منگل، 25 دسمبر، 2012

”انرشا“ (Inertia)

جڏهن ڪو به جسم پنهنجي سڪون يا حرڪت واري حالت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري ان کي فزڪس ۾ ”انرشا“ (Inertia) چوندا آهن.

هن ٽرڪ سان ٿيل هي جٺ به ”انرشا“ (Inertia) جي ڪري ٿي آهي. بريڪ سان ٽرڪ ته بيهي وئي پر منجهس موجود پٿر پنهنجي حرڪت واري حالت کي برقرار رکندي رکندي ٽرڪ جو خانو خراب ڪر ڇڏيو. ؛)

پیر، 24 دسمبر، 2012

معصوم ڌمڪي ؛)



هڪ ماءُ پنهنجي 5 سالن جي ننڍڙي ٻار کي ڪنهن ڳالهه تان دڙڪا ڏنا۔

- ننڍڙو روئڻهارڪو ٿي پنهنجا رنگ ۽ پينسلون کڻي آيو ۽‌ چيائين: “امان! هاڻي مان توکي ڊرائنگ ۾‌ ٿُلهي متاري ڪري ٺاهيندس!”

اتوار، 23 دسمبر، 2012

منهنجي باري ۾ او سائين، ڇا ٿو ڀائين!

منهنجي باري ۾ او سائين،
ڇا ٿو ڀائين!

توکان هڪڙو ڏينهن ڇڄان ٿو،
ڏينهن انهي کي سال چوان ٿو،
پر جي وڇڙي ورهَ لڇائين،
ڇا ٿو ڀائين!

تنهنجي درشن لاءِ سڪان ٿو،
لک شڪرانا منهن ته ڏسان ٿو،
پر جي پنهنجي ڇاتيءَ لائين،
ڇا ٿو ڀائين!

غيرن سان گڏجاڻي تنهنجي،
جان جلي ٿي جاني منهنجي،
پر جي تن جو کائين، پائين،
ڇا ٿو ڀائين!

واقف آ استاد بخاري،
تو فرمائي دلڙي ٺاري،
پر جي منهنجو يار سڏائين،
ڇا ٿو ڀائين.

(استاد بخاري)


ہفتہ، 22 دسمبر، 2012

اسان لاءِ ڪهاڙا استاد

پهريون ننڍپڻ به عجيب هوندو آهي، پابنديون ته بنه نه وڻنديون آهن۔ توڙي جو اسڪول وڃڻ کان پهريان هر ٻار کي ڏسي دل چوندي آهي ته اسان به اسڪول وڃون پر جڏهن داخلا ٿي وڃي ٿي ته استاد ڪهاڙو لڳندو آهي، اسڪول وڃڻ کان موت ايندو آهي۔ ان باوجود به انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي استاد ئي اسان کي گهڙي ڪرت جهڙو ڪن ٿا۔




جمعرات، 20 دسمبر، 2012

چين ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو


محترم عرفان منگي طرفان پنهنجي دوستن سان چين ۾ ملهايل سنڌ جي  ثقافتي ڏهاڙي جون تصويري جهلڪيون 

نوٽ: تصويرن جي بهتر نتيجي لاء تصوير تي ڪلڪ ڪريو






















نَوَ ٽِڻ راند

اسڪول جي ڏهاڙن ۾ گرمين جي موڪلن ۾ دوستن سان گڏ مون ”نَوَ ٽڻ“ راند ڏاڍي کيڏي. مارن جي واندڪائي جي وندر انتهائي هوشياري ۽ حاضر دماغي جي طالب هيءَ راند سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر ڪري زمين تي ليڪا پائي کيڏي ويندي آهي. ڪاٺين يا ڀترن کي سارين (Pieces) طور استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ڪنهن به خرچ يا سامان جي ضرورت نه پوندي آهي.
 نَوَ ٽڻ کي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو هجي جنهن جي مونکي ايتري ڄاڻ نه آهي پر انگريزي ۾ هن راند کي Nine Mens Morris، MILL, Merills وغيره سان سڏيو وڃي ٿو. هن راند جي موجودگي جا آثار مصر جي عجائبات مان پڻ مليا آهن جنهن مان هن راند جي قديم هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
راند جو بنيادي مقصد هوندو آهي ”ٽڻ“ ٺاهڻ يعني قطار ۾ پنهنجون ٽي ساريون (عمودي يا افقي) طور تي رکڻ. جي ڪڏهن ڪو رانديگر ٽڻ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو مخالف جي سارين ۾ ڪا به ساري راند مان ڪڍي سگهي ٿو بشرطيڪ اها ساري (Piece) مخالف جي ٺهيل ٽڻ جو حصو نه هجي. جڏهن ڪنهن هڪ رانديگر جون صرف ٻه ساريون باقي وڃي بچن يا انهي رانديگر جون سڀ ساريون بند ٿي وڃن ڪنهن به پاسي واري خاني ۾ نه چُري سگهن ته انهي رانديگر کي شڪست اچي ويندي آهي. 
راند جي پهرين مرحلي ۾ پنهنجون ساريون رکڻيون هونديون آهن هر رانديگر هڪ هڪ ڪري پنهنجون 9 ئي ساريون واري واري سان رکندو ويندو آهي، هن مرحلي ۾ انتهائي هوشياري کان ڪم وٺڻو پوندو آهي هن ئي مرحلي ۾ رانديگر پنهنجي پوري راند جي حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي ٿو.
ان کان پوء جڏهن هر رانديگر پنهنجون سموريون ساريون رکي ڇڏي ٿو ته راند جو ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو جنهن سارين کي ڀرسان واري خالي خانن ۾ سارين کي واري واري سان چوري راند ۾ اڳڀرائي ڪئي وڃي ٿي هر رانديگر جي ڪوشش هوندي آهي ته ”ٽڻ“ ٺاهي مخالف جون ساريون ختم ڪجن يا مخالف کي ”ٽڻ“ ٺاهڻ کان روکي سگهجي.
دوستو هي ته هئا راند جا معياري اصول، ٿي سگهي ٿو ٻين جڳهين تي ڪجهه مختلف اصول هجن. اوهان مان جن جن دوستن هي راند کيڏي آهي پنهنجو تجربو ضرور ونڊين. اهو پڻ ٻڌائن ته اوهان هن راند کي ڪهڙي نالي سان سڏيندا آهيو؟ نَوَ ٽِڻ يا ڪنهن ٻئي نالي سان؟ راءِ جو انتظار رهندو ؛)

۽ ها جيڪڏهن ڪو دوست هي راند انٽرنيٽ تي آنلائن کيڏڻ چاهي ٿو ته هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري کيڏي سگهي ٿو.

ہفتہ، 15 دسمبر، 2012

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ



ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
جامِ مينا رهي ،رهي نه رهي
منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون
زندگي تلخ آ هجي ته هجي
روح ۾ سو ملاحتون رهنديون
سرحدِ غم قريب آ اي دوست
ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون
تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيسيتائين دوست
ابنِ آدم جون جنتون رهنديون

شيخ اياز

پیر، 10 دسمبر، 2012

گوگل طرفان ليڊي ادا لَوليس کي خراج

اڄ صبح گوگل سرچ انجڻ کولي ڏٺم ته گوگل وارن جو ڊوڊل (doodle) * نظر آيو جيڪو گوگل طرفان ليڊي ادا لَوليس Lady Ada Lovelace کي سندس سالگره تي خراج طور پيش ڪيو ويو.
[IMG]

اڄ کان تقريبن 2 صديون پهريان ڊسمبر 10، 1815 تي جنم وٺندڙ ليڊي ادا لَوليس Lady Ada Lovelace دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي۔ 1843 ۾ هن چارلس بيبيج جي تجزياتي انجڻ لاء پهريون الگوردم (algorithm)** شايع ڪرايو۔ يعني پهرين ڪمپيوٽر جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ صدي پهريان هن محترمه ڏيکاري ڇڏيو ته مستقبل ۾ بيشمار ڪم هڪ مشين پروگرامرن جي تخليق جي زور تي اُڪلائيندي۔

[IMG]

وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جو تجسس رکو ٿا ته هن گوگل جي بلاگ تي هيٺين لنڪ تي وڃو...
http://goo.gl/zL9Ar

------

* گوگل جي ويب سائيٽ تي گوگل جي logo جي جاءِ تي ڪڏهن ڪڏهن دلچسپ تصويرون نظر اينديون آهن. انهن کي گوگل ڊوڊل چئجي ٿو. جيئن هن پوسٽ جي شروع ۾ تصوير ڏني وئي آهي۔

** الگوردم algorithm : ڪمپيوٽر پروگرام ٺاهڻ لاءِ ڪيل حساب ۽ عمل

اتوار، 9 دسمبر، 2012

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ

روڳ جي جٽاو باک جي ڦٽي پوي
آباد سنڌ ٿئي جڏهن ۽ رات هي کٽي پوي
تنھنجي پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن
ساز ماٺ ٿي متان چڳون ورائي چاڙهجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

سوچ تي گوليو وٺيون هن هر رات گذري راڙ ۾
جلاد هن ستا وڃي اوچ جي ست ماڙ ۾
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇاڙ ۾
جذبن جو قيدي آهيان ٿو مارجان ڪنھن آڙ م
پر هيئن ته منھنجي موت تي تون اڄ نه ڳوڙها ڳاڙجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي آ چوءکنڀي
ڏاڍ جي هٿن ۾ آ ڏات جي ڳچي ڏنڀي
ضرب آ سنگين جي ۽ تون ٿي اکيون ڇڀين
مان ته قيد ۾ پکي ۽ تون به قيد ۾ سڙين
چپ سبين متان چري گيت ۾ گھرائجان
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

آڪاش ۾ بتيون ٻريون تار نچي سمھي پيا
ڏٺئي ته اڀ سڄي مٿان وري وري وڄون ڪريون
ڏسي اتر ڏکڻ منجھان ارمان جا ڪڪر ٽٽن
رات جي ٿڌڙي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن
هانو تي تري اچانءِ ته چنڊ ۾چتائجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

ياد جيئن ٿي اچي گھاءُ تيئن ٿو ڪُرين
ڏينھن ٻه ٽي ڏکيا هن تون به پير آءُ ڀري
ڌر تتي جيان دليون ذرو ذرو پيون ٻري
سنڌ ديوي جي رسم شروع ۾ ٿي رت گھري
ڪفن منھنجو وٽيون ڪري ڏيئا لھوءَ مان ٻارجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

پڙاڏا پيار ٿي ڦٽي ڀٽن جي ڀر مھاڙ ۾
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪراڙ ۾
بندش نه ڪا هجي جڏهن وائي جي اڏام تي
تنھنجا ڪٺل اچي وڃن سونھن جي سلام تي
مان به تن جي اوٽ مان نماڻو ٿو نھارجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ

(نماڻو سنڌي)
آواز: سرمد سنڌي

ڏسي وڃ تون سهڻا منهنجا ويس ڪارا (سرمد)

ڏسي وڃ تون سهڻا منهنجا ويس ڪارا،
اکين جا هي ڳوڙها، رت جا ڦوهارا...

نُک نينهن واري نرمل وڇايون مان ويٺو آهيان راه ۾
هلي ايندين مون وٽ ڪڏهن، ٿيندو اثر منهنجي آه ۾
دل مان ٿا نڪرن دونهان درد وارا...
ڏسي وڃ تون سهڻا ....

اچن ياد تنهنجون ڳالهيون مونکي پرين ڪي پراڻيون
وساريان نه وسرن سي ٿيون توسان ڪيون رت رهاڻيون
ڪيم ڏوه ڪهڙو ڪري وئين ڪنارا...
ڏسي وڃ تون سهڻا......

ڪهڙو تنهنجو پيار هئو مون سان ڪهري تنهنجي ياري اهي
چوي ٿو علي گل سانگي  ڪيو تو مونسان هي ته چاهي
وساري ويٺين تون ڇني سڀ سهارا

ڏسي وڃ تون سهڻا منهنجا ويس ڪارا،
--
شاعر: علي گل سانگي

ہفتہ، 8 دسمبر، 2012

ماڻهن جا نالا (امتياز ابڙو جو ڪالم)

امتياز ابڙو
اسان ”بهادر“ کي سڃاڻون اهو پهرئين نمبر جو ڊڄڻو آهي...هڪڙي دفعي هاٿيءَ کي ڀونڊو ڏنائين ته ڪنهن چيس، ”هاٿيءَ کي ڀونڊو ڏبو ته اهو سئو سالن کانپوءِ به بدلو وٺندو آهي، سو هاڻي هاٿي توکان بدلو وٺندو!“ ان کانپوءِ ڊپ ۾ سڄي زندگي ڪنهن چڙيا گهر جي ڀر سان به ڪونه لنگهيو...ڪجهه سالن کانپوءِ زال ٿلهي ٿي ويس ته ان هاٿيءَ جي قبر تي وڃي چيائين، ”اي هاٿي، مون کي معاف ڪر...بيشڪ، تنهنجو بدلو سڀني بدلن مان وڏو بدلو آهي!“

هڪڙي ڏينهن سليمان کي چيم، ”تنهنجو نالو سليمان آهي، ان ڪري تو وٽ سليماني ٽوپي هوندي؟“ چيائين،” نه...اسان جي نصيب ۾ ته رڳو سليماني چانهه آهي!“  اسان جي هڪ ٻئي دوست جو نالو غلامون آهي....هڪڙي ڏينهن چيائين، ”غلام قومن ۾ نالا به آزاد ڪونه آهن..“ اسان منظور کي به سڃاڻون...هن جو ورتاءُ ماڻهن سان سٺو  آهي، پر ان جي باوجود اسان ڪيترن ئي ماڻهن کي هن جي خلاف  روڊن تي بينر کڻي احتجاج ڪندي ڏٺو آهي... بينرن تي لکيل هوندو آهي...”مهانگو اٽو، نا منظور...فلاڻو آفيسر، نامنظور!“...بلڪل ايئن ئي ايوب شيخ، ڪيترو به ايوبي مارشل لا جي خلاف ڳالهائي...پر جڏهن به کانئس نالو پڇيو ويندو ته چوندو....ايوب...!

ڪنهن ٻار جو نالو ”وزير“ رکڻ معنيٰ ٻار کي نفسياتي مريض بنائڻ...راند ڪندي ٻار چوندا، وزير ٻڌي نٿو يا وزير ڪوڙ پيو ڳالهائي يا وزير ڌانڌلي ڪئي...ته اهو ننڍڙو وزير سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو ته، ”ٻيلي آئون ڳالهايان ته سچ پيو، پوءِ هي وات مان ڪوڙ ڇو پيو نڪري؟“...ايئن ئي ڪجهه ڏينهن اڳ ٽاڪ منجهند جو اسان هڪ مزدور ڏٺو...سخت اُس ۽ گرميءَ ۾ سيمنٽ ڍوئي رهيو هو. پڇيوسين،  ”توهان جو نالو؟“ چيائين،” سردار...“ چيوسين، ”نه، تنهنجو نالو هئڻ گهرجي...سَر¸ڌار“.

ڇوڪرين کي وري پنهنجي نالي پٺيان ” گُل“ رکڻ جو رواج  اهڙو اچي پيو جو جنهن کي به ٿورو شڪ ٿي پيو ته اسان جي خوشبو هاڻي گهڻو وقت رهي نه رهي، تنهن ڪري ڇو نه ” گُل“ سڏائي ڪجهه پوپٽن کي مايوس ٿيڻ کان بچايون...يا جن ڇوڪرين جو وزن آهستي آهستي وڌندو پئي ويو ته انهن کي سهيلين مشورو ڏنو ته، ”ان کان اڳ جو ماڻهو توهان کي گلدان چوڻ شروع ڪن...توهان خود ئي پاڻ کي گل سڏائڻ شروع ڪريو...هلو، توهان جي چوٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن گل نه هنيو ته توهان وري پنهنجي نالي پٺيان گل هڻي ڇڏيو!“ جيئن پاڪستان ۾ صنم جو نالو ايترو ته مروج ٿي ويو، جو هر ٻن ڇوڪرين کانپوءِ ٽئين صنم ٿي نڪتي...جيڪڏهن توهان ڪنهن پبلڪ پارڪ ۾ وڃي رهيا آهيو ۽ زور سان صنم ڪري پڪاريو ته ستن مان پنج نهارڻ لڳنديون، جن مان ٻه صنم هونديون، ٽئينءَ جي ڀيڻ جو نالو صنم هوندو، چوٿينءَ جي پاڙي ۾ صنم رهندي هوندي ۽ باقي هڪڙي وري خود ڪنهن جي صنم ٿيڻ جي آرزو ۾ هوندي، جيتوڻيڪ جڏهن کان موبائيل فون عام ٿي آهي ته هاڻي خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪير ڪنهن جي صنم آهي...!

اسان وٽ مارئيءَ جو نالو به ايترو عام آهي جو جيڪو 1971ع  واري جنگ ۾ صرف مارئي هو، اهو 1988ع  واري اليڪشن کانپوءِ يڪدم ماروي ٿي ويو...خود تاريخدانن عمر بادشاهه کي ايترو ڪنفيوز ڪري ڇڏيو جو مارئيءَ کان هلي وڃي پڇيائين ته، ”هي تاريخدان توکي امر ڪرڻ جي بدران آمر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن...پر اڄ مون سان صاف ڪر ته تون مارئي آهين يا ماروي آهين؟“ مارئيءَ يا مارويءَ به سڌو سنئون جواب ڏنو ته، ”آئون سنڌيءَ ۾ مارئي ۽ انگريزيءَ ۾ ماروي آهيان...جيئن ته تنهنجي انگريزي ۽ نظر ٻئي خراب  آهن...ان ڪري تون ڀلي مونکي ادي مارئي ڪري سڏ!“

عمر ڪجهه دير سوچ جي درياءَ ۾ هليو ويو، پر پوءِ ڏٺائين ته درياءَ ۾ پاڻي ئي ڪونهي ته يڪدم ٻاهر نڪري آيو...چيائين، ”مارئي منهنجي ذهن ۾ هڪڙي شخصيت آهي...ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿي ته اها شخصيت ڪير آهي؟“ مارئيءَ دڙڪو ڏنس، ”آئون توکي نواز علي شوق پئي لڳان...جو مون کان شخصيت ٿو ڳولرائين!“ عمر چيو ”ادي...ڪالهه آئون ڪراچي ويس ته اتي مون هڪ حيرت ۾ وجهندڙ منظر ڏٺو! مون هڪڙي بينر تي ڏٺو ته لکيل هو، مارئي ملير جي!“ مارئيءَ چيو، ”ڀليو هوندين...اهو ڪو تو سترهن سال پراڻو بينر ڏٺو هوندو...هاڻي منهنجو گهر ملير ۾ ناهي...توکي غلط فهمي ٿي آهي...تو ڪنهن حڪيم جو اشتهار ڏٺو هوندو!“ عمر دانهن ڪئي، ”نه ڀيڻ...قسم سان مون هڪ ٽرڪ پٺيان لڳل هڪ وڏي ڳاڙهي بينر تي لکيل ڏٺو هو ته...مارئي ملير جي!“ مارئيءَ ٻيهر دڙڪو ڏنس، ”عمر ڀاءُ...بادشاهن سان گڏ رهي رهي تنهنجي نظر ۽ نظريو ٻئي ڪمزور ٿي ويا آهن...پهرئين اهو ته ٻڌاءِ، تو مئٽرڪ به ڪا نه ڪئي، پوءِ تون سنڌي ڪيئن ٿو پڙهي  وڃين؟“ عمر يڪدم اُٺ تي چڙهي ويهي رهيو. چيائين، ”ٺيڪ آهي..تون جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نٿي مڃين...ته هل ڪراچي ته آئون توکي اهو بينر ڏيکاريان...جنهن تي لکيل آهي، مارئي ملير جي!“ مارئيءَ دانهن ڪئي، ”عمر ادا، آئون جيڪڏهن ملير جي هجان ها ته منهنجا ٻار به ڪنهن ملير جي اسڪول ۾ پڙهندا هجن ها!“ عمر يڪدم پڇيو،” پوءِ ڇا، تون مارئي ڊفينس جي آهين؟“ پڇيائين، ”ڊفينس جي ڇو؟“ عمر چيو، ”ڇو ته تون اڄڪلهه ڊفينس واري پوزيشن ۾ آهين!“

عمر ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ ٻيهر چيو، ”مون ته توکي پهرئين به چيو هو ته ملير کي ڇڏي اچي منهنجو محل وَساءِ ..پر تنهنجو ضد هو ته...نه مون کي ملير جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ٿي ياد اچي...پوءِ مون تنهنجي اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ملير مان هڪڙو گڏهه مٽيءَ جو ڀرائي اچي تنهنجي اڳيان پيش ڪيو ته هيءَ وٺ...ملير جي مٽي...۽ سنگهه انهيءَ جي خوشبو...!“ مارئيءَ چيو، ”ها...پر ملير جي مٽي تنهنجي محل ۾ اچڻ کان پوءِ خود قيد ٿي ويئي...!“ عمر چيو، ”توکي مون پهرئين ٻڌايو هو ته ملير ۾ گند تمام گهڻو آهي...اتي جي گٽرن کي ڍڪ ئي ڪونه آهن...پنج پنج ڏينهن ڀنگي ٻهارو ڪونه ٿا ڏين...گٽر ايترا ته ٽٻا ٽٻ آهن جو ان ۾ ٻه ماڻهو ٿا ڪِرن ته ڪڍڻ کانپوءِ ٽي ٿا نڪرن...خبر پوندي آهي ته هڪڙو ماڻهو هفتو اڳ ڪريو هو!“

ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ عمر وري پڇيو، ”پوءِ ڇا، تون مارئي لانڍيءَ جي آهين...يا ڪورنگيءَ جي آهين...يا مرڳو مارئي گرو مندر جي آهين؟“ جواب مليو، ”نه، آئون اتي جي به ڪانه آهيان!“ ”پوءِ ڀلا ڪٿي جي آهين؟“ مارئي مسڪرائيندي چيو، ”ادا...تون ڪيڏو نه سادو آهين...ڇا تو ڪڏهن صدر جي بسن ۾ سفر ڪيو آهي؟“ عمر چيو، ”ها...ڪراچيءَ جي هر بس جو گذر صدر مان ضرور ٿئي ٿو!“ مارئيءَ چيو، ”ته پوءِ ٻڌي ڇڏ، توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته...هاڻي منهنجو گهر صدر ۾ آهي...ان ڪري هاڻي آئون  آهيان...مارئي صدر جي...!“


*****
روزانه ڪاوش
خميس 21 جون 2007ع

بدھ، 5 دسمبر، 2012

ڪولمبس جو آمريڪا ڳولي لهڻ جو راز...


ڪولمبس شادي نه ڪئي تڏهن آمريڪا ڳولي لڌائين نه ته ڪيئن ڳولي ها جڏهن ڪا خاتون وڃڻ کان پهريان هيٺيان سوال ڪريس ها...

1. ڪاڏي ٿو وڃين؟
2. ڇا لاءِ؟
3. گڏ ڪير ٿو هليئي؟
4. واپس ڪڏهن ايندين؟
5. مونکي به وٺي هلڻو پوندئي.
6. ڀلا مونکي امان جي گهري ڇڏي اچ پهريان!
7. گهري ۾ ويهي به ته آمريڪا ڳولي سگهجي ٿو!
8. تون ئي ڳوليندين آمريڪا هروڀرو؟ ڇڏ ڪو ٻيو ڳولي وٺندو.
9. ڀلا ٻارن کي به وٺي وڃ. گهمي ايندا.
10. اُتان منهنجي لاءِ ڇا آڻيندين؟
11. پڪ سان آمريڪا ڳولڻ ئي ٿو وڃين نه!؟ ڪو ٻيو چڪر وڪر ته ناهي؟
12. هل ڀلا موٽ تي واڱڻن جو سير، پٽاٽا ۽ ڌاڻا مرچ وٺيو اچجانءِ....

سياري جي صبح.....


ضرور اوهان سان به ائين ٿيندو هوندو!؟ ٻڌايو نه ائين ٿيندو آهي يا نه؟

---


چيٽ آيو چڙهي تون به آءُ لڙي (سرمد سنڌي)




چيٽ آيو چڙهي، تُون به آءُ لڙي،
کيت کيڙيون، مِڙي، پيار پوکيون پرين.
کاها پنهجا کڻو، لاها سارا ڪڍو،
ورنه ويندي سڄي سُونهن ساڻيهه سڙي،
چيٽ آيو چڙهي.
کيت ٻهڪي اُٿن، سنگ سونا ٿين،
هو هو هو جي ڪيون جهار ويندي ڦَڙي،
چيٽ آيو چڙهي.
نفرتن جو نگر، ڪُوڙ سارو ڪَلر،
سچ چئبو مگر، ڳالهه آهي ڪڙي،
چيٽ آيو چڙهي.
گيت ”رنگريز“ جا، ڏَس ڏيندا ويا،
صبح ٿيندو وري، رات ويندي لَڙهي،
چيٽ آيو چڙهي.

---
غلام حسين رنگريز