عبدالقادر جوڻيجو جو آچر 29 جون 2008ع جي ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم
جي ڳالهه ٿا ڪريون ته پري ٿا وڃي پئون، جي صفا ڳالهه نٿا ڪريون ته اندر سڙڻ ٿو لڳي. هلو سائين پري ڪو نه ٿا پئون ۽ نه ئي اندر کي ساڙڻ ٿا ڏيون. اڄڪلهه ته ڪيئي ڪوڙا قسمي پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي کائي پيئي ڍءُ ڪري، نڙ ٿي اوڳرائيءَ کان اڳ ۾ ئي ڪوڙا قسم کڻي اکين جي وچ مان نڪ ڪڍيو وڃن. هڪڙو زمانو هو، جو پهرئين ته ماڻهو قسم ئي نه کڻندا هئا، پوءِ ڀلي کڻي سچ تي هجن، پر ڀلا جي بنهين ڳري لت اچي پوندي هئي ۽ ڪا واهه ڪا نه بچندي هئي، ته پوءِ مري مري قسم کڻندو هو، ۽ قسم کڻڻ وارو کير جي ڀريل وٽيءَ تي هٿ رکي قسم کڻندو هو، يا وري ننڍي نيٽي نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکي قسم کڻندو هو. اهو قسم لوهه تي ليڪو هوندو هو. سو هت هيءُ بندو کير جو قسم کڻي چئي سگهي ٿو ته، هن بندي کي پڙهندي پڙهندي جيڪي پنج ست ڪتاب حد کان وڌيڪ وڻيا آهن، انهن مان هڪ ڪتاب مايا اينجليو (Maya Angleo) جي ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا آهي. سندس هر جملو هينئين ۾ چڪ وجهيو بيهو رهي، سندس هر ڳالهه دل تي چٽ آهي. سندس آتم ڪٿا جو هر جلد اندر کي ڳاريو وڃي. سچ اهڙو، جو ويٺو ڳاءِ، ڏک اهڙو جو ويٺو روءِ. خوشيءَ جو ڪو ڪو پل اهڙو جو بيٺو نچ، کلڻ جي رنگ ڍنگ ۾ ايڏي تک، جو پيو غوطا کاءُ. مايوسيون اهڙيون، جو ڳري وڃ. همتون اهڙيون، جو بکئي شينهن جي ڏر ۾ هليو وڃ. محبتون اهڙيون، جو ويٺو ڳاءِ. نفرتون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي ويٺو پٽ. سادگيون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي گهوري ڇڏ. چالاڪيون اهڙيون، جو پيو گهمريون کاءُ. آسمان هيٺان گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهيءَ گهڻي ڪجهه مان هيءَ آتم ڪٿا آهي، پهرين پيرو کڻون ٿا ليکڪا جو.
لاڳيتو لڏ پلاڻ ۾ رهندڙ ۽ پٽ سان لڳل آمريڪي شيدين جي خاندان مان ڦٽي نڪرندڙ مايا اينجليو چئن سالن جي ٿي، کيڏڻ ڪڏڻ ۽ کل کلان جي عمر هئي. نه گهر جو فڪر، نه در جو فڪر، نه گهٽيءَ جو فڪر ۽ نه ئي وري ڪو دنيا جو فڪر. ٻار ته ٻار ئي هوندو آهي يار. رسي ٽپڻ جي انهيءَ عمر ۾ کيس اها ڪا سمڪ نه هئي ته ڪمينو مرد کيس اک ۾ جهليو بيٺو آهي، جيڪو ڌاريو نه پر پنهنجو آهي، جيڪو پاڙي وارو نه پر ڇهه فٽو ويڳو پيءُ آهي. وحشت زده ويڳي پيءُ وجهه جاچي کيس اڪيلو ڏسي ساڻس زوري زنا ڪري کيس رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو. ڪتاب ۾ منظر پڙهي پڙهندڙ جو مٿو وڃي ڀت سان لڳي ٿو. اها خبر جڏهن ڇوڪرڙيءَ جي مامن کي پئي، تن وري ڇوڪرڙيءَ سان زنا ڪندڙ ويڳي پيءُ کي چٿي چٿي، ڳترا ڳترا ڪري، عضوو عضوي کان ڌار ڪري ماري ڇڏيو. ڇوڪرڙي مايا اينجليو جيڪو عذاب ڏٺو ۽ سٺو، اهو لاڪائنس ايڏو ته گهرو صدمو هو، جو کيس چپ وٺي وئي ۽ پورا 7 سال خدا جا سندس زبان بند رهي. زبان بنديءَ جي عرصي پوري ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سندس ڪچي وهي روشنيءَ وانگر ڦٽڻ لڳي، ته ڌنڌي سان به لڳي. اهو ڌنڌو هو ٻنين ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪرڻ، سٺو ڌنڌو هو، عزت وارو ڌنڌو هو. جي سڄي عمر چونڊا لابارا ڪري ڪري گذاري ها ته ڪر چڱو هو، پر انسان جي هر ڪا وک پنهنجي مرضيءَ تي ڪا نه کڄندي آهي. ائين جيڪا سندس ٻي وک کڄاڻي، انهيءَ ۾ هوءَ آسپاس موجود شراب خانن، جوا خانن ۽ چڪلن جي نيٽ ورڪ ۾ وڃي ڦاٿي. پهرئين ته هوءَ شراب خانن جي ڪِن کي صاف ڪرڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳي، پوءِ شراب خانن ۾ بار گرل بڻجي ماڻهن کي شراب پيارڻ لڳي. ناچ سندس انگ انگ ۾ شامل هو، سو نيٺ بار ۾ نچڻ شروع ڪيائين. سندس ناچ ۽ سندس سونهن ڏسڻ لاءِ آسپاس مان ڪئين فوٽو گرافر اچڻ لڳا. دل جي اڇي اجري ۽ سادي سودي مايا اينجليو ٺيٺ وڃي شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿي، جيڪو تر جو وڏو دلال هو. ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڇا جو. ائين هيءَ ساده دل ڇوڪري ڪچي وهيءَ ۾ ئي ڪال گرل عرف طوائف بڻجي وئي. در در ڀيٽيندي هوءَ پيٽ سان ٿي وئي. کيس پٽ ڄائو، پر پيءُ ڪير هو؟ اها نه کيس خبر رهي، نه پٽس کي خبر پئي ته هو ڪهڙي پيءُ جو پٽ آهي؟ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟ انهن سڀني سوالن جي جواب ۾ مايا اينجليو پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي انهيءَ پٽ گاءِ جانسن (Guy Jhonson) جي نالي منسوب ڪيو آهي. وقت وقت جا ڦيرا آهن، وقت ڦريو ته مايا اينجليو اداڪاره بڻي، پوءِ پهرئين اسٽيج جي ۽ پوءِ ٽي وي ڊرامه نگار بڻي، تنهن کانپوءِ شاعره بڻي، انهيءَ کانپوءِ آفريڪا ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ سرگرم ٿي، بنيادي انساني حقن جو جهنڊو هٿ ۾ کنيائين، پر جڏهن پهرئين آمريڪا ۾ پوءِ آفريڪا ۾ آزاديءَ جي وڏن وڏن ليڊرن جي ساٿ ۾ رهي، ته کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو ته انهن نام ڪٺين مان ڪجهه به نه ورڻو آهي ۽ انهن ترن مان تيل نڪرڻو ناهي، کين آزاديءَ جي بدران مايا اينجليو ٿي کتي، کين جمهوريت جي بدران ڊڪٽيرشپ ٿي کتي.کين آفريڪا جي غريب عوام جي ڀلي بدران غير ملڪي دورا ۽ شهرت ٿي کتي. کين عوام جي سک جي بدران پنهنجن بيڊ رومن جو سک ٿي کتو. اهو سڀ ڪجهه ڏسي وائسي، توري تڪي ۽ پرکي اچي آمريڪا جا وڻ وسايائين ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ لڳي وئي. هن آتم ڪٿا کانسواءِ سندس 9 عدد شاعريءَ جا ڪتاب ۽ هڪ عدد مضمونن جو ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ وچ ۾ هوءَ آمريڪا جي صدر ڪلنٽن جي صلاحڪار به رهي. سندس کاتو هو آفريڪي ملڪن جي غريب عوام کي امداد ڏيڻ. هن وقت هوءَ خيرن جي نارٿ ڪيرولينا جي ويڪ فاريسٽ يونيورسٽي ۾ رينالڊ پروفيسر آهي، يعني پروفيسرن جي به پروفيسر. هن ملڪ ۾ ته پروفيسرن جي ذهني ليول جا حال ته نه پڇو، پر آمريڪا ۾ جڏهن وائيٽ هائوس جو ڪو ذهين وڏو وائيٽ هائوس مان نڪرندو آهي ته اهو ترقي ڪري پروفيسر بڻجي ويندو آهي، پوءِ اهو صدر ڪلنٽن هجي يا هينري ڪسنجر هجي يا وري مايا اينجليو هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي مايا اينجليو جي سڄي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته پوءِ ته سڄي آتم ڪٿا پڙهڻي پوندي. هيءَ حياتي ڏاڍي عجيب آهي، ڪير ڪٿان ڪيئن وڌي وڻ ٿو ٿئي، انهيءَ جي ڪا به خبر نٿي پوي. رب جي هن جوڙيل جوڙ ۾ الائي ڇا ٿيندو ٿو رهي، اهو حيرت جو هنڌ آهي. ڀائو انهيءَ ڪري ٿا چئون ته وڏي هام نه هڻجي، وڏائو نه ڪجي، اک پور نه ٿجي، ڏٺي مان به ڪجهه ڏسجي. بهرحال وري به وٺ وهنديءَ کي، يعني ڪتاب کي. هن ڪتاب جا جيڪي ڇهه جلد آهن، اهي هن ريت آهن؛
1. I know why the Caged Bird Sings
2. Gather to gether In My Name
3. Singin swingin Merry Like Christmas
4. All God’s Children Need Traveling Shoes
5. The Heart of Women
6. A song Flung Up to the Heaven
انهن ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا جا ايترا ته گهڻا رخ آهن، جو انهن کي سمجهڻ لاءِ اکر اکر چپي پڙهڻو پوندو، تڏهن وڃي ڳالهه ڊول ۾ وهندي. ٻئي ڳالهه ته هي ڪتاب انگريزيءَ جي آفريڪن آمريڪن لهجي ۾ لکيل آهي، سو به ڳالهائي ويندڙ ٻولي (Spoken Language) ۾، تنهن ڪري سندس ڊڪشن ڏاڍو سگهارو آهي. ٽئي ڳالهه ته، هن ڪتاب ۾ ايترو ته اگهاڙو سچ لکيل آهي، جو انهيءَ کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪبو ته اسان جو منافق معاشرو ڪڏهن به قبول ڪو نه ڪندو، انهيءَ ڪري هن ڪتاب مان جيڪي ڪجهه جملا هتي ترجمو ڪبا، انهن تي مترجم کي سيلف سينسرشپ هڻڻي پوندي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ايتري وسيع آهي جو رمز ۾ ڳالهه ترجمو ڪري سگهجي ٿي. هتي اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته، ڪجهه سال اڳ هن ڪتاب جا پهريان ٻه جلد لاهور جي مارڪيٽ ۾ ملندا هئا، پر هاڻي ڪو به جلد ملڪ جي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي، انهيءَ ڪري هيءَ سڄي جو سڄو ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر هٿ هڻڻو پوندو، بهرحال حال پريان نال ٿي وڃن ٻه ٻه ڌڪ.
.زندگي سستي هئي ۽ موت آزاد هو.
ڪنهن به قسم جي بيان جي سچائي مٺ ۾ قابو ٿيل آلي رومال وانگيان هوندي آهي، جنهن مان آلاڻ وهي جيئن جيئن منهنجي مٺئي ۽ ڪرائين کي آلو ڪندي ويندي آهي، تيئن تيئن ڏسندڙ تيزيءَ سان انهيءَ سچائيءَ کي قبول ڪندا ويندا آهن، پر آئون جڏهن مٺ کوليندي آهيان، کلي هوا منهنجي ترين کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي آهي. آئون سچ ڪوڙ جي چڪر مان آزاد ٿي ويندي آهيان.
.انهيءَ رات کانپوءِ هر رات مون لاءِ دشمن جو علائقو بڻجي وئي.
.انسان جي ڄاڻ هاڻي خرچ ڪرڻ جوڳي ڪرنسي بڻجي وئي آهي، پوءِ اهو مارڪيٽ تي ڇڏيل آهي ته ڪيترو ٿي اگهه ڪري.
.سنگيت ئي منهنجي سام جهلي، جڏهن به آئون ڪا ڌن ٻڌندي آهيان ته پنهنجي تنهائيءَ کي پٺ ڏيئي بيهي رهندي آهيان.
.سنگيت منهنجي جسم تي ائين فٽ ٿي ويندو آهي، جيئن درزيءَ جو ڪو تازو سبيل جوڙو.
.ڪنهن صاحب وڏي جي حاضري ڀرڻ ۾ ايتري وڏي قيمت ادا ڪرڻي ڪا نه ٿي پوي، جيڏي وڏي قيمت پنهنجو مان ۽ شان رکڻ لاءِ ادا ڪرڻي ٿي پوي.
.مون ته ڪڏهن به ڪنهن به گوريءَ کي ايترو اڪيلو ڪو نه ڏٺو آهي، جيترو انگريزي ادب ۾ لکيو ويو آهي. گورا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن ته ڪارا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن، باقي ڪاري رنگ واري عورت ته گورن توڙي ڪارن مردن جي خدمت ۾ پوري هوندي آهي.
.ڇوڪريءَ جي مرڪ ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو ظلم جي به چيلهه ڀڃي ڇڏي.
.جيستائين سندس رڙيون بند ٿيل در دريون ڀڃي ڪنهن تير وانگيان منهنجي دل ۾ چڀنديون رهيون، تيستائين منهنجا لڙڪ به جواب طلبيءَ لاءِ بيهي رهيا ۽ ڳلن کان هيٺ نه ڪريا.
.ڪنهن سان گڏجي کلڻ ۾ ۽ پيار ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.
.آرٽ منهنجي ڍال آهي ۽ حق منهنجو تير ڪمان آهي.
.هوٽل جا ڪمرا ائين هوندا آهن، جيئن ڪو بنا پيار جي گهر هجي.
.ايلاگربر جون نگاهون منهنجي ٽنگن جي ڊيگهه، منهنجي مغز جي سائيز ۽ منهنجي ڏات جو وزن ماپڻ لڳيون.
.پيار تي به اگهه جي چٽڪي لڳل هوندي آهي.
.ننڍڙي ٻار جي اغوا ۽ پوءِ خون جي خبر پڙهي مون کي لڳو ته سج آسمان تان کسڪي ڪري پيو آهي، چنڊ ڳري رت بڻجي ويو آهي ۽ زمين سمنڊ جي ڪنهن ڪاري ڪٺور وير وانگيان چاڙهه کائي ٻوڙ ٻوڙان ڪري رهي آهي.
.بيٽ جنريشن جي ليکڪ جيڪ ڪيرويي جو ڪتاب On the Road هن سال جو مقبول ترين ڪتاب آهي، انهيءَ ڪتاب جو عنوان ئي اسان جي قومي نفسيات جي ذري پرزي جي تشريح ڪري ٿو. اسان سفر ۾ ته رهندا آهيون پر اسان کي نه ته اها خبر هوندي آهي، ته اسان جي منزل ڪهڙي آهي ۽ نه ئي وري اهو پتو پوندو آهي ته ڪٿي ڪڏهن پهچڻو آهي.
.ندگي وڏي ڪتي شيءِ آهي، جيڪا ڦيرين ۾ آهي.
.چرچن گهٻن ۾ جان نه رهي آهي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ عزت نه رهي آهي.
.ادبي ويهڪ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته لکڻ جو فيصلو ڪرڻ ائين آهي، جيئن برف ٿي ويل ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ.
.نچندي نچندي سوچيم ته، آئون نچي ڪري ماڻهن کي مرڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي بدران ڇو نه لکي ڪري کين مرڪڻ جي بدران سوچڻ تي مجبور ڪريان.
.مون سندن مهرباني مڃي ۽ ٽئڪسيءَ تي چڙهي ويٺيس، مون وٽ ڳريون ڳريون بيگون هيون، پر انهن ڳرين بيگن کان به وڌيڪ ڳرو منهنجو نئون احساس جرم هو، پوءِ به الائي ڇو ٽئڪسي هلي پيئي.
.مرد انڌا ٿيا آهن، جو پنهنجو پاڻ کي اڪيلي ٿي سمجهين.
.مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان ماڻهو ڪنهن مرڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇو موڪلائيندا آهيون.
.جيڪڏهن لنڊن ۾ تو کان ڪو گورو مرد پڇي ته، ”ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ ته جواب ڏجان، ”تون هيستائين ڪٿي هئين“؟ ائين چئي رواني ٿي وڃجان.
.مون کي جڏهن به ڪا ڳڻتي اچي کڻندي آهي ته اها ڳڻتي پگهر جي ڦڙن جي صورت ۾ منهنجي هٿ جي تريءَ تي پکڙجي ويندي آهي، جڏهن آئون اهي پگهر جا ڦڙا اگهي ڇڏيندي آهيان ته وري هٿ جي تريءَ تي مِڙي ايندا آهن.
.آفريڪي ملڪن جي انقلابي ليڊرن کي چئنج نه پر ايڪسچينج کپندي آهي.
.ڪامورا وات مان ڳالهائڻ جي بدران ڪرسيءَ مان ڳالهائيندا آهن.
.سندس مرڪ ۾ ايڏي گرما گرمي هئي، جو مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽيءَ تي موجود برف به ڳري وڃي.
.انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڀاڳ ۽ نڀاڳ ٻکو ٻک ٿي هلندا آهن.
.حقيقت ڪري پڇو ته مايا اينجليو جا جيڪي جابلو نئين وانگر ڪڙڪندڙ جملا مون کي ترجمو ڪرڻا هئا، سي ڪري نه سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته سچائي هضم ڪرڻ اسان ماڻهن لاءِ ڏکي آهي. فڪري آزاديءَ جو نعرو هڻڻ سولو آهي، پر فڪري آزاديءَ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي، تنهن ڪري مون سندس اهي جملا کنيا آهن، جيڪي سينسرشپ جي ڪهاڙيءَ کان بچي وڃن.
.رهي ڳالهه هن ڪتاب جي قيمت جي، ته انهيءَ لاءِ عرض ڪري ڇڏيان ته جن ماڻهن وٽ مال پاڻي جام آهي، اهي هي ڪتاب وڏي آسانيءَ سان خريد ته ڪري سگهن ٿا پر پڙهڻ کان لاچار هوندا آهن، جن کي وري ڪتاب پڙهڻ جي عادت هوندي آهي، انهن جا کيسا خالي هوندا آهن، سندن گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي. صفحن جي تعداد تي اچبو ته وري اها ڳالهه سامهون ٿي اچي ته، انساني زندگيءَ جي صفحن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاهر هوندو آهي، اهو به مايا اينجليو جي زندگيءَ جو.