جمعرات، 27 فروری، 2014

ايڇ ٽي ايم ايل ۾ سادو سنڌي ويب پيج ٺاهڻ.


انٽرنيٽ تي جيڪي به صفحا نظر ايندا آهن اهي ”ايڇ ٽي ايم ايل“ ۾ ٺهيل هوندا آهن. ايڇ ٽي ايم ايل (HTML  ) يا يعني   Hyper Text Markup Language ڊاڪومينٽ کي ويب پيج پڻ سڏيو ويندو آهي. 
توڙي جو اڄڪلهه جي ڪو به ويب جو صفحو ٺاهڻ لاءِ HTML جي ڄاڻ ضروري ناهي، کوڙ سارا سافٽويئر آهن جيڪي اوهان کي سولائي سان ويب پيج ٺاهي ڏين ٿا، پر پوءِ به اڳتي هلي اوهان کي HTML جي ٿوري  گهڻي ڄاڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي، HTML  ۾ هڪ انتهائي سادو ويب پيج جوڙڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪريان ٿو جيڪا ويب پيج ڊزائننگ سکڻ جي شوقينن لاءِ پهريو قدم ثابت ٿيندي. 

HTML ۾ ڪو ويب پيج ٺاهڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن به خاص سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه پيش ايندي. ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ۾ موجود Notepad ايڇ ٽي ايم ايل جي ڪوڊنگ لکڻ لاءِ ۽ ويب پيج ڏسڻ لاءِ ڪوبه ويب برائوزر جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪپلورر، گوگل ڪروم يا موزيلا فائرفاڪس ڪافي آهن. هونءَ به جڏهن اسان ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڪوڊنگ لکندا آهيون ته دراصل اسان ويب برائوزر کي هدايتون ئي ته ڏيندا آهيون ته  اسان جو ويب صفحي کي اهو ڪيئن ظاهر ڪري. 
مونکي اميد آهي ته اوهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ نوٽ پيڊNotepad  کولڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿيندي. اچو ته شروع ڪريون.
1) شروعات  ٽيگ سان. هن جو مطلب ته اسان جو برائوز کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته صفحي جي ڪوڊنگ ايڇ ٽي ايم ايل  هوندي. ايڇ ٽي ايم ايل جي ڪوڊنگ کي هميشه   <    ۽  >  جي وچ ۾ رکيو ويندو آهي. هر ٽيگ ختم به ساڳي ئي ڪوڊ سان ٿيندو آ، پر سليش "/" جي نشانيءَ جي اضافي سان. جيئن هتي اسان  جي نشانيءَ سا ڪيوسين، جيئن تصوير:1 ۾ ڏيکاريل آهي.

  
2) ايڇ ٽي ايم ايل ٽيگ جي وچ ۾ ۽   جو اضافو ڪيو سين.


  
3) Head ٽيگ جي اندر صفحي کي ٽائٽل ڏنو سين. جيئن تصوير نمبر 3 ۾ ڏيکاريل آهي. ڪنهن به صفحي کي ٽائٽل يا عنوان ڏيڻ لازمي هوندو آهي. ٽائٽل بظاهر صفحي تي نظر نه ايندو آهي پر اهو ويب برائوزر جي ٽيب / ٽائٽل تي نظر اندو آهي يا جڏهن ويب پيج کي بوڪ مارڪ ڪجي ٿو ته ٽائٽل جي عنوان سان ظاهر ٿيندو آهي. اڳتي هلي ڏيکاريندس.
  
4) Head  ٽيگ کان پوءِ body ٽيگ لڳايوسين. جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي. هٿي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ويب پيج جا ٻه حصا هوندا آهن هڪ head  ۽ ٻيو  body. 
Head واري حصي اندر رکيل مواد براه راست ويب پيج تي نظر نه ايندو آهي پر  body ٽيگ اندر رکيل مواد براه راست ويب پيج تي نظر ايندو آهي.


5) باڊي ٽيگ اندرh1 جو ٽيگ شامل ڪري ان جي اندر ”سنڌ سلامت“ لکيوسين.


6)  فائل کي محفوظ ڪريون ٿا. ياد رهي ته  HTML  ۾ ٺاهيل ويب پيج کي محفوظ ڪرڻ محل انتهائي توجهه جي ضرورت پوي ٿي.
.  نوٽ پيڊ جي فائل مينو ۾ وڃي Save کي  ڪلڪ ڪيوسين ته هيٺين تصوير سان مطابقت رکندڙ ونڊو کُلي. 
.  فائل  کي نالو ڏيڻ وقت ڪوبه نالو ڏيڻ کان پوءِ .html (ڊاٽ ايڇ ٽي ايم ايل) لکڻ لازمي آهي. جيئن مون myfirstwebpage.html نالو ڏنو آهي.
. جيئن ته اسان ويب پيج ۾ سنڌي استعمال ڪئي آهي ان ڪري encoding کي يونيڪوڊ  Unicode  تي رکيو، ٻي صورت ۾ ممڪن آ ته  ويب پيج تي سنڌي نظر نه اچي.
. Save کي ڪلڪ ڪري ويب پيج کي محفوظ ڪيوسين. (تصوير ۾ ڏسو مون ڊيسڪٽاپ تي ئي فائل ئي محفوظ ڪيو آهي ته جيئن ويب پيج آساني سان  هٿ اچي سگهي)
   
. سائين منهنجا اسان جو پهريون سادو ويب پيج تيار آهي جنهن کي اسان ڊيسڪٽاپ تان وڃي کوليو  ته هيٺينءَ ريت پيج ويب برائوزر تي کليو.



هتي مون فقط ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ٺهيل ويب پيج جو تصور Concept  پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن اوهان ايڇ ٽي ايم ايل سکڻ ۾ دلچسپي رکو ٿا ته انٽرنيٽ تي موجود هزارين ويبسائيٽ تان سکي سگهو ٿا. سنڌسلامت جي ويبسائيٽ جي لائبرري ۾ به اوهان کي ايڇ ٽي ايم ايل جي سنڌي ۾ سکيا جو ڪتاب ملي ويندو.
مٿين سکيا ۾ اوڻائيون رهجي ويون هونديون، ڪنهن به قسم جي سوال پڇڻ لاءِ آزاد آهيو..
والسلام.