان جو رشتيدار ٿئي. سنڌ ۾ ته هو ڏاڍو مقبول آهي.“ ساڳئي نوجوان ٺيٺ اردوءَ ۾ فخر گاڏڙ خوشيءَ سان چيو هو. رحمان مغل (سرمد سنڌي) به سنڌ جي ڀتر ڀتر کان وٺي دکن دردن توڻي خوشيءَ جي گيتن کي ڳائيندڙ وڄائيندڙ انهن فنڪارن مان هو جن کي استاد منظور علي خان وانگر ڪنهن کان به ”سنڌيءَ“ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه هئي.

رحمان مغل پريالوءِ (خيرپور ميرس) جي انهن ”مهاجر سنڌين“ جو پٽ هو، جن روحاني طرح پنهنجو پرڻو مرڻو ڳوٺاڻي سنڌ جي مٽيءَ سان ڪيو. جن جا ”ڏال ڏيڏر“ ۽ ”ڄي ڄَاهو“ وارا اُچار درست آهن. جيڪي پٽڪي جو وَر ڪڍي ٻڌي به سگهندا آهن. جيڪي ڪهاڙيءَ سان ڪنڊي به وڍي سگهن، ته کجيءَ جا چاڙها به ٿين. جيڪي ڀت پوت ۾ سنڌين سان گوڏو گوڏي سان گڏي ويهڻ، اُٿڻ به ڄاڻن، ۽ جن جي سنڌي بينظير ۽ الطاف حسين کان وڌيڪ صاف آهي. آهي ”مهاجر سنڌي“ ڪنريءَ کان وٺي محراب پور ۽ هوسڙيءَ کان وٺي اوٻاوڙي تائين وسن ٿا. جيڪي اونهاري ۾ ڇڻڪار واري پڌر ۽ گهرن جي کڏ تي سمهڻ جا شوقين سنڌي ڳوٺاڻن جيترا ئي ٿين. سياري ۾ مچ تي ڪانڀون ڪڍي ڪچهريون به ڪن. هنن مان ڪيترا ماڻهو گهڻن سنڌين وانگر ڪراچيءَ ۾ ٻن راتين کان وڌيڪ نه ٽڪي سگهندا آهن.

منگل، 14 فروری، 2012

سنڌي ٻولي ۾ ڌاريا لفظ

اسان جي ٻن اهم شهرن ڪراچي حيدرآباد ۾ ڪي سنڌي ٻارن سان سنڌي ڪونہ پيا ڳالهائِن. پرَ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اِنهيءَ کان وڏو جوکو ڌاريا لفظ ۽ سنڌي وياڪرڻ جي ڀڃ ڊاه آهي. سائين فرهان شيخَ لکن ٿا تہ نِجُ سنڌي لفظ ڪتب آڻڻ گھرجن جن بدران اخباري ليکڪ ڦيرائي اڙدوُءَ وارا لفظ (يا اُڙدوُءَ واري معنا سان لفظَ) ڪتب پيا آڻين. هيٺين فهرست سندن ڏنل آهي، اِنهيءَ ۾ هڪ اڌ ڦيري گل آغا ڪئي آهي. ٻہ چارَ اڙدوُ جا ڏنلَ لفظ سنڌي ۾ ٻيءَ معنا سان لڳن ٿا، جيئين مِلڻ ”حاصل ڪرڻ، لڀڻ، جزب ٿيڻ“ واريون معنائون رکي ٿو، جڏهن اُڙدوُ مان ”ملنا“ لفظُ گڏجڻ لاءِ پڻ ڪتب اچي.

آغا گل جي ٿورن سان. سنڌي ٻارن لاءِ

ENGLISH ــــ اڙدو ــــ سنڌي

*Daily* ــــ روز ــــ ڏيهاڙي
*that* ــــ ڪِه ــــ ته
*Although* ــــ حالانڪه ــــ جيتوڻيڪ
*If* ــــ اگر ــــ جيڪڏهن
*Provided* ــــ بشرطيقه ــــ جيڪڏهن
*Perhaps, may be* ــــ شايد ـــــ متان
*Pure* ــــ خالص ــــ نِجُ

ہفتہ، 11 فروری، 2012

پينگهه تي او پوپري تنهنجو لڏڻ -- سرمد سنڌي


ننڍي هوندي جڏهن امان ڀرت ڀرڻ سان گڏريڊيو خيرپوراسٽيشن جا پروگرام ٻڌندي هئي تڏهن مان به اڪثر امان سان گڏ ويهي ريڊيو جا پروگرام تمام گهڻي چاه سان ٻڌندو هئس۔ گهڻو ڪري انتظار سرمد سنڌي جي گيتن جو هوندو هئو۔ سرمد سنڌي جا گيت ريڊيو تان اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا۔ انهن مان هڪ گيت ڏاڍو وڻندو هيو۔ راند کيڏندي جڏهن به انهي گيت جو آواز ڪن تي پوندو هئو ته سڀ ڪجهه ڇڏي ريڊيو جي ويجهو اچي ويهي رهندو هئس۔ اهو گيت آهي "پينگهه تي او پوپري تنهجو لڏڻ"۔ هونءَ ته سرمد سنڌي جي هر گيت سان عشق آهي پر ڪجهه گيت ننڍپڻ جي ياد ڏياري ڇڏيندا آهن۔ انهن منجهان هي به هڪ آهي۔ توهان دوستن سان ونڊڻ چاهيان ٿو۔ لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري ٻڌي سگهجي ٿو۔


Check this out on Chirbit

رحمٰن مغل - سرمد سنڌي

سنڌ جي سدا ملوڪ مٽيءَ هميشه اهڙن ڏاهن کي جنم ڏنو آهي، جن هر دور ۾ حق ۽ صداقت جي سَر بُلندي ۽ ظلم جبر جي خاتميجا اهڃاڻ بڻجي، پنهنجي قلم ۽ زبان ذريعي هن ڌرتي تي سچائي، سلامتي ۽ پاڪائيءَ جي پوک پوکي باغُ بنائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻڪ مثل انسانن ۾ قومي گيتن جو هيرو ۽ سنڌ جو سُريلو راڳي سرمد سنڌي به هو. جنهن پيار، محبت، ايڪتا ۽ سُلوڪ جي سبق سان پنهنجي گيتن ۽ واين وسيلي ماڻهن جي دلين کي موهي وڌو ۽ ڪيترن ئي سنڌ واسين کي پنهنجو پرستار بڻايو. ڪراچي کان ڪيٽي بندر ۽ ڪشمور کان ڪارونجهر تائين هر وسندي ۽ هر واهڻ فني شعور جون لاٽون ٻاريندڙ ”اي ڌرتي“ جي پياري پڪار سان ”جيئي لطيف“ جي جهونگار سان جڏهن ڪو گيتُ گونجي نوجوانن جي جذبن کي جلا ڏيئي ۽ انهن جي سينن ۾ موجود سمنڊ ۾ لذيز لهر پيدا ڪري وجهي ته سُچُ سمجهو اهوئي ”سرمد سنڌي“ هوندو جنهن جو من موهيندڙ آواز آهي.

سرمد سنڌي جو اصل نالو عبدالرحمان ولد محمد حيات مغل هو. سندس ولادت 7 جولاءِ 1 6 9 1 ع تي ڳوٺ پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي، پاڻ اهو نوجوان باڪمال راڳي ٿي گذريو آهي، جيڪو چند ئي سالن ۾ سنڌي سماج تي ڇائنجي ويو. هو جڏهن ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ٻڌندڙ سڌ ٻڌ وڃائي سرمد جي جهونگار ۾ گم ٿي ويندا هئا. رحمٰن مغل مئٽرڪ تائين پريالوءِ ۾ تعليمحاصل ڪيائين، تنهن کان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو، جتان ٻڙيي 8 9 1 ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين، پاڻ 4 8 9 1 ع ۾ پهريان ايڇ ڊي اي حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجنيئر مقرر ٿيو. آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو ڪراچي ۾ گلشن اقبال جي هڪ فليٽ ۾ رهندو هو.

اکيون به باندي رڳون به باندي - حـليـم بـاغـي

اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ

اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.

اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو،
سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ.

لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾
هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ

ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.

ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟
گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.

اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.

اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ

تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ

جمعہ، 10 فروری، 2012

سنڌي نويس ۽ سنڌسلامت سنڌي ايڊيٽر ڊائونلوڊ


ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ تحرير "سنڌي ويب ڪي بورڊ - بوڪ مارڪليٽ"  لکندي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي سنڌي نويس ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سنڌي ايڊيٽر جو ذڪر ڪيو هئم۔ اهي سنڌي ٻئي ايڊيٽر صرف آن لائن ئي استعمال ڪري سگهجن ٿا۔ جيئن ته هر ڪنهن وٽ هر وقت انٽرنيٽ موجود ناهي هوندي ان ڪري اهي ٻئي سنڌي ايڊيٽر هيٺين لنڪس تان ڊائون لوڊ ڪري، پنهجي ڪمپيوٽر تي ايڪسٽريڪٽ  (Extract) ڪرڻ کان پوء،  آف لائن به استعمال ڪري سگهجن ٿا۔

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جو سنڌي نويس 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سنڌي ايڊيٽر

بدھ، 8 فروری، 2012

اوپيرا مني موبائيل ۾ سنڌي

اهي ڏينهن ويا جڏهن موبائل فون جو استعمال رڳو ايس ايم ايس ۽ فون ڪال تائين محدود هئو. اڄڪلهه موبائل فون ڄڻ ته هٿ جي تري تي هڪ ڪمپيوٽر وانگر آهي، انٽرنيٽ تي اي ميل کان وٺي چيٽنگ، سرفنگ ۽ برائوزنگ تائين تقريبن هر اهو ڪم جيڪو صرف ڪمپيوٽر تي ڪرڻ ئي ممڪن هئو هاڻي موبائل فون تي پڻ ڪري سگهجي ٿو۔ انهي مقصد لاء هروڀرو ڪنهن مهانگي فون جي ضرورت نه آهي۔ هڪ عام بنيادي موبائل فون جيڪا جاوا لينگئئيج ۾ ٺهيل موبائل سافٽويئرانسٽال ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي انهي تي 

مٿي ڄاڻايل انٽرنيٽ جون سهولتون، بنيادي ننڍڙا موبائل سافٽويئر انسٽال ڪرڻ کان پوء، استعمال ڪري سگهجن ٿيون۔

پاڪستان ۾ به موبائيل انڊسٽري سٺي ترقي ڪئي آهي هر ننڍي وڏي جي هٿ ۾ موبائيل نظر اچي ٿي۔ مختلف موبائيل فون آپريٽر ڪمپينيون پهريان جي نسبت گهٽ قيمت تي انٽرنيٽ / جي پي آر ايس جا پيڪيج پيش ڪري رهيون آهن جنهن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي۔ اگر گهر ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ميسر نه آهي ته به اوهان موبائيل انٽرنيٽ تي دنيا جي حال احوال کان واقفيت حاصل ڪري سگهو ٿا۔

هونء ته دنيا جي تقريباًهر وڏي ويب سائيٽ پنهجاموبائيل تي آساني سان ڏسي سگهجندڙ ويب پيج ڪري ٿي پر پوء به اوهان پنهنجي موبائيل فون ۾‌ موبائيل جا انٽرنيٽ براؤزنگ سافٽويئر انسٽال ڪري هر ويب سائيٽ مڪمل طرح کولي سگهو ٿا۔ انهن سافٽويئرن منجها هڪ سافٽويئر اوپيرا مني (Opera Mini) آهي۔ نهايت بهترين سافٽويئر آهي ۽ بنيادي طور تقريبن هر جاوا لينگوئيج کي سپورٽ ڪندڙ ننڍن موبائيل فونن لاء ٺاهيو ويو آهي۔

هن سافٽويئر جي ذريعي اردو سميت تقريبن ٻه سؤ (200) زبانن ۾ ٺهيل ويب سائيٽ ڏسي سگهجي ٿي۔ بدقسمتي سان هن وقت سنڌي زبان لاء ڪا به سپورٽ نه آهي۔ اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌي زبان ۾ ٺهيل ويب سائيٽ به انشاءالله آساني سان ڏسي سگهبي۔ پوء به دوستو مايوس ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي۔ سنڌي زبان ۾ ٺهيل ويب سائيٽ هاڻي به ڏسي سگهجي ٿي۔ هيٺ طريقو سمجهائڻ ڪوشش ڪريان ٿو۔

هن سافٽويئر کي انسٽال بنهه آسان آهي ۔۔۔ موبائيل فون جي اصلي انٽرنيٽ برائوزر تي m.operamini.com تي وڃڻ سان اوهان کي اهانجي ئي موبائيل فون جي حساب سان سافٽويئر ملندو۔ جيڪڏهن اوپيرا مني جي سائيٽ اوهان کي اوپيرا مني جي 6.5 يا ان کان مٿي وارو سافٽويئر پيش ڪري ته منهجي صلاح آهي ته اوهان List of all versions واري لنڪ تي وڃي اوپيرا مني 4.4 opera mini جو انتخاب ڪري ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔ ان کان پوء ضروري نيٽورڪ ٽيسٽ کان گزري جڏهن اوپيرامني جي پهرين صفحي تي پهچو ته اوپيرا مني برائوزر جي ايڊريس بار تي هيٺان لفظ لکو

about:config

اهي لفظ لکي Go to واري پاسي واري بٽڻ کي دٻائڻ سان هڪ Power-User setting جي ٽائٽل سان پيج کلندو۔ ان پيج جي بالڪل آخر ۾ use bitmap fonts for complex scripts واري آپشن ۾ اگر No چيڪ ٿيل آهي ته ان کي Yes ۾ مٽائي آخر ۾ ڏنل Save واري بٽڻ کي اوڪي ڪري ڇڏيو۔ بس ڪم ٿي ويو۔ سمجهاڻي کي آسان ڪرڻ لاء تصويرون ڏنل آهن۔


پهريون ڏيک 












آخري ڏيک 

هاڻي اوهان موبائيل ۾ تقريبن هر سنڌي فونٽ ۾ ٺهيل ويب سائيٽ ڪجهه بهتر طريقي سان ڏسي سگهوٿا۔ فيس بڪ جا بي شمار سنڌي پيج موبائيل تي پڙهي سگهو ٿا۔ سنڌي ٻولي ۾ ٺهيل فورم گهمي سگهو ٿا۔ عوامي آواز، ڪاوش، عبرت آن لائن موبائيل تي پڙهي سگهوٿا۔ سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي آن لائن سنڌي ڪتاب ۽ ميگزين پڙهي سگهوٿا۔ هي طريقو پرفيڪٽ ته نه آهي پر منهجي خيال ۾ نسبتن بهتر آهي۔

منگل، 7 فروری، 2012

تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي - حـليـم بـاغـي


هن ڌرتيء جو دستور الٽ،
هن ملڪ سندو منشور الٽ،
هت چھرو چھرو چور ڏٺم،
هت فوٽ پاٿن تي ٻار پنن
۽ گند گلين ۾ سڏڪا ڪن،

... هت سيني سين دونهن دکن،
هت دل دل ۾ ناسور چِڪن
هن ٿر مان ھليا ٿاڪ ٿُڏي
تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي.

هت عصمت ڪاروبار بڻي،
هت مجبوري واپار بڻي
هيءَ نگري سڀ واپار بڻي
هت غُربت ڄڻ ڪا گار بڻي،
هن ٿڪن جھڙي دنيا ۾
هن ههڙي تهڙِي دنيا ۾
ڪنڌ لڙڪائي جيئڻو ٿو پوي،
۽ ڍڪ ڍڪ وھ پيئڻو ٿو پوي
ڪجھ سڏڪن سان گڏ لڙڪ گڏي،
تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي ـ

حـليـم بـاغـي

اتوار، 5 فروری، 2012

سنڌي ويب ڪي بورڊ - بوڪ مارڪليٽ


ڪمپوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ايترو ئي سولو آهي جيترو انگريزي استعمال ڪرڻ۔ اگر ڪو صاحب ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال نه ڪرڻ جو ڪو بهانو ٺاهي ٿو ته اها بالڪل نامناسب آهي ۽ سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي اڻٿڪ ڪوششن جي سراسر نامڃوتي آهي۔ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ لاء ايم بي سنڌي انسٽال ڪري تقريبن هر سافٽويئر تي سنڌي لکي سگهجي ٿي۔ هي سافٽويئر سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ويب سائيٽ تان مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ سافٽويئر انسٽال ۽ استعمال ڪرڻ جو طريقو گوگل تي سولائي سان تلاش ڪري سگهجي ٿو۔ اگر ايترو به نه ٿي سگهي ته هڪ ٻيو سوءلو طريقو اهو آهي ته

نانگ، وڇون ۽ ويري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي - استاد بخاري

نانگ، وڇون ۽ ويري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي،
ٽانڊا، ڪوئلا، ڪيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

تر ۾ امن مري يا، گھر ۾ غير گھِري يا،
ڳاري ڦاسي ڳيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

منهنجي آجي رڳ رڳ، تنهنجي ساري لڳ ڀڳ،
گھنگھر آهي گھيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

هڪڙو اَڻ هوندائي ۽ ٻيو گھڻ هوندائي،
وک وک باهه وکيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

ديول، مندر، مسجد، اولهه، اوڀر ۽ وچ،
هيڏي هيري ڦيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

رَت ۾ توڙي سَت ۾، ڏِک ۾ توڙي وِک ۾،
ڪولهي، شاهه، ڪهيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي.

مرندا سڀ پرماري، ايندي عيد بخاري،
ڊوها ٿيندا ڍيري، ڳالهه مڙيئي هڪڙي

اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا - استاد بخاري


اسان هون سپاهي، او ڀٽائي، تنهنجي سنڌ جا،
درازيءَ جي ديس جا، سنائيءَ جي سنڌ جا.

عزم عنايت سچ سگھارو، برک بلاول، حيدر پيارو،
اِهي پيارا پيارا ماڻهو، پياري پياري سنڌ جا.

ڪوٺَ ڪنائي پورهيت جاڳيو، جرئت جاڳي، رتَ ستَ جاڳيو،
جاڳي پيا جيالا سارا، هاري ناري سنڌ جا.

ڌرتيءَ ڄايا پيا گڏجي سڏجي، سچ جي سڏ تي پرچي سرچي،
جوڙيون پيا نِڪورا خاڪا، آجي آجي سنڌ جا.

سورج وانگي چمڪي سنڌڙي، جُڳ جُڳ ۾ جيئي سنڌڙي،
هجن هر زبان تي نعرا، صبح، سانجھي سنڌ جا.

جنت ڪاڇو ۽ ٿر آهي، ڪوثر منڇر، ڪينجھر آهي،
وڻن ٿا نظارا ڏاڍا سُهڻي سُهڻي سنڌ جا.

سنڌڙي جندڙي پياري پياري، عشق منجھان استاد بخاري،
ويٺا گيت ٺاهيون ۽ ڳايون، مِٺي پنهنجي سنڌ جا

ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو


ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو،
ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو.

خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي،
نغما، ناهن نوحا ئي پر ڳارايو.

صبر متان ٿي سڪتو پئي ۽ سڪتو موت،
ڪنهن به طريقي ساٿي تن کي تڙپايو!

تحريڪون نه ته تدبيرون، نه ته تجويزون،
ڪجهه ته بکارين تاريخين کي کارايو!

شعلا شعلا وَتي ٿو ورڇيندو،
اونداهه آ ”استاد بخاري“ آڻايو

اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي - استاد بخاري


اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي،
جنهن جنهن دل ۾ جھاتي پايون جوت جلي ٿي پئي.

هڪ سرتيءَ تان ٻيو ڌرتيءَ تان سڀ ڪجھ صدقي آ،
ڳليءَ ڳليءَ هي ڳوٺاڻن ۾ ڳالهه هلي ٿي پئي.

ديس مٿان جنهن سيس سُهايو سا ته سهاڳڻ ٿي،
سون مٿان جنهن سيڻ مَٽايا، نيڻ مَلي ٿي پئي.

پِرهه ڦُٽيءَ سان تارو تارو ڦَٽَجي ڦَهه ٿي پيو،
رات رليءَ کي مات مِلي وئي، بات بَلي ٿي پئي.

سرمد وارو دور ڪٿي آ، سياڻو ٿي استاد،
پريت اڄوڪي، ڏاڍي اوکي، چال چلي ٿي پئي.

ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه - استاد بخاري

ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي،
واچوڙي ۾ هوش ڦري ويئه، اڻ جھل اوٿر اڳتي آهي.

مينهن وسي ٿو قطرا قطرا، ڍنڍون ڍورا بخرا بخرا،
منڇر کي ٿو ماپين بيٺو، سنڌو، ساگر اڳتي آهي.

ٿوري اڀڪڀريءَ تي چڙهندي اڀساهي ٿي پئي آ توکي،
پڌري پٽ تي ٿيڙ ٿو کائين، اوجھڙ اوڪر اڳتي آهي.

دوزخ ڇا تخريب ته آهي جنت پئي تعمير ٿئي،
آدم خود يزدان ٿئي پيو اعلى اوسر اڳتي آهي.

هو مندر تي موهت ٿي پيو هي مسجد وٽ رڪجي بيٺو،
وڌندو هل استاد بخاري، دلبر جو در اڳتي آهي.

آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي - استاد بخاري

جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر،
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي.
او لوءِ لوئان لولي!
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي،
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

شهر وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.

پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُهڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.


__________________