جمعہ، 4 اکتوبر، 2013

ممبئي جي ”ڊبا والا سروس“ ۽ نئين هندستاني فلم ”لنچ باڪس“


ڪجهه ڏينهن پهريان عبدالحڪيم ڪليري (آدرش ڪليري) ۽ اظهار حسين سان KBC ۾ لنچ ڪندي فلمن جو ذڪر هليو، ڪجهه انگريزي فلمن جي ذڪر کان پوءِ اظهار نئين هندستاني فلم ”لنچ باڪس“ ڏسڻ جو مشورو ڏنو. وري ڪالهه شاهنواز ڪالرو پڻ ساڳي فلم جي تعريف ڪئي؛

هڪ ڪلاڪ ڇٽيهـ منٽن جي هي فلم ڏسڻ وٽان آهي، . فلم ۾ هڪ اڪيلي، رٽائرمينٽ جي ويجهو، پوڙي شخص کي ”ڊبا والا سروس“ جي ذريعي غلط لنچ باڪس ملندو آهي، جنهن کان پوءِ روزانو لنچ باڪس جي ذريعي لنچ موڪليندڙ عورت ۽ ان شخص جي خط و ڪتابت شروع ٿي ويندي آهي.

هي فلم ڏسندي مونکي انجنيئر عبدالواهاب جي سهيڙين بلاگ تي پڙهيل سائين الطاف شيخ جو مضمون ”ممبئي جا ڊبا والا“ ياد اچي ويو، دوستن کي هي مضمون ضرور پڙهڻ گهرجي، لنڪ هي هيٺ آهي.

http://sindhitravelogues.blogspot.com/2011/12/dhabawala.html