جمعرات، 10 جنوری، 2013

جانِ جانان بنان (آستاد بخاري)



سونهن سرخي ٻسي، تيل، ڪنگا ڪنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

ويس ورتا به مون، هار پوتا به مون، پريت پورهيو ڪري،
ويس ڪارا ڪيان، هار ڇوڙيان ڇنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

مان لڇان پئي لڇان، مان پچان يا مچان، تن اَمِي سُمهه سُکي،
ڇو ته ڏاجا ڏِمان، تو ته ناهن ڏنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

قسمتون، ڪوششون، همتون هجتون، دوستيون دشمنيون،
هانوَ هڙني ڇنا، نانوَ ڪهڙا ڳنهان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

پيار برسات آهي، بخاري لڳاتار برکا وسي،
پيار خيرات ناهي، ڏيان يا پنان، جانِ جانان بنان،
جانِ جانان بنان

(آستاد بخاري)