پیر، 22 اکتوبر، 2012

اظهار محبت

هي آهي نيٽ جي دنيا
هزارين ويب پيجن تي
هزارين خيال اهڙا هن
پڙهي حيران هر هرڪو ٿئي
نقل ڪو جي ڪري تن کي
مهان انسان هرڪو ٿئي
هي آهي نيٽ جي دنيا
اسان جو پڻ هتي ديرو
هٿ ۾ مائوس جو ونجهه آ
ڏاهپ جي سمنڊ ۾
سرچ انجڻ جو بيڙو آ
هزارين لفظن جا موتي هن
سنڀاليا مون به ڪجهه آهن
چمڪ ڀرپور آ ليڪن
آواز آيو اندر مان آ
هي سڀ موتي پرايا هن
تراشيو ناهي احساسن
ته هي موتي ڪهڙي ڪم جا
ڦٽا مون سڀ ڪيا گوهر
رهيا باقي وڃي هٿ ۾
لفظن جا سادڙا پٿر
احساسن جي تيشي سان
اڪيريا لفظ هي آهن
"مون کي توسان محبت آ..."

سجاد علي