بدھ، 28 نومبر، 2018

لوڪ ڪهاڻين ۾ آزاديءَ جو تصور

جمع  2 مئي 2008ع واري ڪاوش ۾ عبدالقادر جوڻيجو جو ڪالم

جيڪڏهن دنيا جهان جي هاڪاريل شاعريءَ تي وڏي ڳڻ ڳوت ڪري نظر وجهجي ته ماضيءَ ۾ ايترا ڪيئي شاعر ٿي گذريا آهن، جن مختلف ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي کڻي، انهن کي بنياد بڻائي شاهوڪار شاعري ڪئي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن اسان موجوده دور جي اعليٰ سنڌي شاعريءَ جو به جائزو وٺنداسين يا سنڌي شاعري کي رڳو اک مان ڪڍنداسين ته هِن دور جي ٽن غير معمولي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز (مرحوم)، امداد حسيني ۽ حسن درس جي شاعريءَ ۾ به اسان کي ڪٿي ڏندڪٿائن ته ڪٿي لوڪ ڪٿائن جا ڪردار ڳائبا وڄائبا نظر ايندا. ظاهر آهي ته لطيف سائين شاعري جي دنيا ۾ وڏي رِپَ آهي ۽ سندس شاعري جا ڪيئي رخ ۽ تهه آهن.

لطيف سائين جي گهڻ رخي ۽ معنويت سان ڀرپور شاعري کي جڏهن حال سارو پڙهجي ۽ سمجهجي ٿو ته سندس شاعري ۾ ست سورميون ملن ٿيون، جيڪي ستن لوڪ ڪهاڻين جون مک ڪردار آهن. لوڪ ڪهاڻين جي انهن ڪردارن کي بنياد بنائيندي لطيف سائين ڪئين رمزون رکيون آهن، يا ٻين لفظن ۾ اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته اهي ڪردار لطيف سائين شاعري ۾ علامتن (Symbols) جي صورت اختيار ڪري گهڙيا آهن.

لطيف سائين جي شاعري ۾ سندس دور جي عوامي سماجي تاريخ ته ڪڍي سگهجي ٿي، سائين ابراهيم جويي انهي سلسلي ۾ ڪم به ڪيو آهي ۽ اهو ڪم اڃا به ڪرڻ گهرجي، پر لطيف سائين جي شاعري مان جيڪڏهن دربارن، بادشاهن ۽ حڪمرانن جي تاريخ ڪڍبي ته پوءِ وڃي اوجهڙ ۾ پئبو. ائين ئي جيڪڏهن اسان جا ڪي دوست لطيف سائين جي رمزيت کي ڇڏي لوڪ ڪهاڻين سان رڳو ڪنهن ڪردار کي حقيقي تاريخ بڻائي، انهيءَ جو اصل نسل ڪڍندا ته هڪڙي پاسي لطيف سائين جي معنويت کي ڌڪ لڳندو ته ٻئي پاسي خود ڪردار به پنهنجي معنيٰ وڃائي وجهندو ۽ ٽئي پاسي اها شاعري پڙهندڙ به مُنجهي اوليت کي ڇڏي ثانويت تي وڃي ڪرندو. اڄ ٻين لوڪ ڪردارن کي ڇڏي ماروئي جو لطيف سائين جي حوالي سان ذڪر ڪبو ته تاريخ ڇا آهي ۽ لوڪ ڪهاڻي ڇا آهي.

لطيف سائين جي شاعري ۾ جيڪڏهن اسان مارئي جو اصل نسل ۽ تاريخ ڪڍنداسين ته پوءِ ڪجهه قصو هن ريت وڃي بيهندو ته لطيف سائين وٽ هڪڙي هنڌ مارئي پنهنجن مائٽن کي ”مارو“ سڏي ياد ڪندي اچي ٿي، ٻئي هنڌ مائٽن طور ”ساهڙ“ پڪاريندي نظر اچي ٿي، ٽئي هنڌ مارئي جا مائٽ ”ويڙهيچا“ نظر اچن ٿا ۽ چوٿين هنڌ مارئي پنهنجا مائٽ ”سانگي“ سڏي ٿي. ٻئي پاسي حقيقت اها آهي ته ”مارو“ ريٻاڙين جي نک آهن، ”ساهڙ“ وري نهڙين جي نُک آهن، ”ويڙهيجا“ جوڻيجن جي نک آهن، (هيءُ بندو به ويڙهيچو جوڻيجو آهي) ۽ ”سانگي“ وري ابڙن جي نک آهن (جمال ابڙو مرحوم به سانگي ابڙو) انهيءَ حساب جيڪڏهن اسان تاريخ ۾ هٿ هٿ هڻندي مارئي جي اصل نسل کي ڏسنداسين ته مارئي هڪ ئي وقت چئن ذاتين جهڙوڪ ”ريٻاڙين“، ”نهڙين“، ”جوڻيجن“ ۽ ”ابڙن“ جي ڄائي نظر اچي ٿي. ظاهر آهي ته سنڌ جو وڻ وڻ ووڙيندڙ لطيف سائين کان ڪي اهي ذاتيون ڳجهيون ته نه رهيون هونديون. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته ڪنهن هڪ عورت جون چار ذاتيون ٿي ئي نٿيون سگهن، پوءِ به جو لطيف سائين مارئي جون چار ذاتيون ڄاڻايون آهن ته معنيٰ ته لطيف سائين انهي ۾ ڪا رمز رکي آهي ۽ مارئي کي رمز جو اهڃاڻ (Symbol) بڻائي پيش ڪيو آهي.

لطيف سائين جي شاعري ۾ جيئن ”سسئي“ لاڳيتي جدوجهد جو اُهڃاڻ آهي، جيئن ”سهڻي“ همت جو اهڃاڻ آهي، جيئن ”نوري“ غير طبقاتي معاشري جو اهڃاڻ آهي ۽ جيئن ”ليلا“ لوڀ لالچ جو اهڃاڻ آهي، ائين ئي ”مارئي“ آزادي جو اهڃاڻ آهي.

پر هتي وري سوال اٿي ٿو ته مارئي جو ڪردار ڪهڙي آزاديءَ جو اهڃاڻ آهي. ظاهر آهي ته اها ڪا هڪڙي آزادي ناهي، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين تهه در تهه گهڻ پاسائون شاعر آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿي سگهي ٿو ته لطيف سائين الائي ڪيترا سال اڳ ڪائنات (Cosmos) جي اها ئي ماهيت بيان ڪئي آهي، جيڪا هن دور جي فزڪس جي سائنسدان ڪارل ساگان مرحوم ناسا جي آمريڪي سائنسي اداري ۾ ويهي ڪائنات تي دوربينيءَ کان وٺي سـُپر ڪمپيوٽر تي ريسرچ ڪندي پنهنجن ٻن ڪتابن هر هڪ ”Billions and Billions“ ۽ ”Cosmos“ ۾ بيان ڪئي آهي. اهڙي ساڳي طرح لطيف سائين جي شاعري ۾ هن دور جا جديد ادبي رويا جهڙوڪ Sur-Realism ۽ Existentialism کان وٺي Dirty modernism تائين ملن ٿا. ظاهر آهي ته اهڙي دور رس شاعر وٽ به آزادي جا به گهڻا قسم ملڻ گهرجن.

مارئي جي ڪردار ۾ موجود انهن آزادين ۾ پهرين جيڪا آزادي ملي ٿي، اها آهي شخصي آزادي پر اها شخصي آزادي ڇڙواڳي ناهي. چون ٿا ته هڪڙو انگريز پنهنجي شهر جي فوٽ پاٿ تي نيٽ گهمائيندو پئي ويو، ڇاڪاڻ جو اها سندس شخصي آزادي هئي پر هلندي هلندي اهو نيٽ وڃي ٻئي انگريز جي نڪ کي لڳو ته اهو ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڇنڊ پٽيائين، جنهن تي نيٽ واري کيس چيو ته، ”نيٽ گهمائي هلڻ منهنجي شخصي آزادي آهي.“ تنهن تي ڪاوڙيل همراهه کيس چيو ته ”ميان تنهنجي شخصي آزادي“ جي حد منهنجي نڪ تائين آهي، منهنجي نڪ کان پوءِ منهنجي شخصي آزادي شروع ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته لطيف سائين مارئي جي ڪردار جي صورت ۾ جيڪا شخصي آزادي بيان ڪئي آهي، اها هڪ اهڙي قسم جي آزادي آهي، جيڪا ٻئي جي آزادي جو حق نه ماري.

ٻئي آزادي آهي ”سماجي آزادي“ جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪو به سماج ريتين ۽ رسمن ۾ ايترو ڦاٿل نه هجي، جو فرد جا حق واسطا ختم ڪري کيس ريتن رسمن جي سـنگهرن ۾ ٻڌي غلام بڻائي ڇڏي ۽ اهو غلام سماج جي ڏاڍ جو شڪار ٿيندو رهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو آزاد انسان ٿيڻ بدران رموٽ ڪنٽرول تي هلندڙ روبوٽ بڻجي وڃي. ويهارو سال کن اڳ محترمه بينظير ڀٽو شهيد هيرالڊ رسالي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته، ”سماج جا علائقا نه ٿيندا آهن.“ سو اسان وٽ به سماج جا ڪيترائي تهه اهڙا به آهن، جن ۾ اڃا تائين فرد سماج جي ريتين رسمن جو غلام بڻيل آهي. لطيف سائين ڪيترائي سال اڳ مارئي جي ڪردار جي حوالي سان اها ڳالهه ڪئي آهي.

ٽئي آزادي آهي ”فڪري آزادي“ ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هر معاشري ۽ هر ملڪ ۾ ٽه طرفي فڪري آزادي هئڻ کپي. مطلب ته حڪومت طرفان لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي پنهنجن خيالن جي اظهار جو حق هجي. پوءِ اها ڳالهه حڪومت کي وڻي يا نه وڻي. اهڙي ساڳئي طرح هر فرد تي اهو فرض قائم ٿو ٿئي ته اهو ٻئي فرد جا چپ سبڻ جي ڪوشش نه ڪري. هن وقت اسان حڪومت کان ته فڪري آزادي گهرون ٿا، پر هڪ ٻئي کي اها آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون. پر انهيءَ فڪري آزادي کي ڇڙواڳي سمجهي ڪنهن تي اجايا الزام نه هڻجن، فڪري بخشا بحشيءَ کي ذاتي دشمنيءَ ۾ تبديل نه ڪجي. مارئي انهيءَ آزاديءَ جو به اهڃاڻ آهي.

چوٿين آزادي آهي ”سياسي آزادي“ جنهن جو صاف صاف مطلب اهو آهي ته ماڻهن جو ڪو به اڪثريتي گروهه جيڪڏهن ڪنهن کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿو يا ڪنهن سان ڳنڍجڻ چاهي ٿو ته اها آزادي کيس ملڻ کپي. اهڙي ساڳئي طرح ڪو به اڪثريتي گروهه پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿو، پنهنجي علائقي جا حق وٺڻ گهري ٿو ته اهو انهيءَ ۾ آزاد آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن به فورم ۾ پنهنجي سياسي فڪر جو اظهار ڪري ٿو ته اهو به انهيءَ جو حق آهي. پر ڏنڊي هلائڻ جو حق نه رياست کي آهي نه حڪومت کي آهي ۽ نه ئي ڪنهن فرد کي آهي. سياسي آزاديءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبصورتي اها ئي آهي، جنهن جو لطيف سائين مارئيءَ جي روپ ۾ اظهار ڪيو آهي.

پنجين آزادي آهي ”مالي آزادي.“ مالي آزاديءَ جو ڪو اهو مطلب ناهي ته چند سرمائيدار ۽ وڏا زميندار غريب ماڻهوءَ کي ڀيلي چٽ ڪن يا دنيا جون چند ڪارپوريٽس (Corporate) سڄي دنيا کي ڦري وڃي زمين سان لڳائين ۽ ماڻهو اٽي توڙي اجهي کان محروم ٿي وڃي تري سان لڳن. پر لطيف سائين جي بيان ڪيل اها آزادي آهي عوام جي، هارين نارين جي، مزدور مڙهن جي ۽ سندن پورهئي ۽ پگهر جي ڪمائيءَ جي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هن دنيا ۾ جيڪو به جتي ماڻهو رهي ٿو، اهو مالي طور تي آزاد هئڻ کپي. مٿس ڪنهن به قسم جو مالي دٻاءُ نه هجي، جو هو انهيءَ دٻاءَ هيٺ اچي پنهنجيون ٻيون آزاديون به وڃائي وڃي رهي. هونئن به ماڻهو جڏهن مالي طور تي آزاد نه هوندو ته کائنس سندس سمجهه، معصوميت، چڱائي، ذهانت، تخليقي سگهه ۽ هاڪاري رويا ڦرجي ويندا. پيٽ خالي هوندو ۽ ٺلهو دهل وانگر پيو وڄندو. مالي آزاديءَ کي اسان شاهه عنايت شهيد جي لفظن ۾ ”جيڪو کيڙي، سو کائي“ چئي سگهون ٿا. ذهني پورهيو ڪندڙ کي اهو حق مليل ناهي ته هو جسماني پورهيو ڪندڙ کان سندس مالي آزادي ڦري وٺي. ٽيڪنوڪريٽ کي اها اجازت مليل ناهي ته هو پنهنجي ڄاڻ جي زور تي ٻين جا گهر خالي ڪري. پاڻ کي سول سوسائٽي سمجهندڙ ماڻهن کي اهو حق ناهي ته هو عوام جا حق ختم ڪن، جن ۾ مالي حق به اچي ويندا. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته چند ماڻهو پنهنجا ڀڀ ڀريو هلن ۽ غريب عوام بک مرندو وتي. مالي آزادي ته اها ئي آهي ته غريب عوام فڪرات کان آجو هجي. آئون اهو ڪو نه ٿو چوان ته لطيف سائين ڪيئي سال اڳ ڪارل مارڪس يا لينن کي اک ۾ رکيو ويٺو هو ۽ کانئن متاثر ٿيو. لطيف سائينءَ ته مارئيءَ جي واتان مختلف آزادين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جهر جهنگ رُلندي، عام ماڻهن جون حالتون ڏسندي ”مالي آزاديءَ“ جو فلسفو ڏنو آهي. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو سو چيو.

لطيف سائين سر مارئي ذريعي ”مالي آزادي“ کان علاوه ”روحاني آزادي“ جو به ذڪر ڪيو آهي. جنهن کي سمجهائڻ لاءِ ڌار مضمون جي ضرورت آهي. سو جيڪڏهن اسان لطيف جي شاعريءَ جي روح تائين پهچنداسين ته اسان کي اهو ئي نتيجو ملندو ته هن ٻين سورمين جي لوڪ ڪهاڻين سان گڏوگڏ عمر مارئي جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار مارئي جي ذريعي علم جا ڪئين در دريون کولي ڇڏيا آهن، جن کي سمجهڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه کپي ٿو.

سڀاڻي جيڪڏهن لطيف سائين جي شاعري ذريعي مارئيءَ جي ڪردار تي ڪنهن کي ڪا ويب سائيٽ ٺاهي ٻي دنيا جي ماڻهن تائين معلومات رسائڻي آهي ته انهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته مغرب ۾ توڙي ڪنهن به سڌريل ملڪ جو ماڻهو عقليت پسند آهي، انهيءَ ڪري ڳالهه اهڙي ڪرڻ گهرجي جيڪا قابلِ اعتبار هجي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ چوندا آهن To make believe it جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ٻاهران ڏاڍا ڏنگا سوال ايندا، جن جو اسان وٽ ڪو به جواب موجود نه هوندو. انهيءَ ڪري منهنجو عرض آهي ته عمر مارئيءَ جي اسٽوريءَ کي جيئن جو تيئن ويب سائيٽ تي ڇڏڻ جي بدران لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ بيان ڪيل مارئيءَ جي معنويت کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ لطيف سائينءَ جي روح کي نه رنجائجي.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں