اخباري ڪالم لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
اخباري ڪالم لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

بدھ، 28 نومبر، 2018

ڪُوڪَ

عبدالقادر جوڻيجو جو آچر 29  جون  2008ع جي ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم 

جي ڳالهه ٿا ڪريون ته پري ٿا وڃي پئون، جي صفا ڳالهه نٿا ڪريون ته اندر سڙڻ ٿو لڳي. هلو سائين پري ڪو نه ٿا پئون ۽ نه ئي اندر کي ساڙڻ ٿا ڏيون. اڄڪلهه ته ڪيئي ڪوڙا قسمي پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي کائي پيئي ڍءُ ڪري، نڙ ٿي اوڳرائيءَ کان اڳ ۾ ئي ڪوڙا قسم کڻي اکين جي وچ مان نڪ ڪڍيو وڃن. هڪڙو زمانو هو، جو پهرئين ته ماڻهو قسم ئي نه کڻندا هئا، پوءِ ڀلي کڻي سچ تي هجن، پر ڀلا جي بنهين ڳري لت اچي پوندي هئي ۽ ڪا واهه ڪا نه بچندي هئي، ته پوءِ مري مري قسم کڻندو هو، ۽ قسم کڻڻ وارو کير جي ڀريل وٽيءَ تي هٿ رکي قسم کڻندو هو، يا وري ننڍي نيٽي نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکي قسم کڻندو هو. اهو قسم لوهه تي ليڪو هوندو هو. سو هت هيءُ بندو کير جو قسم کڻي چئي سگهي ٿو ته، هن بندي کي پڙهندي پڙهندي جيڪي پنج ست ڪتاب حد کان وڌيڪ وڻيا آهن، انهن مان هڪ ڪتاب مايا اينجليو (Maya Angleo) جي ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا آهي. سندس هر جملو هينئين ۾ چڪ وجهيو بيهو رهي، سندس هر ڳالهه دل تي چٽ آهي. سندس آتم ڪٿا جو هر جلد اندر کي ڳاريو وڃي. سچ اهڙو، جو ويٺو ڳاءِ، ڏک اهڙو جو ويٺو روءِ. خوشيءَ جو ڪو ڪو پل اهڙو جو بيٺو نچ، کلڻ جي رنگ ڍنگ ۾ ايڏي تک، جو پيو غوطا کاءُ. مايوسيون اهڙيون، جو ڳري وڃ. همتون اهڙيون، جو بکئي شينهن جي ڏر ۾ هليو وڃ. محبتون اهڙيون، جو ويٺو ڳاءِ. نفرتون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي ويٺو پٽ. سادگيون اهڙيون، جو پنهنجو پاڻ کي گهوري ڇڏ. چالاڪيون اهڙيون، جو پيو گهمريون کاءُ. آسمان هيٺان گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهيءَ گهڻي ڪجهه مان هيءَ آتم ڪٿا آهي، پهرين پيرو کڻون ٿا ليکڪا جو.

لاڳيتو لڏ پلاڻ ۾ رهندڙ ۽ پٽ سان لڳل آمريڪي شيدين جي خاندان مان ڦٽي نڪرندڙ مايا اينجليو چئن سالن جي ٿي، کيڏڻ ڪڏڻ ۽ کل کلان جي عمر هئي. نه گهر جو فڪر، نه در جو فڪر، نه گهٽيءَ جو فڪر ۽ نه ئي وري ڪو دنيا جو فڪر. ٻار ته ٻار ئي هوندو آهي يار. رسي ٽپڻ جي انهيءَ عمر ۾ کيس اها ڪا سمڪ نه هئي ته ڪمينو مرد کيس اک ۾ جهليو بيٺو آهي، جيڪو ڌاريو نه پر پنهنجو آهي، جيڪو پاڙي وارو نه پر ڇهه فٽو ويڳو پيءُ آهي. وحشت زده ويڳي پيءُ وجهه جاچي کيس اڪيلو ڏسي ساڻس زوري زنا ڪري کيس رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو. ڪتاب ۾ منظر پڙهي پڙهندڙ جو مٿو وڃي ڀت سان لڳي ٿو. اها خبر جڏهن ڇوڪرڙيءَ جي مامن کي پئي، تن وري ڇوڪرڙيءَ سان زنا ڪندڙ ويڳي پيءُ کي چٿي چٿي، ڳترا ڳترا ڪري، عضوو عضوي کان ڌار ڪري ماري ڇڏيو. ڇوڪرڙي مايا اينجليو جيڪو عذاب ڏٺو ۽ سٺو، اهو لاڪائنس ايڏو ته گهرو صدمو هو، جو کيس چپ وٺي وئي ۽ پورا 7 سال خدا جا سندس زبان بند رهي. زبان بنديءَ جي عرصي پوري ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سندس ڪچي وهي روشنيءَ وانگر ڦٽڻ لڳي، ته ڌنڌي سان به لڳي. اهو ڌنڌو هو ٻنين ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪرڻ، سٺو ڌنڌو هو، عزت وارو ڌنڌو هو. جي سڄي عمر چونڊا لابارا ڪري ڪري گذاري ها ته ڪر چڱو هو، پر انسان جي هر ڪا وک پنهنجي مرضيءَ تي ڪا نه کڄندي آهي. ائين جيڪا سندس ٻي وک کڄاڻي، انهيءَ ۾ هوءَ آسپاس موجود شراب خانن، جوا خانن ۽ چڪلن جي نيٽ ورڪ ۾ وڃي ڦاٿي. پهرئين ته هوءَ شراب خانن جي ڪِن کي صاف ڪرڻ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳي، پوءِ شراب خانن ۾ بار گرل بڻجي ماڻهن کي شراب پيارڻ لڳي. ناچ سندس انگ انگ ۾ شامل هو، سو نيٺ بار ۾ نچڻ شروع ڪيائين. سندس ناچ ۽ سندس سونهن ڏسڻ لاءِ آسپاس مان ڪئين فوٽو گرافر اچڻ لڳا. دل جي اڇي اجري ۽ سادي سودي مايا اينجليو ٺيٺ وڃي شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿي، جيڪو تر جو وڏو دلال هو. ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڇا جو. ائين هيءَ ساده دل ڇوڪري ڪچي وهيءَ ۾ ئي ڪال گرل عرف طوائف بڻجي وئي. در در ڀيٽيندي هوءَ پيٽ سان ٿي وئي. کيس پٽ ڄائو، پر پيءُ ڪير هو؟ اها نه کيس خبر رهي، نه پٽس کي خبر پئي ته هو ڪهڙي پيءُ جو پٽ آهي؟ سندس ڏوهه ڪهڙو آهي؟ انهن سڀني سوالن جي جواب ۾ مايا اينجليو پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي انهيءَ پٽ گاءِ جانسن (Guy Jhonson) جي نالي منسوب ڪيو آهي. وقت وقت جا ڦيرا آهن، وقت ڦريو ته مايا اينجليو اداڪاره بڻي، پوءِ پهرئين اسٽيج جي ۽ پوءِ ٽي وي ڊرامه نگار بڻي، تنهن کانپوءِ شاعره بڻي، انهيءَ کانپوءِ آفريڪا ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ سرگرم ٿي، بنيادي انساني حقن جو جهنڊو هٿ ۾ کنيائين، پر جڏهن پهرئين آمريڪا ۾ پوءِ آفريڪا ۾ آزاديءَ جي وڏن وڏن ليڊرن جي ساٿ ۾ رهي، ته کيس اهو احساس ٿيڻ لڳو ته انهن نام ڪٺين مان ڪجهه به نه ورڻو آهي ۽ انهن ترن مان تيل نڪرڻو ناهي، کين آزاديءَ جي بدران مايا اينجليو ٿي کتي، کين جمهوريت جي بدران ڊڪٽيرشپ ٿي کتي.کين آفريڪا جي غريب عوام جي ڀلي بدران غير ملڪي دورا ۽ شهرت ٿي کتي. کين عوام جي سک جي بدران پنهنجن بيڊ رومن جو سک ٿي کتو. اهو سڀ ڪجهه ڏسي وائسي، توري تڪي ۽ پرکي اچي آمريڪا جا وڻ وسايائين ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ لڳي وئي. هن آتم ڪٿا کانسواءِ سندس 9 عدد شاعريءَ جا ڪتاب ۽ هڪ عدد مضمونن جو ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ وچ ۾ هوءَ آمريڪا جي صدر ڪلنٽن جي صلاحڪار به رهي. سندس کاتو هو آفريڪي ملڪن جي غريب عوام کي امداد ڏيڻ. هن وقت هوءَ خيرن جي نارٿ ڪيرولينا جي ويڪ فاريسٽ يونيورسٽي ۾ رينالڊ پروفيسر آهي، يعني پروفيسرن جي به پروفيسر. هن ملڪ ۾ ته پروفيسرن جي ذهني ليول جا حال ته نه پڇو، پر آمريڪا ۾ جڏهن وائيٽ هائوس جو ڪو ذهين وڏو وائيٽ هائوس مان نڪرندو آهي ته اهو ترقي ڪري پروفيسر بڻجي ويندو آهي، پوءِ اهو صدر ڪلنٽن هجي يا هينري ڪسنجر هجي يا وري مايا اينجليو هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي مايا اينجليو جي سڄي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته پوءِ ته سڄي آتم ڪٿا پڙهڻي پوندي. هيءَ حياتي ڏاڍي عجيب آهي، ڪير ڪٿان ڪيئن وڌي وڻ ٿو ٿئي، انهيءَ جي ڪا به خبر نٿي پوي. رب جي هن جوڙيل جوڙ ۾ الائي ڇا ٿيندو ٿو رهي، اهو حيرت جو هنڌ آهي. ڀائو انهيءَ ڪري ٿا چئون ته وڏي هام نه هڻجي، وڏائو نه ڪجي، اک پور نه ٿجي، ڏٺي مان به ڪجهه ڏسجي. بهرحال وري به وٺ وهنديءَ کي، يعني ڪتاب کي. هن ڪتاب جا جيڪي ڇهه جلد آهن، اهي هن ريت آهن؛

1. I know why the Caged Bird Sings

2. Gather to gether In My Name

3. Singin swingin Merry Like Christmas

4. All God’s Children Need Traveling Shoes

5. The Heart of Women

6. A song Flung Up to the Heaven

انهن ڇهن جلدن تي ٻڌل آتم ڪٿا جا ايترا ته گهڻا رخ آهن، جو انهن کي سمجهڻ لاءِ اکر اکر چپي پڙهڻو پوندو، تڏهن وڃي ڳالهه ڊول ۾ وهندي. ٻئي ڳالهه ته هي ڪتاب انگريزيءَ جي آفريڪن آمريڪن لهجي ۾ لکيل آهي، سو به ڳالهائي ويندڙ ٻولي  (Spoken Language) ۾، تنهن ڪري سندس ڊڪشن ڏاڍو سگهارو آهي. ٽئي ڳالهه ته، هن ڪتاب ۾ ايترو ته اگهاڙو سچ لکيل آهي، جو انهيءَ کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪبو ته اسان جو منافق معاشرو ڪڏهن به قبول ڪو نه ڪندو، انهيءَ ڪري هن ڪتاب مان جيڪي ڪجهه جملا هتي ترجمو ڪبا، انهن تي مترجم کي سيلف سينسرشپ هڻڻي پوندي، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ايتري وسيع آهي جو رمز ۾ ڳالهه ترجمو ڪري سگهجي ٿي. هتي اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته، ڪجهه سال اڳ هن ڪتاب جا پهريان ٻه جلد لاهور جي مارڪيٽ ۾ ملندا هئا، پر هاڻي ڪو به جلد ملڪ جي مارڪيٽ ۾ موجود ناهي، انهيءَ ڪري هيءَ سڄي جو سڄو ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر هٿ هڻڻو پوندو، بهرحال حال پريان نال ٿي وڃن ٻه ٻه ڌڪ.

.زندگي سستي هئي ۽ موت آزاد هو.

 ڪنهن به قسم جي بيان جي سچائي مٺ ۾ قابو ٿيل آلي رومال وانگيان هوندي آهي، جنهن مان آلاڻ وهي جيئن جيئن منهنجي مٺئي ۽ ڪرائين کي آلو ڪندي ويندي آهي، تيئن تيئن ڏسندڙ تيزيءَ سان انهيءَ سچائيءَ کي قبول ڪندا ويندا آهن، پر آئون جڏهن مٺ کوليندي آهيان، کلي هوا منهنجي ترين کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي آهي. آئون سچ ڪوڙ جي چڪر مان آزاد ٿي ويندي آهيان.

.انهيءَ رات کانپوءِ هر رات مون لاءِ دشمن جو علائقو بڻجي وئي.

.انسان جي ڄاڻ هاڻي خرچ ڪرڻ جوڳي ڪرنسي بڻجي وئي آهي، پوءِ اهو مارڪيٽ تي ڇڏيل آهي ته ڪيترو ٿي اگهه ڪري.

.سنگيت ئي منهنجي سام جهلي، جڏهن به آئون ڪا ڌن ٻڌندي آهيان ته پنهنجي تنهائيءَ کي پٺ ڏيئي بيهي رهندي آهيان.

.سنگيت منهنجي جسم تي ائين فٽ ٿي ويندو آهي، جيئن درزيءَ جو ڪو تازو سبيل جوڙو.

.ڪنهن صاحب وڏي جي حاضري ڀرڻ ۾ ايتري وڏي قيمت ادا ڪرڻي ڪا نه ٿي پوي، جيڏي وڏي قيمت پنهنجو مان ۽ شان رکڻ لاءِ ادا ڪرڻي ٿي پوي.

.مون ته ڪڏهن به ڪنهن به گوريءَ کي ايترو اڪيلو ڪو نه ڏٺو آهي، جيترو انگريزي ادب ۾ لکيو ويو آهي. گورا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن ته ڪارا به سندن اڳيان پويان هوندا آهن، باقي ڪاري رنگ واري عورت ته گورن توڙي ڪارن مردن جي خدمت ۾ پوري هوندي آهي.

.ڇوڪريءَ جي مرڪ ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو ظلم جي به چيلهه ڀڃي ڇڏي.

.جيستائين سندس رڙيون بند ٿيل در دريون ڀڃي ڪنهن تير وانگيان منهنجي دل ۾ چڀنديون رهيون، تيستائين منهنجا لڙڪ به جواب طلبيءَ لاءِ بيهي رهيا ۽ ڳلن کان هيٺ نه ڪريا.

.ڪنهن سان گڏجي کلڻ ۾ ۽ پيار ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.

.آرٽ منهنجي ڍال آهي ۽ حق منهنجو تير ڪمان آهي.

.هوٽل جا ڪمرا ائين هوندا آهن، جيئن ڪو بنا پيار جي گهر هجي.

.ايلاگربر جون نگاهون منهنجي ٽنگن جي ڊيگهه، منهنجي مغز جي سائيز ۽ منهنجي ڏات جو وزن ماپڻ لڳيون.

.پيار تي به اگهه جي چٽڪي لڳل هوندي آهي.

.ننڍڙي ٻار جي اغوا ۽ پوءِ خون جي خبر پڙهي مون کي لڳو ته سج آسمان تان کسڪي ڪري پيو آهي، چنڊ ڳري رت بڻجي ويو آهي ۽ زمين سمنڊ جي ڪنهن ڪاري ڪٺور وير وانگيان چاڙهه کائي ٻوڙ ٻوڙان ڪري رهي آهي.

.بيٽ جنريشن جي ليکڪ جيڪ ڪيرويي جو ڪتاب  On the Road هن سال جو مقبول ترين ڪتاب آهي، انهيءَ ڪتاب جو عنوان ئي اسان جي قومي نفسيات جي ذري پرزي جي تشريح ڪري ٿو. اسان سفر ۾ ته رهندا آهيون پر اسان کي نه ته اها خبر هوندي آهي، ته اسان جي منزل ڪهڙي آهي ۽ نه ئي وري اهو پتو پوندو آهي ته ڪٿي ڪڏهن پهچڻو آهي.

.ندگي وڏي ڪتي شيءِ آهي، جيڪا ڦيرين ۾ آهي.

.چرچن گهٻن ۾ جان نه رهي آهي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ عزت نه رهي آهي.

.ادبي ويهڪ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مون کي لڳو ته لکڻ جو فيصلو ڪرڻ ائين آهي، جيئن برف ٿي ويل ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ.

.نچندي نچندي سوچيم ته، آئون نچي ڪري ماڻهن کي مرڪڻ تي مجبور ڪرڻ جي بدران ڇو نه لکي ڪري کين مرڪڻ جي بدران سوچڻ تي مجبور ڪريان.

.مون سندن مهرباني مڃي ۽ ٽئڪسيءَ تي چڙهي ويٺيس، مون وٽ ڳريون ڳريون بيگون هيون، پر انهن ڳرين بيگن کان به وڌيڪ ڳرو منهنجو نئون احساس جرم هو، پوءِ به الائي ڇو ٽئڪسي هلي پيئي.

.مرد انڌا ٿيا آهن، جو پنهنجو پاڻ کي اڪيلي ٿي سمجهين.

.مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان ماڻهو ڪنهن مرڪندڙ ماڻهوءَ کان ڇو موڪلائيندا آهيون.

.جيڪڏهن لنڊن ۾ تو کان ڪو گورو مرد پڇي ته، ”ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ ته جواب ڏجان، ”تون هيستائين ڪٿي هئين“؟ ائين چئي رواني ٿي وڃجان.

.مون کي جڏهن به ڪا ڳڻتي اچي کڻندي آهي ته اها ڳڻتي پگهر جي ڦڙن جي صورت ۾ منهنجي هٿ جي تريءَ تي پکڙجي ويندي آهي، جڏهن آئون اهي پگهر جا ڦڙا اگهي ڇڏيندي آهيان ته وري هٿ جي تريءَ تي مِڙي ايندا آهن.

.آفريڪي ملڪن جي انقلابي ليڊرن کي چئنج نه پر ايڪسچينج کپندي آهي.

.ڪامورا وات مان ڳالهائڻ جي بدران ڪرسيءَ مان ڳالهائيندا آهن.

.سندس مرڪ ۾ ايڏي گرما گرمي هئي، جو مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽيءَ تي موجود برف به ڳري وڃي.

.انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڀاڳ ۽ نڀاڳ ٻکو ٻک ٿي هلندا آهن.

.حقيقت ڪري پڇو ته مايا اينجليو جا جيڪي جابلو نئين وانگر ڪڙڪندڙ جملا مون کي ترجمو ڪرڻا هئا، سي ڪري نه سگهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته سچائي هضم ڪرڻ اسان ماڻهن لاءِ ڏکي آهي. فڪري آزاديءَ جو نعرو هڻڻ سولو آهي، پر فڪري آزاديءَ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي، تنهن ڪري مون سندس اهي جملا کنيا آهن، جيڪي سينسرشپ جي ڪهاڙيءَ کان بچي وڃن.

.رهي ڳالهه هن ڪتاب جي قيمت جي، ته انهيءَ لاءِ عرض ڪري ڇڏيان ته جن ماڻهن وٽ مال پاڻي جام آهي، اهي هي ڪتاب وڏي آسانيءَ سان خريد ته ڪري سگهن ٿا پر پڙهڻ کان لاچار هوندا آهن، جن کي وري ڪتاب پڙهڻ جي عادت هوندي آهي، انهن جا کيسا خالي هوندا آهن، سندن گهر ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ پيو هلندو آهي. صفحن جي تعداد تي اچبو ته وري اها ڳالهه سامهون ٿي اچي ته، انساني زندگيءَ جي صفحن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاهر هوندو آهي، اهو به مايا اينجليو جي زندگيءَ جو.

لوڪ ڪهاڻين ۾ آزاديءَ جو تصور

جمع  2 مئي 2008ع واري ڪاوش ۾ عبدالقادر جوڻيجو جو ڪالم

جيڪڏهن دنيا جهان جي هاڪاريل شاعريءَ تي وڏي ڳڻ ڳوت ڪري نظر وجهجي ته ماضيءَ ۾ ايترا ڪيئي شاعر ٿي گذريا آهن، جن مختلف ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي کڻي، انهن کي بنياد بڻائي شاهوڪار شاعري ڪئي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن اسان موجوده دور جي اعليٰ سنڌي شاعريءَ جو به جائزو وٺنداسين يا سنڌي شاعري کي رڳو اک مان ڪڍنداسين ته هِن دور جي ٽن غير معمولي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز (مرحوم)، امداد حسيني ۽ حسن درس جي شاعريءَ ۾ به اسان کي ڪٿي ڏندڪٿائن ته ڪٿي لوڪ ڪٿائن جا ڪردار ڳائبا وڄائبا نظر ايندا. ظاهر آهي ته لطيف سائين شاعري جي دنيا ۾ وڏي رِپَ آهي ۽ سندس شاعري جا ڪيئي رخ ۽ تهه آهن.

لطيف سائين جي گهڻ رخي ۽ معنويت سان ڀرپور شاعري کي جڏهن حال سارو پڙهجي ۽ سمجهجي ٿو ته سندس شاعري ۾ ست سورميون ملن ٿيون، جيڪي ستن لوڪ ڪهاڻين جون مک ڪردار آهن. لوڪ ڪهاڻين جي انهن ڪردارن کي بنياد بنائيندي لطيف سائين ڪئين رمزون رکيون آهن، يا ٻين لفظن ۾ اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته اهي ڪردار لطيف سائين شاعري ۾ علامتن (Symbols) جي صورت اختيار ڪري گهڙيا آهن.

لطيف سائين جي شاعري ۾ سندس دور جي عوامي سماجي تاريخ ته ڪڍي سگهجي ٿي، سائين ابراهيم جويي انهي سلسلي ۾ ڪم به ڪيو آهي ۽ اهو ڪم اڃا به ڪرڻ گهرجي، پر لطيف سائين جي شاعري مان جيڪڏهن دربارن، بادشاهن ۽ حڪمرانن جي تاريخ ڪڍبي ته پوءِ وڃي اوجهڙ ۾ پئبو. ائين ئي جيڪڏهن اسان جا ڪي دوست لطيف سائين جي رمزيت کي ڇڏي لوڪ ڪهاڻين سان رڳو ڪنهن ڪردار کي حقيقي تاريخ بڻائي، انهيءَ جو اصل نسل ڪڍندا ته هڪڙي پاسي لطيف سائين جي معنويت کي ڌڪ لڳندو ته ٻئي پاسي خود ڪردار به پنهنجي معنيٰ وڃائي وجهندو ۽ ٽئي پاسي اها شاعري پڙهندڙ به مُنجهي اوليت کي ڇڏي ثانويت تي وڃي ڪرندو. اڄ ٻين لوڪ ڪردارن کي ڇڏي ماروئي جو لطيف سائين جي حوالي سان ذڪر ڪبو ته تاريخ ڇا آهي ۽ لوڪ ڪهاڻي ڇا آهي.

لطيف سائين جي شاعري ۾ جيڪڏهن اسان مارئي جو اصل نسل ۽ تاريخ ڪڍنداسين ته پوءِ ڪجهه قصو هن ريت وڃي بيهندو ته لطيف سائين وٽ هڪڙي هنڌ مارئي پنهنجن مائٽن کي ”مارو“ سڏي ياد ڪندي اچي ٿي، ٻئي هنڌ مائٽن طور ”ساهڙ“ پڪاريندي نظر اچي ٿي، ٽئي هنڌ مارئي جا مائٽ ”ويڙهيچا“ نظر اچن ٿا ۽ چوٿين هنڌ مارئي پنهنجا مائٽ ”سانگي“ سڏي ٿي. ٻئي پاسي حقيقت اها آهي ته ”مارو“ ريٻاڙين جي نک آهن، ”ساهڙ“ وري نهڙين جي نُک آهن، ”ويڙهيجا“ جوڻيجن جي نک آهن، (هيءُ بندو به ويڙهيچو جوڻيجو آهي) ۽ ”سانگي“ وري ابڙن جي نک آهن (جمال ابڙو مرحوم به سانگي ابڙو) انهيءَ حساب جيڪڏهن اسان تاريخ ۾ هٿ هٿ هڻندي مارئي جي اصل نسل کي ڏسنداسين ته مارئي هڪ ئي وقت چئن ذاتين جهڙوڪ ”ريٻاڙين“، ”نهڙين“، ”جوڻيجن“ ۽ ”ابڙن“ جي ڄائي نظر اچي ٿي. ظاهر آهي ته سنڌ جو وڻ وڻ ووڙيندڙ لطيف سائين کان ڪي اهي ذاتيون ڳجهيون ته نه رهيون هونديون. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته ڪنهن هڪ عورت جون چار ذاتيون ٿي ئي نٿيون سگهن، پوءِ به جو لطيف سائين مارئي جون چار ذاتيون ڄاڻايون آهن ته معنيٰ ته لطيف سائين انهي ۾ ڪا رمز رکي آهي ۽ مارئي کي رمز جو اهڃاڻ (Symbol) بڻائي پيش ڪيو آهي.

لطيف سائين جي شاعري ۾ جيئن ”سسئي“ لاڳيتي جدوجهد جو اُهڃاڻ آهي، جيئن ”سهڻي“ همت جو اهڃاڻ آهي، جيئن ”نوري“ غير طبقاتي معاشري جو اهڃاڻ آهي ۽ جيئن ”ليلا“ لوڀ لالچ جو اهڃاڻ آهي، ائين ئي ”مارئي“ آزادي جو اهڃاڻ آهي.

پر هتي وري سوال اٿي ٿو ته مارئي جو ڪردار ڪهڙي آزاديءَ جو اهڃاڻ آهي. ظاهر آهي ته اها ڪا هڪڙي آزادي ناهي، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين تهه در تهه گهڻ پاسائون شاعر آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿي سگهي ٿو ته لطيف سائين الائي ڪيترا سال اڳ ڪائنات (Cosmos) جي اها ئي ماهيت بيان ڪئي آهي، جيڪا هن دور جي فزڪس جي سائنسدان ڪارل ساگان مرحوم ناسا جي آمريڪي سائنسي اداري ۾ ويهي ڪائنات تي دوربينيءَ کان وٺي سـُپر ڪمپيوٽر تي ريسرچ ڪندي پنهنجن ٻن ڪتابن هر هڪ ”Billions and Billions“ ۽ ”Cosmos“ ۾ بيان ڪئي آهي. اهڙي ساڳي طرح لطيف سائين جي شاعري ۾ هن دور جا جديد ادبي رويا جهڙوڪ Sur-Realism ۽ Existentialism کان وٺي Dirty modernism تائين ملن ٿا. ظاهر آهي ته اهڙي دور رس شاعر وٽ به آزادي جا به گهڻا قسم ملڻ گهرجن.

مارئي جي ڪردار ۾ موجود انهن آزادين ۾ پهرين جيڪا آزادي ملي ٿي، اها آهي شخصي آزادي پر اها شخصي آزادي ڇڙواڳي ناهي. چون ٿا ته هڪڙو انگريز پنهنجي شهر جي فوٽ پاٿ تي نيٽ گهمائيندو پئي ويو، ڇاڪاڻ جو اها سندس شخصي آزادي هئي پر هلندي هلندي اهو نيٽ وڃي ٻئي انگريز جي نڪ کي لڳو ته اهو ڪاوڙجي پيو ۽ کيس ڇنڊ پٽيائين، جنهن تي نيٽ واري کيس چيو ته، ”نيٽ گهمائي هلڻ منهنجي شخصي آزادي آهي.“ تنهن تي ڪاوڙيل همراهه کيس چيو ته ”ميان تنهنجي شخصي آزادي“ جي حد منهنجي نڪ تائين آهي، منهنجي نڪ کان پوءِ منهنجي شخصي آزادي شروع ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته لطيف سائين مارئي جي ڪردار جي صورت ۾ جيڪا شخصي آزادي بيان ڪئي آهي، اها هڪ اهڙي قسم جي آزادي آهي، جيڪا ٻئي جي آزادي جو حق نه ماري.

ٻئي آزادي آهي ”سماجي آزادي“ جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪو به سماج ريتين ۽ رسمن ۾ ايترو ڦاٿل نه هجي، جو فرد جا حق واسطا ختم ڪري کيس ريتن رسمن جي سـنگهرن ۾ ٻڌي غلام بڻائي ڇڏي ۽ اهو غلام سماج جي ڏاڍ جو شڪار ٿيندو رهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو آزاد انسان ٿيڻ بدران رموٽ ڪنٽرول تي هلندڙ روبوٽ بڻجي وڃي. ويهارو سال کن اڳ محترمه بينظير ڀٽو شهيد هيرالڊ رسالي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته، ”سماج جا علائقا نه ٿيندا آهن.“ سو اسان وٽ به سماج جا ڪيترائي تهه اهڙا به آهن، جن ۾ اڃا تائين فرد سماج جي ريتين رسمن جو غلام بڻيل آهي. لطيف سائين ڪيترائي سال اڳ مارئي جي ڪردار جي حوالي سان اها ڳالهه ڪئي آهي.

ٽئي آزادي آهي ”فڪري آزادي“ ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هر معاشري ۽ هر ملڪ ۾ ٽه طرفي فڪري آزادي هئڻ کپي. مطلب ته حڪومت طرفان لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي پنهنجن خيالن جي اظهار جو حق هجي. پوءِ اها ڳالهه حڪومت کي وڻي يا نه وڻي. اهڙي ساڳئي طرح هر فرد تي اهو فرض قائم ٿو ٿئي ته اهو ٻئي فرد جا چپ سبڻ جي ڪوشش نه ڪري. هن وقت اسان حڪومت کان ته فڪري آزادي گهرون ٿا، پر هڪ ٻئي کي اها آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون. پر انهيءَ فڪري آزادي کي ڇڙواڳي سمجهي ڪنهن تي اجايا الزام نه هڻجن، فڪري بخشا بحشيءَ کي ذاتي دشمنيءَ ۾ تبديل نه ڪجي. مارئي انهيءَ آزاديءَ جو به اهڃاڻ آهي.

چوٿين آزادي آهي ”سياسي آزادي“ جنهن جو صاف صاف مطلب اهو آهي ته ماڻهن جو ڪو به اڪثريتي گروهه جيڪڏهن ڪنهن کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿو يا ڪنهن سان ڳنڍجڻ چاهي ٿو ته اها آزادي کيس ملڻ کپي. اهڙي ساڳئي طرح ڪو به اڪثريتي گروهه پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿو، پنهنجي علائقي جا حق وٺڻ گهري ٿو ته اهو انهيءَ ۾ آزاد آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن به فورم ۾ پنهنجي سياسي فڪر جو اظهار ڪري ٿو ته اهو به انهيءَ جو حق آهي. پر ڏنڊي هلائڻ جو حق نه رياست کي آهي نه حڪومت کي آهي ۽ نه ئي ڪنهن فرد کي آهي. سياسي آزاديءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبصورتي اها ئي آهي، جنهن جو لطيف سائين مارئيءَ جي روپ ۾ اظهار ڪيو آهي.

پنجين آزادي آهي ”مالي آزادي.“ مالي آزاديءَ جو ڪو اهو مطلب ناهي ته چند سرمائيدار ۽ وڏا زميندار غريب ماڻهوءَ کي ڀيلي چٽ ڪن يا دنيا جون چند ڪارپوريٽس (Corporate) سڄي دنيا کي ڦري وڃي زمين سان لڳائين ۽ ماڻهو اٽي توڙي اجهي کان محروم ٿي وڃي تري سان لڳن. پر لطيف سائين جي بيان ڪيل اها آزادي آهي عوام جي، هارين نارين جي، مزدور مڙهن جي ۽ سندن پورهئي ۽ پگهر جي ڪمائيءَ جي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته هن دنيا ۾ جيڪو به جتي ماڻهو رهي ٿو، اهو مالي طور تي آزاد هئڻ کپي. مٿس ڪنهن به قسم جو مالي دٻاءُ نه هجي، جو هو انهيءَ دٻاءَ هيٺ اچي پنهنجيون ٻيون آزاديون به وڃائي وڃي رهي. هونئن به ماڻهو جڏهن مالي طور تي آزاد نه هوندو ته کائنس سندس سمجهه، معصوميت، چڱائي، ذهانت، تخليقي سگهه ۽ هاڪاري رويا ڦرجي ويندا. پيٽ خالي هوندو ۽ ٺلهو دهل وانگر پيو وڄندو. مالي آزاديءَ کي اسان شاهه عنايت شهيد جي لفظن ۾ ”جيڪو کيڙي، سو کائي“ چئي سگهون ٿا. ذهني پورهيو ڪندڙ کي اهو حق مليل ناهي ته هو جسماني پورهيو ڪندڙ کان سندس مالي آزادي ڦري وٺي. ٽيڪنوڪريٽ کي اها اجازت مليل ناهي ته هو پنهنجي ڄاڻ جي زور تي ٻين جا گهر خالي ڪري. پاڻ کي سول سوسائٽي سمجهندڙ ماڻهن کي اهو حق ناهي ته هو عوام جا حق ختم ڪن، جن ۾ مالي حق به اچي ويندا. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته چند ماڻهو پنهنجا ڀڀ ڀريو هلن ۽ غريب عوام بک مرندو وتي. مالي آزادي ته اها ئي آهي ته غريب عوام فڪرات کان آجو هجي. آئون اهو ڪو نه ٿو چوان ته لطيف سائين ڪيئي سال اڳ ڪارل مارڪس يا لينن کي اک ۾ رکيو ويٺو هو ۽ کانئن متاثر ٿيو. لطيف سائينءَ ته مارئيءَ جي واتان مختلف آزادين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جهر جهنگ رُلندي، عام ماڻهن جون حالتون ڏسندي ”مالي آزاديءَ“ جو فلسفو ڏنو آهي. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو سو چيو.

لطيف سائين سر مارئي ذريعي ”مالي آزادي“ کان علاوه ”روحاني آزادي“ جو به ذڪر ڪيو آهي. جنهن کي سمجهائڻ لاءِ ڌار مضمون جي ضرورت آهي. سو جيڪڏهن اسان لطيف جي شاعريءَ جي روح تائين پهچنداسين ته اسان کي اهو ئي نتيجو ملندو ته هن ٻين سورمين جي لوڪ ڪهاڻين سان گڏوگڏ عمر مارئي جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار مارئي جي ذريعي علم جا ڪئين در دريون کولي ڇڏيا آهن، جن کي سمجهڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه کپي ٿو.

سڀاڻي جيڪڏهن لطيف سائين جي شاعري ذريعي مارئيءَ جي ڪردار تي ڪنهن کي ڪا ويب سائيٽ ٺاهي ٻي دنيا جي ماڻهن تائين معلومات رسائڻي آهي ته انهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته مغرب ۾ توڙي ڪنهن به سڌريل ملڪ جو ماڻهو عقليت پسند آهي، انهيءَ ڪري ڳالهه اهڙي ڪرڻ گهرجي جيڪا قابلِ اعتبار هجي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ چوندا آهن To make believe it جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ٻاهران ڏاڍا ڏنگا سوال ايندا، جن جو اسان وٽ ڪو به جواب موجود نه هوندو. انهيءَ ڪري منهنجو عرض آهي ته عمر مارئيءَ جي اسٽوريءَ کي جيئن جو تيئن ويب سائيٽ تي ڇڏڻ جي بدران لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ بيان ڪيل مارئيءَ جي معنويت کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ لطيف سائينءَ جي روح کي نه رنجائجي.

پير کڻڻ جا گُرَ

خميس 06 آڪٽوبر 2005ع واري ڪاوش اخبار منجهان عبدالقادر جوڻيجو جو مضمون
 
پنهنجي پڙهندڙن جي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌي، عرض ڪندي کانئن معافي ٿي گهرجي ته ڪافي وقت کان وٺي ”ڪاوش“ اخبار جي هن صفحي مان غائب رهيس. اُميد ته اها معافي قبول پوندي.

ڳچ يارن جو خيال هو ته شايد منهنجو قلم لکڻ کان ويهي ويو آهي، پر حقيقت اها آهي ته قلم انهن ليکڪن جا ڪم ڇڏيندا آهن، جيڪي زوري ليکڪ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پاڻ سان اهو ڪو اهڙو  مسئلو ناهي، بلڪه لکڻ ته مون لاءِ ائين آهي، جيئن ساهه کڻڻ. باقي اهو سچ آهي ته لکڻ جو ڪم مسافر جي پنڌ وانگر هوندو آهي، جيڪو هلي هلي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ٿڪ ڀڃندو ۽ دم پٽيندو آهي، ۽ پوءِ وري پنڌ پوندو آهي. سو ائين کڻي سمجهو ته پاڻ به لکي لکي ٿڪ ڀڳوسين ۽ دم پٽيوسين. سو هاڻي هي لکڻ جو سلسلو وري ايستائين جاري رهندو، جيستائين وري ٿڪ ڀڃڻ ۽ دم پٽڻ جو وارو اچي.

ڪن يارن وري اهو اشارو ڏنو ته چيئرمين ”سنڌي ٻولي اٿارٽي“ جي ڪرسي تي ويهڻ کان پوءِ شايد منهنجي قلم جي بولتي بند ٿي وڃي، جو اڪثر ائين ٿيندو رهندو آهي. انهن دوستن کي عرض آهي ته ڪن ماڻهن وٽ سندن قلم ڪُرسيءَ اڳيان مجبور هوندو آهي، پر پاڻ وٽ هيءَ ويچاري ڪُرسي قلم جي اڳيان مجبور آهي. سو پاڻ جو قلم ٽي وي اسڪرين کان وٺي ڪتابن تائين ۽ ڪتابن کان وٺي اخبارن ۾ ڇپجندڙ هنن مضمونن تائين جاري رهندو. آفيس جو ڪم ڪار به ڇڪي ڪبو، ته لکڻ جو ڪم به ڇڪي رکبو. مرسون، پر گاهه نه چرسون. اُميد ته اها چٽائي به قبول پوندي. وڌيڪ جيڪو جيئن سمجهي.

”وقت“ کي رب جيءَ ذات ايڏا ته پاور ڏيئي ڇڏيا آهن، جو اڄ تائين ڪو کيس سنگهر هڻي نه سگهيو آهي، ۽  نه ئي وري هڻي سگهندو. الٽو ”وقت“ ٻي هر شيءِ کي کائيو کپايو ڇڏي. بادشاهي تخت و تاج ته ڇُٽا پر ”وقت“ ته ڪيترين ئي سائنسي ايجادن کي به لٽ ۾ لٽي ڇڏيو. ڪو زمانو هو، جو انگريزن توبن ۽ توب گولن جي زور تي، ميرن وٽان سنڌ کسي ورتي. هينئر انهن توبن ۽ توب گولن کي يا ته مٽي کائي چڪي آهي يا وري انهن توبن جو ڪو ڪَنُ پُڇ ڪنهن ميوزيم جي ڪنڊ پاڇي ۾ پيل هوندو. اڄ انهن توبن ۽ توب گولن جي جاءِ تي اهڙا ته ميزائيل اچي نڪتا آهن، جو هڪڙي کنڊ مان ڇڪي ٻئي کنڊ ۾ هڻ ته ٻيو کنڊ دڦ ٿيو پيو هوندو. ڪو زمانو هو، جو تڪڙو نياپو پهچائڻ لاءِ تار (ٽيليگراف) جي کڙ کڙ ڪم ڏيکاريندي هئي. اڄ اهڙا موبائيل فون نڪري پيا آهن، جو سنگت ساٿ سان ڳالهائڻ وقت شڪليون به ڏسو، ته ٻئي پاسي ڪئين ميل پري فوٽ بال يا ڪرڪيٽ جو ملاکڙو به ڏسو. پري نه وڃو، ڪنڪارڊ هوائي جهاز تي اچو، جيڪا تازي ايجاد آهي. پنج هزار ميل في ڪلاڪ جي  رفتار سان هلندڙ اهو جهاز به دفتر داخل ٿي ميوزيم ۾ کنڀ ٽيڙيو پيو آهي. ائين ”وقت“ ته مشين کي به موت ڏيئي ڇڏيو ۽ اڃا ڏيندو. اها ساڳئي جُٺ پيرن کڻڻ جي گُرن ۽ سائنس سان به ٿيندي پئي وڃي. آمريڪا جا ريڊ انڊين پنهنجي زماني ۾ پيرن کڻڻ جا شاهه ڪاريگر  پيري هُئا. هاڻي اُتان جا ڪجهه اسڪالر انهيءَ ڳالهه جي پويان پيل آهن ته ريڊ انڊين پير ڪيئن کڻندا هئا. پاڻ وٽ سنڌ ۾ به پيرن کڻڻ جا وڏا وڏا خفتي هئا، جن مان هاڻي ڪو داڻو ڪڻو وڃي بچيو آهي. هاڻي قصو اتي اچي پهتو آهي، جو چور ٻڪرين جو ولر يا ڍڳن جو جوڙو ڪاهي، پڪي روڊ تي پهچي ٽرڪ تي چاڙهي پاڻ به چڙهي ويهي رهندو آهي. چور ته وچ ۾ لهي ويندو آهي، پر مال وڃي وڏن شهرن جي ڪاسائين جي حوالي ٿيندو آهي. چور ۽ مال جي پيرن جي پويان پيل ويچارو پيري روڊ تي پهچي هٿ ڇنڊي، لاچار ٿي بيهي رهندو آهي. پر اڃا به ڪٿي ڪٿي سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ پير کڻڻ جا گُر موجود آهن. پر هڪ ڏينهن انهيءَ سائنس جو به خاتمو اچڻو آهي. سو پير کڻڻ جي گُرن کي به لاچار ٿي اڳواٽ ڪاغذ تي لاهڻ جو جتن ڪجي  ٿو.

منهنجو پنهنجو سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين تي وڏو اعتبار آهي، جو اهي پهاڪا ۽ چوڻيون سوين سالن جي انساني تجربي مان ڦٽي نڪتل لوڪ سائنس جا نمونا آهن. پر وقت گذرڻ ۽ علم وڌڻ سان گڏ ڪي ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون مدي خارج به بڻجي ويا آهن، پر تمام گهٽ. هڪ اهڙي ئي چوڻي آهي ته، ”هر ڪو ڄمندي ڄام نه هوندو آهي.“ پر هاڻي دماغ بابت علم (Neurology) علم نفسيات (Psychology) ۽ جينيات (Genetics) جا ماهر چون ٿا ته هر ڪو ماڻهو ڄمندي ڄام هوندو آهي. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته ڄمڻ وقت قدرت هر ماڻهو کي ڪو نه ڪو خاص گُر عطا ڪندي آهي، جيڪو انسان جي جبلتن (Instincts) ۾ موجود هوندو آهي. باقي ائين برابر آهي ته انهيءَ گُر کي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ ماڻهو جو پنهنجو، ماءُ پيءُ جو ۽ سوسائٽيءَ جو ڪم آهي. پاڻ وٽ اڃا تائين انهيءَ ڳالهه جو خيال نه رکيو ويندو آهي، تنهن ڪري ٻار قدرت طرفان ڏنل گُر تان هٽي ڪري ٻئي رستي تي هليو ويندو آهي ۽ پوءِ ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي رهجي ويندو آهي. پر جي ڪو ٻار شروع کان وٺي قدرت طرفان عطا ڪيل رستي تي چڙهي ويندو آهي ته سندس پئون ٻارهن ٿي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي ڪم جو شاهه ڪاريگر بڻجي ويندو آهي، پوءِ اهو ڪم سائنس جو  هجي يا آرٽ جو هجي يا وري ڪو ٻيو ڌنڌو. خود پير کڻڻ جي سائنس به ائين ئي انسان کي عطا ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي سندس پرئڪٽس سندس انهي گُر کي پختو ڪندي ويندي آهي ۽ هو عمر سان گڏو گڏ ويران وير وڌ ٿيندو ويندو آهي. سندس انهيءَ ڪم تي ايڏي ته توجهه هوندي آهي، جو هو ٻيا سڀ ڪم ڇڏي هر آئي وئي جا پير پيو کڻندو آهي، پوءِ اهو ماڻهو هجي، يا مال هجي يا زمين تي هلندڙ پکي هجي، يا نانگ بلا جو ليڪو هجي. ايڏو شديد ڌيان ۽ گيان کيس ايستائين پهچائي ڇڏيندو آهي جو هو ماڻهو جي يا مال جي پير ڏسڻ ساڻ، انهن جو اصل نسل ۽ ڳوٺ راڄ به سڃاڻي ويندو آهي. اهو سڄو  ڪم Instinctive (جبلتي) هوندو آهي. ته اهڙيءَ طرح پيريءَ کي پير کڻڻ وقت سندس قدرتي جبلتون ڪم ڏيکارينديون آهن. هڪڙي ڳالهه ته ٿي اها، هاڻي اچجي ٻين ڳالهين تي.

پيريءَ کي پهرئين ته اهو وقت ڳولي لهڻو هوندو آهي ته فلاڻو يا الاڻو ڪڏهين آيو ۽ ويو. چاليهارو سال کن اڳ اسان وٽ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ رات جو 2 وڳي ڌاري اڻ لکي ماڪ پوڻ شروع ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ وڌندي ويندي هئي، تان جو صبح ٿئي. جيڪڏهن ايندڙ يا ويندڙ جي پيرن مٿان ماڪ جي هلڪي پِڇَ نظر نه ايندي ته معنيٰ ته همراهه 2 وڳي کان وٺي 3 وڳي تائين لنگهيو آهي. پر جي اها پڇ ڪجهه وڌيل آهي ته پوءِ انهيءَ پڇ جي تهه مان پيري پڪ وٺندو هو ته همراهه ڪهڙي وقت لنگهيو. پر جي همراهه جي پيرن مٿان فجر جو هلندڙ پکين جا ڪٿي پير نظر آيا ته معنيٰ ته همراهه فجر جو اُتان لنگهيو آهي. ته ائين پيري پهرئين وقت جو اندازو لڳائيندو آهي. پاڻ ته هتي ڪلاڪن جي حساب سان ڳالهه ڪئي آهي، پر اصلي پيري پل پل جو حساب رکندو آهي.

       وقت جي پڪ ڪرڻ کان پوءِ پيري سڌو همراهه جي وک کڻڻ جي ڍنگ تي ايندو آهي ته اهو آڏي وک ٿو کڻي يا سڌي وک ٿو کڻي، يا وري اندرئين وک ٿو کڻي. ڀلا جي آڏي وک ٿو کڻي ته ڪيترا آڱر ٿو کڻي، يا اندرئين وک ٿو کڻي ته ڪيترا آڱر ٿو وک کڻي، يا جي سڌي وک ٿو کڻي ته ڪيترا آڱر سندس وک هيڏانهن يا هوڏانهن ٿي ٿئي. همراهه جي وک پرکڻ کان پوءِ پيري اهو به ڏسندو آهي ته همراهه ڪيتري ڊگهي يا ڇوٽي وک ٿو کڻي، جنهن مان کيس همراهه جي قد جي خبر پوندي، جو هر ماڻهو پنهنجي قد جي حساب سان اوڏي ئي وک کڻندو آهي، تنهن کان پوءِ پيريءَ کي اها به خبر پوندي ته همراهه هلڻ ۾ ڪيترو ڇڙڪ آهي، جو ڪي ماڻهو تکا هلندا آهن ته ڪي وري وچولا يا سُسُت رويءَ سان هلندا آهن.

وک کان پوءِ اچجي پير جي نشان تي.

جيڪڏهن ڪنهن همراهه جي پير جو دٻاءُ زمين تي گهڻو نظر ٿو اچي ته پيريءَ کي اهو پتو پوندو ته همراهه وزن ۾، بُت ۾ ڳرو آهي ۽ ڪيترو ڳرو آهي. پر جي زمين تي پير جو دٻاءُ گهٽ آهي ته پيريءَ کي اها خبر پوندي آهي ته معنيٰ ته همراهه بُت ۾ هلڪو آهي. جيڪڏهن همراهه جو سڄي جو سڄو پير زمين تي ٿو لڳي ته معنيٰ ته همراهه جو پير ”دڦر“ آهي، پر جيڪڏهن پير جو صرف اڳيون حصو ۽ پويون حصو زمين تي لڳي ٿو ۽ وچ وارو حصو لڳي ٿو ته پوءِ اها پڪ ٿيندي آهي ته سندس پير ”پدمڻيءَ وارا پير“ آهن. اهڙن پيرن واري ماڻهو جو بت ورندڙ هوندو آهي. اهڙو ماڻهو پٽ تي سمهي جيڪڏهن ٽنگون مٿي کڻي ورائيندو ته هو پنهنجي پير جو آڱوٺو وات تائين آڻي سگهي ٿو. ائين ئي سندس ٻانهون به ورنديون آهن ۽ ٻانهن جون ٺوٺيون اندر طرف هونديون آهن. اهڙي ساڳئي طرح ڪن جي پيرن جا پٻ زمين تي وڌيڪ لڳندا آهن، ڪن جي پيرن جون آڱريون زمين تي وڌيڪ لڳنديون آهن، ڪن جي پير جو ساڄو پاسو لڳندو آهي، ڪن جي پير جو کاٻو حصو وڌيڪ لڳندو آهي. ڪن جو پير گسڪ کائيندو آهي ۽ ڪن جو پير ڄمي لڳندو آهي. ائين پير جا ٻيا به ڪيترائي قسم هوندا آهن، جن کان اصلي پيري واقف هوندو آهي. وکن ۽ پيرن مان پيري کي اها به خبر پوندي آهي ته همراهه ڪيترو بدحواس آهي، ڪيترو ڊنل آهي، ڪيترو تڪڙ ۾ آهي ۽ ڪيترو بي خوفو آهي. پيريءَ کي اهو به پتو پوندو آهي ته همراهه ٻئي جوءِ جو آهي يا پنهنجي جوءِ جو آهي، ڪيترو جوءِ کان واقف آهي ۽ ڪيترو اڻ واقف آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته پيري وکن ۽ پيرن جي نشان مان همراهه جي جسماني ساخت سان گڏو گڏ سائيڪيءَ جو به اندازو لڳائي ويندو آهي.

ٿلهي ليکي چور ٽن قسمن جا ٿيندا آهن. (1) وهٽ يا مال جو چور. (2) کاٽڙيو. (3) اک جو چور. انهن مان سڌو سادو چور ته اک جو هوندو آهي، جو ويچارو عشق جو ماريل هوندو آهي، ۽ چالاڪ ۾ چالاڪ چور کاٽڙيو هوندو آهي، جيڪو کاٽ هڻڻ کان پوءِ پنهنجو پير لڪائيندو آهي ۽ پيريءَ کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. کاٽڙيو هڪ ته ڪافي پنڌ تائين پٺيرو هلي سگهندو آهي. هو جتان ايندو آهي ته لڳندو آهي ته اوڏانهن ويو آهي. وري جيڏانهن ويندو آهي ته لڳندو آهي ته اُتان آيو آهي. کاٽڙيو ڪن صورتن ۾ وري اها به کس ڪندو آهي ته هو پيرن هيٺان ٻوهه يا ڄار جا پن يا لئيءَ جون سنهڙيون ٽاريون پيرن هيٺان ٻُچن جي صورت ۾ ٻڌي هلندو آهي ته جيئن سندس پير ۽ وک کڻڻ جو انداز لڪل رهي. پر اصلي پيري چورن مٿان مور هوندو آهي. خود اها چوڻي به چور ۽ پيريءَ مٿان ٺاهي ويئي آهي. پيري اها صورتحال ٻڌي پهرئين ته دليل ڊوڙائيندو آهي ته پنهنجي پٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا کاٽڙيا آهن، پر جي جوءِ کان ٻاهر جو ڪو کاٽڙيو آهي ته اهو ڪٿان جو ٿي سگهي ٿو. اهي دليل ڊوڙائڻ کان پوءِ پيري يڪي رنب ۾ انهن نشانن مٿان ڊوڙندو ويندو آهي ۽ ايستائين وڃي پهچندو آهي جتان پيرن هيٺان ٻُچا ٻڌا ويا هوندا، يا جتان کاٽڙئي پٺيرو هلڻ شروع ڪيو هوندو. اُتي پهچڻ کان پوءِ کاٽڙئي جي پير، وکن ۽ وقت جي خبر پئجي ويندي. جيڪڏهن کاٽڙيو پنهنجي جوءِ جو هوندو ته پڌرو ٿي ويندو، پر جي ڪا ٻئي جوءِ هوندي ته انهيءَ جوءِ جي اصلي پيريءَ جي ڪن تي ڪاٺي لڳندي ته، ”ڀائو ٻڌاءِ، هن پٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا کاٽڙيا پاتا ٿا وڃن.“ ائين پيري ڀاءُ پنهنجي ٻئي ڀاءُ کي حقيقت ٻڌائي پاڻ لڪ ۾ رهندو ۽ کاٽڙئي جي پويان پيل پيري سندس ٻڌايل ڏسن تي چور ته ڇا چور جي ماءُ جو پتو لڳائڻ ۾ به دير نه ڪندو ۽ پوءِ ڀاڳيا انهيءَ ڳوٺ کي گهيرو هڻي ويهي رهندا ته چور پڌرو ڪيو، يا سامان جي قيمت سان گڏو گڏ پرائي گهر ۾ گهڙڻ جو ڏنڊ ڀرائي ڏيو. اڳتي سڀ ڪم ڀاڳين جو هوندو ته اهي معاملي کي ڪيئن ٿا ڇڏائين.

منگل، 27 نومبر، 2018

چَرَ تي ساکَ

ڇنڇر 09 اپريل 2005ع تي ڪاوش ۾ ڇپيل عبدالقادر جوڻيجو جو معلوماتي مضمون

       جي ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، دال مان ڦري ٿئي شِيرو ۽ پوءِ همراهه ڏاڍيون ٽاٽائيون وٺي، کيسا ڀري، هوائي جهاز ۾ چڙهي نڪري وڃي نيويارڪ يا ٽوڪيو مان ته هوائي اڏي تي ئي لهڻ ساڻ همراهه جون مُڇون داٻائو، وات ڪِٽلي، ڪنَ ڇٻا ٿيا پيا هوندا ۽ هلندي هلندي ڀَنگ ڇاڻيندو ويندو ته الائي ڪهڙي کٽيءَ کنيو، هت اچي وڏي مصيبت مان اڙيو آهيان. اهي ٻئي هوائي اڏا اجگر بلائون آهن، جتي منٽ منٽ ۾ هڪڙا هوائي جهاز اڏامن ٿا ۽ ٻيا لهن ٿا، نه ڏينهن جي خبر ٿي پوي، نه رات جي. رن وي تان ٿيندو ماڻهو جڏهين هوائي اڏي اندر داخل ٿئي ٿو ته پوءِ بس رب ئي مالڪ آهي. اندر خلقت خدا جي ايڏي ٽٽل  هوندي آهي جو اک نه ڏسي گوڏي کي. وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي. هوائي اڏي مان نڪرجي ته ڪٿان نڪرجي. اهو شڪر آهي جو هوائي اڏي اندر وک وک تي مشينون رکيل آهن، جيڪي اهو ڏَس ڏينديون آهن ته ڪنهن کي ڪٿان ۽ ڪيئن ٻاهر نڪرڻو آهي. ٻيو وڏو شڪر اهو آهي ته اُتي ٻين هوائي اڏن وانگر مشينن واريون چاڙهين جي طرز تي واٽون ٺهيل آهن، جن تي رڳو پير رکو ته پوءِ پاڻيهي اڳتي کڻيو وينديون ۽ ماڻهو ڀلي آرام سان بيٺو هُجي، پر جي اهي ماڻهوءَ کي کڻي هلندڙ چاڙهين جهڙيون مشينون نه هجن ۽ همراهه کي پنڌ ڪرڻو پوي، ته پوءِ يا سارنگي چَٽ هوندي يا فقير چَٽ هوندو. مطلب ته هلي هلي همراهه جون  جَڙهون رُلي وينديون، پر پنڌ ڪو نه کٽندو ۽ همراهه ڦَهه وڃي پَٽ تي ڪرندو. ساهه نه تو ڏٺو، نه مون ڏٺو. همراهه رب کي پرتو، پر پنڌ نه کٽو ته نه کٽو. اهڙن مصروف هوائي اڏن تي اسمگلنگ پڪڙڻ لاءِ اهڙيون ته مشينون رکيل آهن جو، ماڻهوءَ جا آنڊا گُجيون به پڌرا هوندا. پر پوءِ به چالاڪ اسمگلر انهن بلائن جي وات مان به اڇا ٿيو نڪريو وڃن. اهڙو ڪو به چالاڪ اسمگلر انهن مشينن جي وات مان ته بچي سگهي ٿو، پر خاص سکيا ورتل ۽ خاص نسل جي ڪتي جي وات مان بچي نٿو سگهي. ڪسٽم  وارن وٽ انهن مشينن سان گڏ اهڙا ڪُتا به هوندا آهن، جيڪي  اسمگلر کي پڪڙيندي دير ئي نه ڪندا آهن. ڪُتي کي رب الائي ڪهڙيون اندر جون قوتون ڏنيون آهن، جو جديد ترين مشين کي به مات ڏيو بيٺو آهي. اهڙا ڪتا پاڻ وٽ به آهن ۽ سڀني ڏٺا هوندا، جيڪي چور يا ڪنهن ٻئي ڏوهاريءَ کي پڪڙڻ ۾ پَيريُن کان به  زور آهن ته پوليس کان به زور آهن. سو جيڪڏهن ڪو ڪتو ڏوهاري پڪڙي ته اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ اعتبار جوڳي آهي.

       سو ائين ڪُتي جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته هائو ٻيلي ائين ٿي سگهي ٿو، پر هيءَ جيڪا چَرَ تي ساکَ ورتي ٿي وڃي،اها ڳالهه چڱن خاصن عقل وارن ماڻهن کي منجهائي ٿي رکي ته جيڪو ماڻهو چرَ ۾ رکيل ٽانڊن مٿان هلي ڪري به جڏهين رَت سان  ڀريل تغاريءَ ۾ پير وجهڻ کان پوءِ ٻاهر پير ڪڍي ٿو ته پير جي ترين ۾ ڪا به لِڦ نه هوندي آهي ۽ ننڍا ننڍا ڳاڙهي رنگ جا چٽا ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ نه ئي ڪو کيس پيرن ۾ ايڏو سُور ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ائين اهڙو ماڻهو ڏوهه کان آجو ٿي ويندو آهي ۽ جرڳي ۾ سزاوار نه بڻبو آهي. پوءِ اهو جرڳو اُتر سنڌ ۾ ٿيو هجي يا بلوچستان ۾. ڀلا ڀائي، ٽانڊن مٿان هلي ڪري به جوابدار جا پير ڇو نه ٿا سڙن؟ آخر اهڙو ڪهڙو جادو آهي جو ماڻهوءَ جا پير بچيو وڃن؟

       اهو هڪ وڏو راز  آهي، انهيءَ راز کي ڳولي لهڻ لاءِ ڪو اصيل ڪتو ئي ڪم ڏيکاري سگهي ٿو. انهيءَ ڪري اهو راز هٿ ڪرڻ لاءِ  هن بندي کي به اصيل ڪتو بڻجڻو پئجي ويو. ظاهر آهي ته هن بندي جو اصلي تعلق ٿرپارڪر ضلعي سان ۽ هاڻي ڄامشوري سان آهي، جتي نه ڪو جرڳو وِهندو آهي ۽ نه ئي وري ڪا چَرَ تي ساک ورتي ويندي آهي ته جيئن ڪا خبر پئجي سگهي ته انهيءَ راز پويان ڪهڙي حقيقت پاتي وڃي ٿي.

       اڄڪلهه ٽي وي جا ڪئين چئنل کلي پيا آهن ۽ مني اسڪرين تي ايڏي ته رش وڌي ويئي آهي، جو ڪو ٻيو پروگرام ته ڇا پر پنهنجو ڊرامو به رڪارڊ نٿو ڪريان. گذريل ٻن ٽن سالن ۾ پاڻ جيڪڏهن ڪا شئي رڪارڊ ڪئي آهي ته صرف ۽ صرف ڪي ٽي اين جا ڪجهه خبرناما رڪارڊ ڪيا اٿم، جن ۾ ٻه ٽي ڀيرا اهڙا ڏيک آيا آهن، جن ۾ چَرَ تي ساک ڏيڻ جا ڏيک خاص طور تي آيا آهن ۽ رڪارڊ جو سبب به اهي ئي ڏيک آهن. سو پهرين مهرباني ڪي ٽي اين جي خفتي نمائندن ۽ ڪئميرا مين جي، جن اهي ڏيک ڪئميرا ۾ قيد ڪيا. اهي ڏيک پاڻ ورائي ورائي وڊيو تي ڏٺا آهن ته جيئن اهو راز معلوم ڪري سگهجي. راز معلوم ڪرڻ جي اها چَريائي مون کي پنهنجي والد مرحوم همير عرف مريد حسين جوڻيجي کان وراثت (Genes)۾ مليل آهي، جيڪو پوليس جو خفتي آفيسر هو. تنهن کان پوءِ خود ڄامشوري ڦاٽڪ تي سڄيءَ سنڌ جي سڀني ضلعن جا ماڻهو مليو وڃن، جنهن ۾ جيڪب آباد به اچي وڃي ٿو. انهن ايندڙ ويندڙ مسافرن کان پڇاڻو ڪيوسين، جن ٻڌايو ته فيصلو ته سردار ڪندا آهن، پر اهڙن فيصلن تي عمل در آمد ڪندڙ ڪو مقدم هوندو آهي. معلومات جو ٽيون ذريعو اسان جو ساجد ميمڻ بڻيو، جيڪو باز وانگر هر شئي تي نظر رکندو آهي. خالص آمريڪي لهجي ۾ ڇتي انگريزي ڳالهائيندو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پلانٽيشن آفيسر آهي. سندس ڪڙڪ انگريزي ۽ ذهانت کيس نقصان پهچائيندي رهندي آهي، جو سنڌ جو اهو دستور آهي. معلومات جو آخري ذريعو پاڻ لاءِ شادي پلي ضلعي ميرپورخاص جو هاءِ پروفائيل شهزادو گوبند ميگهواڙ بڻيو، جيڪو ادب جو وڏو پڙهاڪو هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جو شاگرد آهي. ته ائين هيءُ بندو اصلي راز تائين پهچي ويو ۽ ڪُتي مان ڦري انسان بڻجي ويو.

       هاڻي ڳالهه ائين وڃي ٿي بيهي ته اوهان ڏوهي هجو يا بي ڏوهي، ٻنهين صورتن ۾ اوهان کي مقدم سان واسطي ۾ اچڻو پوندو. پوءِ اوهان مقدم جو کيسو گرم ڪريو يا ڪنهن اهڙي سنگت ساٿ کان سفارش ڪرايو، جنهن کان مقدم ڪنڌ ڪڍائي نه سگهي. پوءِ مقدم اوهان کي ٻه سهوليتون ڏيندو. هڪڙي سهوليت اها هوندي ته چرَ کي ٽانڊن سان چڱي طرح ڦُسي ڀرڻ جي بدران ٽانڊن جو هڪ ئي تَهه هوندو، جنهن جي وچ ۾ رَک  واريون ٿوريون ٿوريون وِٿيون هونديون ته جيئن اوهان انهن وِٿين تي پير جون کُڙيون رکندا ٻاهر نڪري وڃو. پر پوءِ به باهه باهه ئي هوندي آهي، جيڪا اوهان جي پيرَن کي لهس ڏيئي سگهي ٿي ۽ پيرَ جي تريءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي لِڦ به ٿي سگهي ٿي. پر پنهنجيءَ جاءِ تي اها اوهان لاءِ وڏي سهوليت هوندي، جيڪا مقدم جي ڏنل هوندي. چرَ ۾ رک سان ڍڪيل وٿيون روبرو به ڏسي سگهجن ٿيون. ڀلا جي ڪو اُتي موجود ناهي ته اهو گهر ويٺي ڪي ٽي اين جي رڪارڊنگ ڏسي پڪ ڪري سگهي ٿو. مقدم اوهان کي ٻي سهوليت اها ڏيندو ته چرَ مان نڪرڻ کان پوءِ جنهن تغاريءَ ۾ پير پسائبا آهن، انهيءَ ۾ مقدم ٻئي ڪنهن جانور جو رَت وجهڻ جي بدران رسم موجب اصلي ٻاڪرو رَت وجهي ڇڏيندو، جنهن ۾ ڪا به ملاوت ٿيل نه هوندي. ٻڪري يا ڇيلي جي اصلي رَت ۾ اوهان لاءِ ڪهڙي سهوليت موجود هوندي، انهيءَ مامري تي پوءِ ٿا اچون. مقدم توهان سان صرف ايتريءَ حد تائين وَهي سگهي  ٿو، پر ٻيون به ڳالهيون ليکي ۾ اچن ٿيون، سو هاڻي اچجي ٿو ٻئي نُڪتي تي.

       جن به علائقن ۾ ساک وٺڻ جي اها رسم پاتي وڃي ٿي، اُهي علائقا سخت گرم آهن. اُتي جو عام ماڻهو سخت گير حالتن ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ هلي ٿو. اهي ماڻهو هلندي توڙي ڪم ڪندي يا ته پيرين اگهاڙا هوندا آهن يا وري جيڪو عوامي ٻروچڪو گهيتلو/جوتو پاتو وڃي ٿو. اهو پيرن کي انهيءَ سخت گرميءَ کان ايترو بچائي نٿو سگهي جيترو بوٽ يا سليپر بچائي ٿو. هونئن به اُتان جو ماڻهو  سخت حالتن ۾ ڪم ڪندو آهي. پاڻ ته اونهاري ۾ ايندي ويندي ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيءَ  مان زالين توڙي مڙسن کي ٻنين ۾ ڪم ڪندي ڏٺو آهي. ايڏيءَ سخت گرم موسم ۾ ايڏي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ انهن ماڻهن جي ئي وس جي ڳالهه آهي. ظاهر آهي ته جيڪي ماڻهو انهن حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ هلن ڦرن ٿا ته انهن جا پير سختيءَ ۽ گرميءَ جا عادي آهن. جڏهين ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقدم جي ڏنل سهوليت موجب ٺهيل چَرَ مان ساک ڏيڻ لاءِ گذرڻو ٿو پوي ته باهه جي جهڙي تهڙي  لهَس سندس سخت جان پير تي ڪو خاص اثر نٿي ڇڏي ۽ اُهو ماڻهو گهڻو ڪري لِڦن ۽ تڪليف کان ڪافي حد تائين بچي وڃي ٿو. جوابدار کي بچاءُ ٻي اها سهوليت اُتان جي موسم  ۽ ماحول ڏئي ٿو. هونئن به اها هڪ طبي حقيقت آهي ته هر ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڪافي اهڙيون جڳهيون يا ائين کڻي چئون ته مُشڪون آهن، اهڙين جڳهين وٽان جيڪي رت آڻڻ ۽ نِيڻ واريون نَسون، نبضون ۽ دماغ کي تڪليف ۽ سُور جو سگنل ڏيڻ واريون اليڪٽريفائيڊ تَنتون ويجهيون ناهن، جو انهن مان رَت وهي يا دماغ کي تڪليف جو اطلاع ڏئي ۽ ڪا تڪليف محسوس ٿئي. جسم ۾ موجود ٻين جڳهين جي گهڻي خبر ته ڊاڪٽرن کي هوندي، پر پاڻ کي ايتري خبر آهي ته اهڙيون ڪجهه جڳهيون چپن ۾ به موجود آهن. مدارين کي ته ڇڏيو، پر منهنجو پنهنجو ويڳو ڀاءُ رضا محمد ڪجهه سال اڳ چپن مان سوَڙِ سبڻ واري سُوئي مٽائي ويندو هو ۽ اها سوئي ٻنهين چپن مان پار ٿي ويندي هئي ۽ وري آسانيءَ سان ڪڍي ويندو هو. کيس نه ته سور محسوس ٿيندو هو ۽ نه ئي رَت وهندو هو. هن وقت رضا محمد  اهو تماشو ڏيکاري نٿو سگهي، جو کانئس چپن جو اهو هنڌ وسري ويو آهي، جتي کان نسون، نبضون ۽ تنتون پري آهن. چپن کان علاوه اهڙا ٻيا گهڻا هنڌ ڪلهن، ٻنڊڻن، پِنين وٽ ته پاتا ئي وڃن ٿا، پر انهن سڀني جڳهين کان وڌيڪ مضبوط جڳهه پير جي کُڙي هوندي آهي. کڙيءَ جي نه رڳو چمڙي سخت هوندي آهي پر رت جي سرشتي ۽ تنتي سرشتي کان به گهڻي پري هوندي آهي. وري جيڪڏهن جوابدار سخت موسم ۾ پنڌ ڪندڙ هجي ته اهو سونَ مٿان سهاڳو آهي. انهيءَ ڪري جوابدار ساک ڏيڻ کان اڳ چئن وڏن ۽ ڪجهه خفتين جي ڏَس تي لڳي کُڙيءَ تي هلڻ جي پريڪٽس ڪندو آهي. اها پريڪٽس کيس ٽانڊن مٿان هلڻ وقت ڪم ايندي آهي. ڇاڪاڻ ته کُڙين تي باهه جو اثر  گهٽ ٿيندو آهي. اها سهوليت هڪ طرف قدرت طرفان مليل هوندي آهي ۽ ٻي سهوليت جوابدار پاڻ پريڪٽس ڪري پيدا ڪندو آهي. ائين اها سهوليت جوابدار کي ڪم ڏيندي آهي. آغا خان يونيورسٽيءَ جي نيورالاجي (دماغ بابت علم) شعبي جي هيڊ ۽ بين الاقوامي شهرت رکندڙ هِڪ ٽِڪ نيورالاجسٽ ڊاڪٽر شاهد مسعود بيگ جو چوڻ آهي ته جيڪي به ماڻهو سخت قسم جي جاگرافيائي حالتن ۽ سخت گير معاشرن ۾ رهن ٿا، انهن مان اڪثر ماڻهن ۾ ڌَڪ پچائڻ جي دماغي سگهه (Resistance Power)پاتي وڃي ٿي. اها دماغي سگهه عام ماڻهوءَ لاءِ ته هڪ جادوئي حقيقت يا ڪا ڪرامت هوندي، پر ڪنهن به دماغي ماهر جي اڳيان هڪ عام قسم جي سائنسي حقيقت آهي. هيءُ بندو اهو مامرو سولائيءَ سان سمجهائي سگهي ٿو ته ائين ڇو آهي، پر پوءِ ڳالهه ڊيگهه کائي ويندي ۽ اصل ڳالهه کان هٽي وينداسين. انهيءَ لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن جوابدار ۾ اها دماغي سگهه موجود هوندي ته بنا ڪنهن ٻي سهوليت جي، بنا ڪنهن سُور تڪليف جي، چَرَ مان اڇين ڪڇين نڪري ويندو. ته ڪافي اهڙا ڪيس پاتا وڃن ٿا ۽ جوابدار جند ڇڏايو هليو وڃي. ائين هڪڙو سبب اهو به آهي.

       هاڻي اچجي عام ۽ وڏي ڌَڪ تي، جيڪو جوابدار استعمال ڪري ٿو. ڪافور جو نالو هر ڪنهن ٻڌو آهي، انهيءَ ڪيميڪل کي ڪيمسٽريءَ وارا Camphor  چون ٿا، جنهن ۾ Nolatile قسم جي خاصيت هوندي آهي. جيڪڏهين سولي سنڌيءَ ۾ ڳالهه ڪجي ته ڪافور به اسپرٽ، پئٽرول يا ٻئي ڪنهن اهڙي مادي وانگيان آهي، جيڪو هوا ۾ تحليل ٿي ويندو آهي. هن ڪيميڪل يعني ڪافور جا جيڪي جسم تي اثرات پون ٿا، اُهي آهن خارش ۽ سُور  کان بچائڻ ۽ باهه جي ساڙَ توڙي ٻين اثرات کان بچائڻ ۽ جسم تي لِڦون پئدا ٿيڻ کان روڪڻ. ڪافور باهه جي گرميءَ  جي تڪليف کي گهٽ ٿو ڪري. جيڪي مداري باهه سان کيڏندا آهن ۽ ماڻهن کي حيران ڪندا آهن، اهي به اصلي  ڪافور هٿن تي يا مُنهن تي هڻي ڇڏيندا آهن. ائين ئي جوابدار ساک ڏيڻ لاءِ چَرَ ۾ گهڙڻ کان اڳ پيرن ۽ ٽنگن تي ڪافور  هڻي ڇڏيندو آهي، جيڪو  پيرن ۽ ٽنگن تي هڪ قسم جو تَهه (Layer) ٺاهي ڇڏيندو آهي. پوءِ جڏهن هو چرَ ۾ گهڙندو آهي ته کيس ڪا گهڻي تڪليف نه ايندي آهي. ٿوري ٿوري تڪليف ايندي اٿس. ٻئي پاسي ڪافور جو اهو تَهه نه لِڦ پيدا ٿيڻ ڏيندو آهي ۽ نه ئي وري پيرن ٽنگن کي باهه جي لهس ايندي آهي ۽ سڙيل هنڌن تي صرف ڳاڙها ننڍڙا چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ائين جوابدار  پار پئجي ويندو آهي. رهيل ڪمي تغاريءَ ۾ پيل اصلي ٻاڪرو رَت پوري ڪندو آهي. ٻاڪري رَت ۾ Fibrin نالي هڪ پروٽين پاتو وڃي ٿو. Fibrin نالي پروٽين جي خاص خاصيت اها آهي ته  ٻاڪري رَت ۾ موجود Fibrin باهه لڳڻ وقت يا باهه لڳڻ کان ستت ئي پوءِ جسم جي سڙندڙ يا سڙيل حصي مٿان Coagulate ٿي ويندو آهي. مطلب ته Fibrin جسم تي ڄَمي هڪ ٻيو تَهه(Layer) ٺاهي ڇڏيندو آهي، جيڪو باهه جي مختلف اثرات کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ئي جوابدار جي پيرن جي تَرين کان وٺي مُرين تائين Fibrin ڄمي ڪري بچائي وٺندي آهي. ائين آخري مرحلي ۾ ڪافور ۽ Fibrin ڪم ڏيکاريندا آهن ۽ جوابدار کي بچائي وٺندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مقدم تغاريءَ ۾ ڪو ڳاڙهو رنگ وغيره وجهڻ جي بدران اصلي ٻاڪرو  رَت وجهندو آهي.

       باقي جيڪڏهن ڪو شريف ۽ معصوم ۽ بي قصور ماڻهو ڪنهن اهڙيءَ هَچا ۾ ڦاسي جوابدار بڻجي ٿو، نه وٽس ڌَڪ پچائڻ جي دماغي سگهه آهي، نه ئي وري هو اهڙيون اٽڪلون ڄاڻي ٿو ۽ هو صرف ايتري ڳالهه ڄاڻي ٿو ته جيئن ته پاڻ بي ڏوهي آهي، تنهن ڪري کيس چرَ ۾ ڀريل ٽانڊا ڪجهه به نه ڪندا، ته ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو ته بي ڏوهي هوندي ڪري به پير يا ٽنگون ساڙائي ويهي رهندو. ڪنهن بي قصور ماڻهوءَ جي سڙي وڃڻ جي ڳالهه ته هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي، پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ماڻهو بچي ڪيئن ٿو، سو جو قصو لکي ڇڏيوسين.

       جڏهن پڙهيا لکيا ۽ فر فر انگريزي ڳالهائيندڙ سردار به چرَ تي ساک وٺڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ ساک به وٺن ٿا ۽ مٿان وري اسان جا ماڻهو اهڙين ڳالهين تي رد قد ڏيڻ جي بدران مڃي ويهي رهن ٿا ته اها ته هڪڙي ڏک جي ڳالهه آهي. وڌيڪ ڏک تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن اهڙا سردار سياسي ليڊرن طور تي مڃيا وڃن ٿا. هي ته هڪڙو وڏو عتاب آهي، جيڪو اسان ماڻهن مٿان ٽٽل آهي. انهيءَ تي مُنهن مٿو پٽڻ کان سواءِ ٻيو ڀلا ڪري به ڇا سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو انصاف آهي ته پوءِ انصاف الائي ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي.

       ظاهر آهي ته اسان طرفان ڪنهن کي چئلينج ته نٿو ڪري سگهجي، پر سڀاڻي ملڪ جو ڪو سگهارو ماڻهو اهو چئي وجهي ته بابا فلاڻا سردار! مون کي گهانا مان يا سائبيريا مان ڪنهن عورت جي مائٽن اها دانهن  ڏني آهي ته تو وائيٽ هائوس جي اڳيان سندس 70 سالن جي مائٽياڻيءَ سان زوري ڪئي آهي. هاڻي اچي اسلام آباد ۾ چرَ تي ساک ڏي. اها چرَ ڪمانڊو کوٽي ٽانڊن سان ڀريندا ۽ مقدم ماهر وڪيل اعتراز احسن هوندو يا ڪو ٻيو اهڙو امين. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ته ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ رهندڙ ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيءَ ۾ گهمندڙ نازڪ ۽ نفيس پيرن وارو سردار بي ڏوهي هوندي ڪري به ٻئي ٽنگون وڃائي ويهي رهندو. ڇا ڪو سردار اهڙي ڳالهه مڃيندو؟ ڀلا جيڪڏهن نه، ته پوءِ ٻين غريبن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي.

       هيءُ آهي اسان جو ايڪويهين صديءَ ۾ حال. ڏيو منهن.

پیر، 26 نومبر، 2018

ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ماڳن جو ذڪر

ڇنڇر 22 جون 2013ع واري ڪاوش ۾ نواز ڪنڀر جو مضمون

ڀٽائي سرڪار جا بيت، بيتن ۾ آيل مختلف هنڌن جي نالن جي پسمنظر کان باخبر ٿي پڙهيا وڃن ته، سمجهڻ ۾ ۽ اصل معنيٰ ڪڍڻ ۾ سولائي به ٿئي ٿي، ته ماڻهو، اجائي ۽ اُبتي معنيٰ ڪڍڻ ۽ ڌُڪا هڻڻ کان به بچيو وڃي. ڀٽائيءَ جا اهي بيت جن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ هنڌن جا نالا آيل آهن، انهن ۾ هيٺيون بيت به شامل آهي.

هن مند مارونرا ، جيائي جالين،

چاريو لنب لطيف چئي، واگهين ويهارين،

(ڪيٽائين) ڪيٽاريو ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون

هن بيت ۾، استعمال ٿيل ٽئي لفظ سانگهڙ ضلعي جا ماڳ آهن. جيڪي مالوندن پاران، مختلف حوالن سان استعمال ڪرڻ سبب، ڀٽائيءَ جي مشاهدي ۾ آيل آهن پر انهن هنڌن کان بيخبريءَ سبب ڪجهه محققن ۽ رسالي مرتب ڪندڙن انهن لفظن جون مختلف معنائون ڪڍيون ۽ ڏنيون آهن. جن سان هڪ ته بيت جو حُسن برقرار نٿو رهي ۽ ٻيو ته پڙهندڙ، ٻُڌايل يا ڏَسيل معنائن جي چڪر ۾ اچڻ سبب مُونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ٻين ڪجهه بيتن وانگر، هي بيت به خود ڀٽائي رحه جي هن پاسي اچڻ جي تصديق ڪندي، سندس پاران ورتل واٽن جو ڏَس به ڏئي ٿو. جهڙي نموني جيائو ڪنهن وقت ڪو پتڻ يا وڌيڪ گاهه هئڻ سبب چوپائي مال جي چراگاهه سبب مشهور هو ۽ اڄڪلهه هڪ ديهه طور قائم آهي. اهڙيءَ طرح واگهين جي ڀٽ، چوپائي مال جي چري اچڻ بعد ويهارڻ لاءِ مٿانهين تي هئڻ سبب هوادار، مڇرن کان محفوظ ۽ مناسب جڳهه هئي (انهن ٻنهي هنڌن تي اڳ ۾ ئي، الڳ سان مضمون لکيل آهن) اهڙيءَ طرح ڪيٽي به مال جي جُو طور مشهور ٿو معلوم ٿئي. اها ڪيٽي پوءِ انگريزن جي دور ۾ باقائدي طور کپري ٻيلي ۾ شامل ڪئي وئي. جنهن مان به معلوم ٿئي ٿو ته، اهو هنڌ اڳ ۾ ئي ٻيلي هئڻ ڪري مال جي جُو رهندو آيو هو ۽ ڀٽائيءَ جي هتي اچڻ يا لنگهڻ بعد (سرن واري ۾ ميان تاج محمد وارن وٽ ۽ اڳتي کنڀري ۾، ان متعلق به الڳ سان تفصيلي مضمون لکيل آهن) سندس مشاهدي ۾ اچي، امر ٿي ويو. ڪن محققن هن بيت ۾ لفظ ”ڪيٽاريو“ به ڪتب آندو آهي ۽ ان جو مطلب، چوپائي مال جي ڌَڻَ مان ڦَرن کي الڳ ڪري، چارڻ ورتو ويو آهي. جيئن اڪثر ٿيندو رهندو آهي. ان لحاظ سان ان لفظ مان اها مراد ورتي وئي آهي، ننڍا پر وڏن کان يا مائرن کان الڳ ڪري، پوءِ مال ڪاهڻ. جڏهن ته بغير لکت ۾ آيل سگهڙن جي راءِ ان جي برخلاف آهي، اها آهي ته، صحيح لفظ ”ڪي ٽاريو“ بجاءِ ڪيٽايو يا ڪيٽائين ئي محسوس ٿئي ٿو ۽ اهو هنڌ به موجود آهي.

ڪيٽي، جنهن پوءِ ٻيلي جي شڪل اختيار ڪئي. جنهن کي جهونا سينهري/سِيهري به سڏيندا هئا/آهن. اهو هنڌ انگريزن جي نقشي ۾ ملاحن جي مياڻ طور ڏيکاريل آهي. جنهن جو نياڻ وارو رستو ڏکڻان لوڻ کاڻ مان ايندي ٻڌايو ويو آهي. کپري شهر کان 6/7 ڪلو ميٽر اُتر ۽ سِرن واري کان 15/16 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ واقع ڪيٽي جي اوڀر ۾ ڀٽون، اتر ۾ مورهڏي ٻيلو، اولهه ۾ نارو ۽ ان کان اڳيان واريانهن ٻيلو،  ڏکڻ ۾ نارو، جوهلي جو پراڻو ڳوٺ/شهر ۽ لوڻ کاڻ واقع آهن. جڏهن ته ڪيٽي، ڀوپي ٻيلي کان اتر اولهندي جي ڪنڊ تي ڏيڍ ٻه ڪلو ميٽرن تي واقع آهي. ڀوپي ٻيلي ۾ ڪلهوڙن جي آخري دور جي حڪمران ميان عبدالنبي ۽ غلام نبي جي والده ۽ عملي طور حڪمران رهندڙ عورت مائي ڄامان جوڻيجو، جيڪا اصل ۾ ٽنڊي مٺا خان جي هئي، جي جوڙايل مسجد واقع آهي. جڏهن ته ميان تاج محمد جي مزار ۽ مسجد هتان کان 15/16 ڪلو ميٽر اولهه ۾ واقع آهي. جتي ڀٽائي رحه جي اچڻ جون روايتون به ملن ٿيون، ته اُتي چيل بيت به. ڪيٽي ۾ جتي هاڪڙي جون ڇنڊڙيون ۽ ڪنب موجود آهن، اتي گهوٽ ڪنوار جو دڙو به مشهور آهي، هتي اڄ به نڙ، پن ۽ کٻڙ موجود آهن. جڏهن ڪنهن وقت هي ولهار (ڪنهن علائقي جي حد کي ولهار سڏبو آهي) ٻيرن، ڄارين، لون/ لئي ۽ تمام گهڻي ڪنڊي سبب به مشهور هو. هن جي ڀٽن تي اڄ به وسڪاري ۽ سڪار جا گاهه لمب، ٻوڙو، ڌانڃورو، ويڪر، ڪلريو، ڀرٽ، ڦڙهي، ٻرو، ٻوهه ۽ سيڻ وغيره به جام ٿين ٿا.

علمي ادبي دوست عطا محمد چانيهي جي ڳوٺ بانڪي چانيهي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي سگهڙن کي رڪارڊ ڪرڻ واري پروگرام جي سلسلي ۾ هلندڙ ڪچهريءَ  جي رڪارڊنگ جي موقعي جو فائدو وٺندي، آيل سگهڙن کان کپري واري پاسي ۽ خصوصاً اڇڙي ٿر ۾ ڀٽائيءَ جي اچڻ متعلق پڇيوسين ته، سگهڙن پاران  ٻه چار هنڌ ته اهي ٻڌايا ويا، جيڪي اڳ ئي معلوم هئا ۽ انهن جي ٻڌائڻ سان انهن جي وڌيڪ تصديق ٿي پر هڪ سگهڙ ۽ رٽائرڊ پرائمري استاد ولي محمد هڱورجو علم ۾ اضافو ڪندي ۽ ڀٽائيءَ جي بيت جي صحيح پڙهڻي ڏَسيندي ٻڌايو ته، مٿئين بيت ۾ آيل لفظ ”ڪيٽائين“ ڪاهين آهي. جيڪو کپري ٻيلي ۾ شامل ڪيٽي ٻيلي ڏانهن اشارو آهي. جتي برسات توڙي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڀاڳيا مال ڪاهي ايندا هئا. اڄ به وسڪاري بعد هيٺانهين علائقن جا ماڻهو بک مرندڙ مال کي گپ چڪ ۽ مڇرن کان بچائڻ توڙي گاهه پٺي لاءِ هيڏانهن ۽ کنڀري واري پاسي ايندا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته، ڪجهه رسالو مرتب ڪندڙن اهو بيت ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪن شامل ته ڪيو آهي پر صحيح معنيٰ مشڪل سان ئي ڪنهن ڏني آهي. جڏهن ته الهداد جنجهي صاحب سُر ماروي جي داستان 8 جي بيت نمبر 5 ۾ هي بيت ڏيندي، ڪيٽاريو لفظ جي معنيٰ ”ڪِڙڪ سان“ ڏني آهي. جڏهن ته غلام محمد شهواڻي صاحب داستان 9 جي بيت نمبر 8 ۾ جيائو، واگهين ۽ ڪيٽايو لفظ کي ”تڙ“ ڄاڻايو آهي.

مقامي ڄاڻو ماڻهن ۽ ولي محمد هڱورجي جي بقول ته، هي علائقو هاڪڙي جي ڦاٽ يا ڇاڙ وارو علائقو هو. جتي ڀٽون به آهن ته هاڪڙي سبب ڪُن ۽ ويئرو ۽ ڀرسان مورهڏي جهڙيون ڍنڍون به آهن. ويئرو ڍنڍ جي هڪ خوبي اها به آهي ته، ان جو پاڻي ڀلي کارو هجي پر ان جي ڪنارن سان ويئري/ ويئريون (ننڍا کوهه) کوٽڻ سان پاڻي مٺو نڪري ٿو. ان ڪري به هي علائقو ڀاڳين لاءِ آئيڊيل هو/آهي. ساڳئي وقت هن ئي بيت ۾ جن ٻين علائقن جو ذڪر موجود آهي، سي به هن ئي تَر ۾ آهن، ته ڀٽائيءَ پاران چوٽياريون، سِرن واري ۽ کنڀري واري پاسي اچڻ جي به تصديق ٿيل آهي. هي علائقو انهن علائقن جي ڀرسان ۽ جهڙوڪر وچ ۾ واقع آهي. ان ڪري اها ڳالهه مڃڻ ۾ اچڻ جهڙي آهي ته، ”ڪيٽائي ڪاهين“ مان مراد موجوده ڪيٽي وارو ٻيلو ئي ٿي سگهي ٿو. رسالو مرتب ڪندڙن کي يا رسالي جا نوان ايڊيشن آڻيندڙن کي، ايندڙ ايڊيشنن ۾ اهو لفظ صحيح ۽ واضح ڪري، معنيٰ سميت ڏيڻ گهرجي، ته جيئن ڀٽائي رحه جي بيتن جي صحيح پڙهڻي ۽ پسمنظر ذهن ۾ رهي سگهي ۽ ايندڙ نسل انهن کان واقف ٿي سگهي. انهيءِ حوالي سان جيڪڏهن ڪو مهربان مٿين ڳالهين مان ڪنهن جي وضاحت يا تصحيح ڪندو ۽ ڪنهن ڳالهه کي رد ڪندي وڌيڪ ڄاڻ ڏيندو، ته تاريخ جي دُرستگي سان گڏ لطيفيات سان دلچسپي رکندڙن جو به ڀلو ٿي پوندو.

nawaz_kumbhar@yahoo.com

موسمن، ڏڪار ۽ سُڪار جا ڏس ڏيندڙ وڻ ڪنڊي!


آچر 15 فيبروري 2015ع واري ڪاوش ۾ ڇپيل نواز ڪنڀر جو ڪالم
ٿر ۾ جھونا چوندا هئا ته جنهن ڳوٺ ۾ سئو ڪنڊيون هجن، ان ڳوٺ کي ڏڪار دوران لڏڻو ڪو نه پوندو، ان مان ڪنڊيءَ /کيجڙي جي وڻ جي اهميت جو اندازو آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿو، کڻي نم  کي سنڌ جي صوبائي وڻ جو درجو مليل آهي، جنهن تي ٻٻر جا ڪجهه حمايتي ارها به آهن، پر لوڪ ڏاهپ جا ماھر ۽ ڪنڊيءَ جا قرب وارا ۽ قدردان ان راءِ تي قائم آهن ته اهو مقام ڪنڊي جو  ئي حق هو. ڪنڊيءَ جو وڻ، جيڪو ٿوري پاڻي تي جالڻ سبب ۽ ان جون پاڙون گھڻو هيٺ هليو  وڃڻ ڪري، ٿر، بر، ڪچي ۽ ميداني علائقن ۾ اڳي ته جتي ڪٿي موجود هوندو هو (ان ڪري ڏڪار ۾ ڪنڊي بهاري هوندي آهي) پر هاڻ آبادي ۽ سم وڌڻ سبب ان ۾ نمايان ڪمي آئي آهي.

ٿر ۾ جنهن وڻ کي وڍڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل هوندي هئي، سو به ڪنڊيءَ جو وڻ ئي هو. اڄ جڏهن ٿر ۾ ڏڪار ٽارو نه ٿو ڪري ۽ ڪنڊي ملڻ ۽ ڏسڻ مھانگي ٿي پئي آهي ته ڪهڙي خبر ڏڪار ان ڪري ئي روز روز ٿو مُنهن ڪڍي مهمان ٿئي، جو اسان ڪنڊي کي ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو آهي! ڪنڊي جيڪا وڏي عمر ماڻڻ ۽ ان جي ڪاٺيءَ کي سُرو نه لڳڻ سبب ان جو نالو ٻارن تي به رکبو آهي، ان جا عام طور تي ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ بغير ڪنڊن جي  جنهن کي”لاسڙ“ سڏبو آهي ۽ ٻيو ڪنڊن وارو، جنهن کي ”ڪنترو“ سڏبو آهي. ڪي ماڻهو وري ڪنڊي جي نر ۽ ماديءَ جي حوالي سان به الڳ الڳ قسم ٻُڌائين ٿا. سندن چوڻ آهي ته ننڍين ۽ سنهين سڱرين واري ڪنڊي مادي سڏبي آهي،  جڏهن ته وڏين ۽ ٿُلهين سڱرين وارو ڪنڊو هوندو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته پڪل سنڱريون جيڪي کوکو سڏبيون آهن، اهو مادي ڪنڊيءَ جي مقابلي ۾  نر ڪنڊيءَ جون وڌيڪ مٺيون ۽ سوادي هونديون آهن، ان مان به نر مادي جي خبر پوندي آهي، جڏهن ته ڀاڄي به نر ڪنڊي جي وڌيڪ لذيذ ٿيندي آهي. نر مادي جي سُڃاڻپ ڪي ماڻهو ايئن به ڪندا آهن ته نر ۾ سڱر گھٽ ۽ ڇوڏا وڌيڪ، جڏهن ته ماديءَ ۾ سڱر گھڻا ۽ ڇوڏا گھٽ هوندا آهن. ڪي ماڻهو ايئن به چون ٿا ته ننڍي ڪنڊيءَ  کي مورو، جوان ڪنڊيءَ کي ڪنڊي ۽ پراڻي وڏي جھوني ڪنڊي کي ڪنڊو سڏبو آهي.

 سنڌ جي نج وڻ متعلق عام چوڻي آهي ته “ڪنڊيءَ جي ڪاٺي گھر ۾ اول ته آڻجي نه، جي آڻجي ته پوءِ  ٻارجي نه ۽ جي ٻارجي ته پوءِ سورجي نه. مطلب اهو ته هن جي باهه ڏاڍي تيز ۽ تکي هجڻ کان علاوه هن کي چورڻ ۽ سورڻ سان ان مان گھڻيون چڻنگون نڪرنديون آهن، جيڪي ڀرسان ويٺلن جي ڪپڙن وغيره کي ساڙڻ کان سواءِ ٻيو نقصان به ڪري سگھن ٿيون. هونءَ ته ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان ڪيترائي ڪم وٺبا آهن، پر خاص طور تي ڀاڳيا، چوپائي مال کي ٻڌڻ وارن چڙن جي لار لاءِ ڪنڊيءَ جي پاڙ  جي ڪاري پڪي ڪاٺي، جنهن کي ڪِرسي/ڪرشي سڏبو آهي، سا پسند ڪندا آهن ( لار هڏي مان به ٺاهبي آهي) ان کان علاوه ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان خاص طور تي کوهه کوٽڻ مهل ڪم ايندڙ ”چڪ“ (چڪ کٻڙ جي ڪاٺيءَ مان به ٺهندو آهي) ۽ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڀونٽي، پُلي ۽ ڀوڻي به ان ڪري ٺاهبي آهي جو، ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل اهي شيون پاڻي لڳڻ سان ڳرنديون ۽ خراب نه ٿينديون آهن. ان کان سواءِ ڪنڊيءَ جي ڪاٺي چونئرن جي وچين ڪاٺي، جنهن کي ”مل“ سڏبو آهي طور به ڪتب آڻبي آهي، ته هن ڪاٺي مان، کٽون ۽ در به ٺاهبا آهن ته اڳي ڪنڊيءَ جي ڪاٺي مان وارن واريون ڦڻيون به  ٺاهيون وينديون هيون، جيڪي هاڻ ته ڏسڻ کان به مھانگيون ٿي ويون آهن. ان کان علاوه هاري ناري هن جي ٽاريءَ کي کري ۾ فرشي طور استعمال ڪندا آهن ۽ ڪنڊا نه هجڻ سبب ڪنڊيءَ جي سُڪل ٽاري، گھر، واڙيءَ يا ڪنهن ٻئي حساب سان ڏنل لوڙهي جي  گھٽي ۾ ”کڙهه“ طور به ڪم آڻبي آهي. ڪنڊي جتي چوپائي  مال، عام ماڻهن توڙي واٽهڙن کي وس آهر ڇانو مھيا ڪندي آهي، اتي هن جون خالي/پورا ٿُڙ، ڪيترن ئي قسمن جي پکين جا به مسڪن بڻبا آهن. ساڳئي وقت ڪنڊي پکين جي آکيري کان سواءِ ماکي جي ويهڻ ۽ ان جي کاڌ خوراڪ جو به اهم مرڪز هوندي آهي. هن جي ڪاٺيءَ کان ويندي، هن جا پن، سنڱر ۽ پڪل ميوو کوکا به پکين، جانورن ۽ انسانن لاءِ وڏي وٿ هوندا آهن. چئبو آهي ته جتي ڪنڊي هوندي، اُتي ٻڪري خوش هوندي. ٻڪري کان سواءِ ڪنڊي رڍ ۽ اُٺ جو به سٺو کاڌو آهي. ڪنڊيءَ جا پن ڀاڳيا، خاص طور  سنڀالي ۽ گڏ ڪري رکندا آهن، ڪن جاين تي ته اهي گڏ ڪري وڪڻبا به آهن.

ڪنڊيءَ جي خاص ڳالهه هن پاران مرحليوار مختلف اشارن سان ماڻهن توڙي لوڪ ڏاهپ جي ڏاهن کي متوجهه ڪري، موسم مٽجڻ جو ٻُڌائڻ به آهي. سڀ کان پھرين جڏهن ڪنڊي نوان پن ڪري ۽ گونچ ڪڍي  موربي آهي ته اها سياري وڃڻ جي آخري ۽ پڪي نشاني هوندي آهي. ڪنڊي پاران ٻُور /مڃر جھلڻ بھار جي آمد جو اعلان هوندو آهي ۽ ٻُور/مَڃر  مان سنڱر ٿيڻ جو مطلب بھار جي پُڄاڻي جو هوندو آهي. جڏهن ته سنڱر جي پچي ”کوکو“ بڻجڻ، بھار جي وڃڻ ۽ گرمي شروع ٿيڻ جي آخري اعلان سان گڏ لُڪون ۽ جھولا لڳڻ جي آڳاٽي اعلان برابر  هوندو آهي. جڏهن ته کوکي جو صفا ڇڻي بس ٿي وڃڻ، اونهارو ختم ۽ سانوڻ شروع ٿيڻ جو پيغام هوندو آهي. ٿري ماڻهو پڪل سڱـريون، جن کي ”کوکا“ سڏبو آهي، سي تحفي طور پنهنجي عزيزن ۽ جيءَ وارن ڏانھن اُماڻيندا آهن.

لوڪ ڏاهپ جي حساب سان بلڪه عام زندگيءَ ۾ به ايترو اهم ۽ ڪارائتو مقامي وڻ، اڄ اسان جي مڪمل بي ڌيانيءَ جي ڪري نظر انداز ٿي رهيو آهي. قانون جي حڪمراني نه هجڻ سبب ۽ ماڻهن ۾ هٻڇ ۽ حرس وڌي وڃڻ سبب هي وڻ ڏاڍو تيزيءَ سان وڍجي وجود وڃائي رهيو آهي. ڪاش! ڪنڊيءَ جي قدر ۽ اهميت وڌائڻ لاءِ ڪو ادارو، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي ڪي قدم کڻي ۽ سرڪار ٻين اهم مقامي وڻن جي واڍيءَ کي روڪڻ سان گڏ، ڪنڊيءَ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ به ڪجهه ڪري ۽ نرسريون قائم ڪري ته جيئن اسان جو هي اهم مقامي وڻ ماڻهن، پکي پکڻ ۽ چوپائي مال جو ڀرجھلو ۽ ڏکئي وقت جو ساٿي، ايئن نڌڻڪائي جي نظر نه ٿئي.

nawaz_kumbhar@yahoo.com


باه کي عام موڪل ملڻ جي موسم!

سومر 13 جون 2016ع تي ڪاوش ۾ نواز ڪنڀر  جو ڪالم
 
جيئن مختلف شين تي جوڀن ايندو آھي ۽ انھن جي جوڀن جي مند يا موسم مقرر ھوندي آھي، ائين باھ جي جوڀن ۽ جواني جي به موسم ھوندي آھي. جنھن به شئي تي، جڏھن به جوڀن ايندو آھي ته اھا ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان گھڻن کي ”متاثر“ ڪندي آھي ۽ ڪنھن نه ڪنھن سان اٽڪي به پوندي آھي. ساڳيو حال باھ جو به آھي. انسان شروع ۾ جن شين جي ھشمت کان متاثر ٿي، انھن جو پوئلڳ بڻيو، انھن ۾ باھ به شامل آھي. اڄ به دنيا ۾ ڪيترائي ماڻھو باھ جي پوڄا ڪندا آھن. ھونءَ ته باھ سڄو سال موجود رھندي آھي ۽ پنھنجو اثر ڏيکاري، پنھنجي اھميت به مڃرائيندي رھندي آھي، پر ھڪ موسم اھڙي به ايندي آھي، جڏھن چوڌاري باھه ڙي باھ جي رڙو رڙ ٿي ويندي آھي. اھا موسم آھي، واچوڙن ۽ ان بعد جھولن ۽ لُڪن جي موسم. انھيءَ موسم کي باھ جي جواني جي موسم به چئبو آھي ته ان ۾ باھ کي موڪل ملڻ ۽ باھ پاران مستي ڪرڻ جي ڳالھ به ڪبي آھي. جوان ٿيل باھ کي جڏھن موڪل ملندي آھي ته اھا لوڙھا لتاڙي، اڪثر ڪري ڪکاون گھرن ڏانھن ڪاھيندي، اُتي ديرو ڄمائي، منٽن ۾ ڀريل گھرن ۽ ڳوٺن کي ساڙي، پوٺو  ڪري ڇڏيندي آھي. جنھن کي وسائڻ لاءِ رڳو ٿڌيون آھون، آسمان ڏانھن کڄندڙ نھارون ۽ لڙڪ ئي وھندا آھن، پر باھ انھن سڀني احساسن ۽ جذبن کان عاري ھجڻ ڪري، سنگدل محبوبه وانگر ليکيندي به ناھي ۽ سڀ ليڪا لتاڙي، ماڻھن کان اھا اجھا کسي کين آسمان کي ڇت ۽ زمين کي بستر بڻائي، رات گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آھي ۽ اھي جھڙوڪر نئين زندگي جي شروعات ٿڌن ساھن، ڏکن ۽ لڙڪن سان ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن، پر افسوس جو نه ته حڪومت، نه ئي اسان جا ساڃاھ وند ۽ لاڳاپيل ادارا باھ کي نه ته آفت مڃڻ لاءِ ئي تيار آھن ۽ نه ئي باھ متاثرين جي مدد واسطي وٽن ڪا پلاننگ يا فنڊ ئي آھن!

باھ جو اھو زور واچوڙن، جھولن ۽ لُڪن جي مند ۾ اڃا به وڌي ويندو آھي. واچوڙن جي شروعات بھار وڃڻ بعد اونھاري اچڻ جي شروعات ۾ٿيندي آھي. جڏھن ته ڪي حلقا ان جي شروعات، سيارو نڪرندي ئي ڪندا آھن. ڪن ماڻھن وٽ اھا موسم 15 اپريل کان مئي جي 10/15 تائين ٿيندي آھي. جڏھن کاري ڄار پچڻ بعد مٺن پيرن ۾ ڪڙو ڪسو رس پوندو آھي، اھي رسبا آھن، پلڙا مدبا آھن، ٽالھي ۽ نم پن ڇاڻڻ شروع ڪندا آھن. ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا آھن ۽ ڪڻڪن جون سٿريون اڏامديون يا کنڊربيون آھن. ووڻن پوکڻ جي موسم ويجھي ايندي آھي. اڏامندڙ مٽي پوڻ ڪري اکيون خراب ٿينديون آھن ۽ ساھ جي تڪليف وڌي ويندي آھي. اڏامندڙ مٽي ۽ مٽي جي طوفانن کي ڪنھن حد تائين وڌيڪ وڻ پوکي روڪي سگھجي ٿو) ان وقت ٻارن ۾ ارڙي، چوپائي مال ۾ سامھاڙو، ڪڪڙين ۽ مورن ۾ راڻي کيت جي بيماري اچي منھن ڪڍندي آھي، (جنھن کي ڪي ماڻھو وبائي بيماري به سڏيندا آھن). سامھاڙي ۾ مال گاھ چرڻ ڇڏي ڏيندو آھي. مال جا ڪن گرم ۽ وار اُڀا ٿي ويندا آھن. علاج طور ڀاڳيا اجواڻ ۽ ڳڙ، اٽي جي ڳوڙھن ۾ ملائي مال کي کارائي، مٿي ڪپڙو ڏيندا آھن. (جنھن سان پگھر اچڻ بعد مال ٺيڪ ٿي ويندو آھي) مال کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڀاڳيا وٿاڻ يا ڀاڻي ٻاھران ڪُنو به ٽنگيندا آھن.  ماڻھو به ڪپڙو پسائي مٿي تي رکي پوءِ ڪم ڪار سان ٻاھر نڪرندا آھن.   اھا موسم لوڪ ڏاھپ مطابق باھ جي جواني ۽ کيس عام موڪل ملڻ جي ھوندي آھي.

 لوڪ ۾ واچوڙن جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالھيون مشھور آھن. واچوڙي جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ ان مٿان جوتو به اڇلائبو آھي ته ساڳئي وقت جوتو اونڌو ڪرڻ بعد ان ھيٺيان پئسا ملڻ جي آسري ۾ ٻار اُتي پئسا به پيا ڳوليندا آھن. ڪي ماڻھو ننڍ ۾ کونگھرا ھڻندڙ جي ويھاڻي ھيٺان به جوتو اونڌو ڪري رکندا آھن. ( ٿي سگھي ٿو ته ان جو ڪو نه ڪو سائنسي سبب به ھجي) آسمان ۾ وڇون اُڀرندو آھي ۽ اڀريل کٽ جھولن وقت اولھندي پاسي لڙي ويندي آھي. ڪوئل ٻولڻ شروع ڪندي آھي. عام پکي ويھڻ لاءِ ٿڌيون جايون ڳوليندا آھن. واچوڙن ۾ فصل مٽيءَ سان لٽجي ويندا آھن. واچوڙا چيٽ جي چنڊ جي 10 تائين، ٿڌڙي کان اڳ ختم ٿي ويندا آھن. چون ٿا ته واچوڙن ۾ نه صرف باھ جي چڙنگ آساني سان ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين کڄي پھچي ويندي آھي، بلڪه ننڍيون وڏيون لُنڊيون ۽ بلائون به واچوڙن جي مدد سان مٿي کڄي، ماڻھن کي ڏنگينديون آھن. پوءِ اھي ڀلي اُٺ تي ئي ڇو نه چڙھيل ھجن. ڳوٺاڻا واچوڙن جي ذڪر مھل اھڙا ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون وڏي ڊرامائي  انداز ۾ ٻڌائن ٿا. سياري جي خاتمي ۽ بھار شروع ٿيڻ بعد واچوڙا شروع ٿيندا آھن، جن جي شروع ٿيڻ جي ھڪ نشاني اھا به ھوندي آھي ته جيڪڏھن تيلي ٻاري اُڇلبي ته اھا اُجھامڻ بدران ختم ٿيڻ تائين ٻرندي رھندي! واچوڙن دوران ھر پاسي جي ھوا لڳندي آھي. ڪڏھن گرمي پئي محسوس ٿيندي ته ڪڏھن سردي. جنھن سبب ماڻھن تي فالج جي حملي جو خطرو به وڌي ويندو آھي. ان ڪري جي پگھر ھجي ته يڪدم ٻاھر ھوا ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪبو آھي. ٻارن توڙي ٻڍن کي به ھروبرو ٻاھر نڪرڻ کان منع ڪبو آھي. مھيني کن بعد چيٽ ختم ٿيڻ وقت، ڏکڻ لڳڻ تي واچوڙا وري وارو ڏيندا آھن ۽ جاءِ خالي ڪندا آھن، جھولن ۽ لُڪن لاءِ!

مئي جي 10/15 کان وٺي جون ۽ جولاءِ تائين، جھولا ۽ لُڪون لڳنديون آھن. لوڪ ڏاھپ مطابق جڏھن انب شاخ ڏي، پلڙا ڪڪا ٿيڻ بعد پچي سُڪڻ ۽ ڇڻڻ لڳن، پيرون پچڻ تي اچن، ڦٽين جو رونبو شروع ٿئي، گاھ سُڪي وڃي، (جھولن ۾ ڦٽين جو ڪڪڙوگھٽ يا پوءِ دير سان نسرندو آھي) گرم ھوا ڪن ساڙيندي ھجي، ريج سڪي وڃن، ڪانوءَ ٻچا ڪري (ٻه ٻچا ڪري ته سُڪار ۽ جي ھڪ ڪري ته ڏڪار) پلڙي ۽ پيرن سان گڏ گھوڙي ۽ گڏھ به ڇاڻو ڪنديون آھن. گاھ پچندا، سرنھن ۽ لوسڻ اَن/ٻج ڪن ته اھا جھولن/لُڪن جي اوج وارو وقت ھوندو آھي. اھا موسم برسات اچڻ تائين ۽ ڏکڻ  جو زور ٽٽڻ تائين جاري رھندي آھي.  اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھاڻ آبھوائي تبديلين سبب، اڳوڻو ٽائم ٽيبل نه به رھيو آھي!

پر افسوس جو ھر سال ايندڙ انھيءَ موسمي مُصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ، اسان وٽ اجتماعي طور تي ڪابه خاص  پلاننگ نه ھوندي آھي. جيڪڏھن ٿورو گھڻو جھولن ۽ لُڪن جي حوالي سان ڪجھ ڏيکاؤ جھڙو ڪم ٿيندو به آھي ته اھو رڳو ڪجھ شھرن تائين ئي محدود ھوندو آھي. ان ڪري ماڻھن کي اھا ئي صلاح آھي ته جيستائين حڪومت ۽ ان جي نمائندن ۽ ادارن جو انھي پاسي ڌيان وڃي ۽ باھ کي آفت مڃڻ لاءِ گھربل قانون سازي ٿئي، اُستائين اھي پاڻ باھ، واچوڙن، جھولن ۽ لُڪن جي موسمي مصيبتن کان بچڻ لاءِ پاڻ ئي بچاؤ جا حفاظتي طريقا اختيار ڪن ۽ انھن ساليانو ايندڙ آفتن جو فلحال پاڻ ئي مقابلو ڪن.

اتوار، 25 نومبر، 2018

هلو هلو ميلي تي!

خميس 31 مارچ 2005ع تي امتياز ابڙو جو ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم

اسان وٽ ميلا انڪري لڳايا وڃن ٿا ته جيئن ماڻهن کي ثقافت ڦهلائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڌِڪا کائڻا نه پون. يقين سان ميلي تي وڃڻ هڪ ڪلچرل ڪم آهي ۽ انهيءُ کان به ڪلچرل آهي ميلي تان کِيسو ڪَٽائي واپس  موٽڻ... هڪ زمانو هو جو زالون پنهنجن مڙسن کي چونديون هيون ته ٻارن کي ميلو گهمائي اچو. هاڻي به مڙس ٻارن کي ميلي تي وٺيو وڃن۽ پوءِ ٻار موٽيو اچن، مڙس رهجيو وڃن... ميلي تي وڃڻ جي هڪ خوبي اها به آهي ته توهان کي رش ۾ ڌِڪا ۽ ٿاٻا کائڻ جي خوب تربيت ملي وڃي ٿي، جيڪا اڳتي هلي توهان کي مِنسٽرن جي پٺيان نوڪريءَ جون درخواستون کڻي هلڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اسان کي ته ميلي تي وڃڻ جي ايتري خوشي ڪانه ٿيندي آهي جيتري ميلي تان موٽڻ جي ٿيندي آهي. ميلن تي اسان کي اهي جانور به ڏسڻ لاءِ ملي ويندا  آهن جيڪي زندگيءَ ۾ رڳو ڪڏهن ٻُڌبا آهن. هن دفعي ته مون هڪ رڇ تي ايتري رش ڏٺي ڄڻ اهو اليڪشن مهم تي نڪتل هو... خود هڪ لُومڙ پڃري ۾ ائين  پنهنجو مُنهن ڪريو بيٺو هو ڄڻ ان تي نيب جو ڪيس هلندڙ هجي!       
سنڌ ۾ اڄڪلهه ميلا اهڙا ٿي ويا آهن جو انهن کي هاڻي اردوءَ ۾ ”ميلا“ ڪري پڙهڻ تي دل ٿي چوي. اسان کي خبر ناهي ته سنڌي بزرگن جي شاعريءَ ۾ ڪٿي کدڙن جو به ڪو ذڪر آهي. پر هن دفعي ڀٽائيءَ جي ميلي تي جيترو کدڙن جو هجوم نظر آيو. ان مان اهو اندازو لڳائي پئي  سگهياسين ته سنڌ ۾  بي روزگاريءَ ماڻهن کي ڪٿي وڃي پهچايو آهي!       
ميلو دراصل غريبن جي عياشي آهي. هتي غريب ماڻهو اهي شيون به ڏسندا آهن جيڪي جيڪڏهن گهر جي ڀِت تان بيهي ڏسجن ته موچڙا کائجن، ۽ سنڌي ماڻهن ترقي ڪيتري ڪئي آهي، اها توهان کي ميلن تي وڃڻ کانپوءِ ئي ڏسڻ ۾ ايندي. ميلن ۾ ٻن قسمن جا جانور هوندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي شهرن ۾ انسانن جو ماسڪ پا ئي هلندا آهن ۽ ٻيا اهي جن کان متاثر ٿي انسان ڪاپي ڪندا آهن. ڪجهه ماڻهو ته هاٿي ڏسڻ کانپوءِ ئي جاگنگ شروع ڪندا آهن. جيئن منهنجو هڪ دوست ميلي تي گهمڻ ويو  ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپس موٽيو ته پڇيومانس، ”ڪٿي غائب هئين؟“ چيائين، ”ڪافي ڏينهن ٿيا هئا اصلي جانور ڪو نه ڏٺا هئم، اهي ڏسڻ  ويو هئس!“       
هي ميلا اهڙا آهن جو توهان اتي رڳو هڪ دفعو وڃو، پر توهان کي ياد ائين رهندا ڄڻ توهان اتي چيڪلا هلائڻ جي نوڪري ڪري آيا هجو. درگاهه ۾ انهيءَ جوُتي رکڻ جا به ڏهه رپيا  پئي ورتائون جيڪو خود چوريءَ جو هو. ميلي ۾ اها جاءِ جتي ايران جي هڪڙي به شئي نه هجي، اها ايراني سرڪس هوندي آهي. موت جي کُوهه ۾ وري موت کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه هوندو  آهي. منهنجو هڪڙو دوست ميلي تي ڪجهه ٻار گهمائڻ لاءِ وٺي ويو، واپسيءَ مهل ساڻس گڏ ڪيترا ئي ٻار گڏ هئا. سواءِ انهن جي جيڪي هتان وٺي ويو هو. چيائين، ”ميلي تي رش جي ڪري اهڙي حالت ٿي جهڙو ڌاڙيلن  وٽان ڀڄي آيو هجان!... ائين جو جڏهن گهر اچي دروازي تي ڪڙو هنيم ته منهنجي ئي پٽ ٻاهر نڪري چيو... گهر ۾ ڪير ڪونهي، بابا ميلي تي ويو آهي.       
ميلن ۾ مَلهه ته هاڻي اها راند ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ هڪڙي پهلوان جو پيٽ ٻئي پهلوان جي پيٽ سان ويڙهايو ويندو آهي ۽ ائين پيو لڳندو آهي ڄڻ انعام هاضمي جي بنياد تي ڏنو ويندو. هڪڙي دفعي مَلهه ۾ مينهُن اچي پيو ته ڪجهه ننڍڙا ٻار هڪ پهلوان جي پيٽ هيٺان وڃي لڪيا. منهنجو به هڪ ملهه پهلوان دوست آهي، اهو ته ڪنهن وزن واري مشين اڳيان رڳو لنگهندو آهي ته مشين مان روڄ راڙي جا آواز اچڻ لڳندا آهن!

       ڪنهن چيو، ”وڪيل ميلي تي ويندو ته ان جي به في وٺندو آهي!“ جيئن ڊاڪٽر ميلي تي ويندو ته ڳائڻين کي به ا ئين پيو ڏسندو، ڄڻ اهي نرسون هجن... صحافي ميلي تي ويندو ته ان کي وٺي اچڻ لاءِ وري ٻن ٻين صحافين کي موڪلڻو پوندو... ۽ ماستر ميلي تي ويندو ته ڪنهن کي به خبر ڪا نه پوندي ته ماستر ويو ڪيڏي مهل ۽ آيو ڪيڏي مهل...    
جن ماڻهن کي شگر آهي. انهن کي ميلي تي ضرور وڃڻ گهرجي، ڇو ته جن ماڻهن کي شگر ڪانهي، انهن کي ميلي تي وڃڻ کانپوءِ هونئن ئي شگر ٿي پوندي... جن ماڻهن جو وزن گهڻو آهي ۽ جيڪي جاءِ به گهڻي والارين ٿا، اهي ميلو گهمڻ نه، پر ميلو خراب ڪرڻ ويندا آهن. هڪڙي ڀيري مون واري پهلوان دوست کي ميلو خراب ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سڄو ڏينهن هاٿيءَ جي ڀرسان بيهاري ڇڏيائون، جو هنن جي خيال ۾ ان سان ٻيو نه، ته به هاٿي ماٺ ۾ رهندو!       
هونئن به اسان جي ميلن ۾ اهو ئي ڪجهه ٿئي ٿو، جيڪو ميلن ۾ ٿيڻ گهرجي. ڀولڙن متعلق اسين ايترو نٿا ڳالهائي سگهون، ڇو ته انهن تي ايترو ڳالهائينداسين ته ڀولڙا مٿي تي چڙهي ويندا. ڳور پَٽ ته اهو جانور آهي، جيڪو يا ته ميلي ۾ ملندو يا ٻيلي ۾. گدڙن کي  وري سنڌي ماڻهو ٽڪيٽ وٺي به نه ڏسن... ڪٿي گدڙ ڏسندا ته- چوندا، انهن گدڙن ته اسان کي هن حالت تائين پهچايو آهي.... اَرڙ بَلا تي وري آمريت وارن دورن ۾ ميلن تي آڻڻ جي پابندي هوندي آهي، متان  ماڻهو سڀ ڪجهه سمجهي نه وڃن... هاٿين جي باري ۾ اسين ايترو نٿا ڳالهائي سگهون، متان هيءَ اخبار ڪو هاٿي پڙهي ڪاوڙجي نه پوي... شينهَن جي باري ۾ اسين انڪري نٿا ڳالهايون جو شينهَن به اسان جي باري ۾ ڪو نه ڳالهائيندا آهن. ان کانسواءِ شينهن جي باري ۾ اسين ايترو ڄاڻون به ڪو نه ٿا... ڇو ته ميلي ۾ شينهُن اسان هميشه سُتل ڏٺو آهي. هونئن به سنڌ ۾ شينهَن ايترا آهن جو رڳو ميلن ۾ ڏسبا آهن، جيئن ڪُتو اهو جانور آهي، جيڪو سڄو سال ڪُتو ئي رهندو آهي.
 ڪُتي جي وڏي ۾ وڏي خامي اها آهي ته اهو پنهنجو پاڻ کي هميشه ڪتو سمجهندو آهي ۽ ڪتو ٿي  مرندو آهي. ڀٽائيءَ جي ميلي تي مون هڪ اهڙو پُڇ ڏٺو، جيڪو هڪ ڪُتي کي لوڏي رهيو هو. ميلي ۾ رڇ ۽ ڪتن جي ويڙهه ۾ جيڪي ماڻهو ڪُتن جي پاسي هوند آهن، اهي ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي ڀونڪڻ به لڳندا آهن!
هن سال ادبي نشست  سنڌ ميوزيم ۾ انڪري ڪرائي ويئي، ڇو ته ڀٽ شاهه جي ميوزيم ۾ اهڙي قسم جي شو ڪيسن جي سهوليت موجود نه آهي، جتي اهڙي قسم جا مقالي نويس بند ڪري سگهجن، هيءَ هڪ سٺي روايت آهي. ان سان ٿي سگهي ٿو ايندڙ سال ڀٽائيءَ جو سڄو ميلو ئي قاسم آباد ۾ ڪرايو وڃي. هونئن به قاسم آباد ۾ خود اهڙا ڀلا جانور آهن جو ٻاهران جانور گهرائڻ جي ضرورت ئي پيش نه ايندي!
اسان وٽ سڀ کان غير مقبول مقالي نويس هوندا آهن، ڇو ته جيڪي مقبول هوندا آهي، اهي مقالي نويس نه هوندا آهن... توهان پڇندئو ته اهو مقالو ڇا آهي....؟ ته ادا مقالي مان مراد آهي، اها لکيل شئي جنهن کي ڪير به نه ٻڌي ۽ مقالي نويس وري انهيءَ مٺي ننڊ ڏياريندڙ انسان  نما اديب کي چئجي جيڪو گهڻي کان گهڻو ڳالهائڻ کانپوءِ به ڪجهه نه سمجهائي سگهندو آهي... جيئن هڪڙي دفعي هڪ اديب ايترو ته ڊگهو مقالو پڙهيو، جو هسٽريءَ کان شروع ٿيو ۽ هسٽريا تي ختم ٿيو. ڪنهن چيو، ”موسيقي روح جي غذا آهي.“ اسان چيو، ”مقالي نويسي وري روح جي سزا  آهي“ ... سو اخبار ۾ به مقالا پڙهڻ وارن جا نالا نه، پر مقالا ٻڌڻ وارن جا نالا اچڻ گهرجن. ايوارڊ به انهن ماڻهن کي ڏيڻ گهرجن جيڪي مقالا ٻڌندا آهن. مون کي ته انهن اديبن جا مقالا ڏاڍا وڻيا، جن پڙهيا ئي ڪو نه...۽ اهو مقالي نويس ته عظيم هو، جنهن اسٽيج تي اچي صرف ايترو چيو ته، ”مقالن جي نشست پوري ٿي... هاڻي اچو ته لَنچ ڪريون...!“

ڪجهه موالين جي باري ۾!

امتياز ابڙو
سومر 7 مارچ 2005ع تي ڪاوش ۾ چپيل امتياز ابڙو جو ڪالم
 سنڌ ۾ نشي جو استعمال ايترو ٿي ويو آهي، جو هر چوٿين ماڻهوءَ کان پڇبو ته ته ”ڇا تون نشو ٿو ڪرين؟“ ته باقي ٽن ڄڻن تي الزام هڻندي چوندو ته ”آئون نه... پر اهي نشو ٿا ڪن!“ ڀنگ وري اهڙو نشو آهي، جو اگر چئن ڄڻن کي لئبارٽريءَ ۾ وٺي وڃي ٽيسٽ ڪرائبي ته ٻه باٿ روم جو بهانو ڪري ڀڄي ويندا. هڪڙو چوندو ”آئون ٻاهران ڳنڍيريون وٺيو ٿو اچان!“ ۽ باقي هڪڙو هٿ ٻڌي چوندو ته، ”توهان اهي ٽيسٽ جا پئسا مون کي ڏيئي ڇڏيو. ڇو ته اڄڪلهه ڀنگ ڏاڍي مهانگي آهي!“
سنڌ ۾ ڀنگ ايتري مقبول آهي جو پيار ۾ ڀنگ کي به ”سنڌي ڀنگ“ چوندا آهن. سنڌ جي هڪ شهر کي ته ڀنگ ۾ ايترو بدنام ڪيو ويو، جو خود اتان جي ماڻهن نسوار ڏيڻ شروع ڪئي ته جيئن هنن تان ڀنگ جو الزام ختم ٿئي. سنڌي ماڻهو ته ننڍي ننڍي ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ جا عادي آهن. ڪير ڪيلن جي کل تان ڪرندو ته اڌ اڌ ڪلاڪ پيا کلندا، ڄڻ بهترين کلڻ واري کي هڪ ڊزن ڪيلا انعام ڏنا ويندا. نسوار کي سنڌ ۾ ڪاميابي به رڳو ان ڪري ڪا نه ملي سگهي آهي. ڇو ته نسوار ڏيڻ وارو ٻيو سڀ ڪجهه ڪندو، پر ٽهڪ نه ڏيئي سگهندو ۽ اگر ٽهڪ ڏنائين ته پوءِ سامهونءَ واري جو مُنهن سائو هوندو. اسان پٺاڻن کي ڪڏهن به ٽهڪ ڏيندي ناهي ڏٺو. ڇو ته پٺاڻ کي خبر هوندي آهي ته اگر مون ٽهڪ ڏنو ته ڏهه روپيا نسوار جا هليا ويندا! جيئن هڪ سنڌيءَ پٺاڻ کي هڪڙو لطيفو ٽي دفعا ٻڌايو ته به پٺاڻ ڪو نه  کليو.
سنڌيءَ پڇيو:”لالا... کلين ڇو نٿو؟“ جواب مليس،”لالا ڪو سنڌي نهين آتي!“ اهو به شڪر جو نسوار جو رنگ سائو هوندو آهي ۽ جنهن مهل پٺاڻ وات کوليندو ته اندر جهڙو ڪچي ۾ برسينگ پوکيو پيو هوندو. نسوار جي دٻليءَ تي آرسي به ان ڪري لڳل هوندي آهي ته جيئن ان ۾ ڏسي ٻڌائي سگهجي ته نسوار وات ۾ اندر وڃي ڇا ٿي ڪري؟ يا جنهن ۾ ڏسي ڪجهه پٺاڻ ڏند ڳڻيندا آهن، ته نسواڙ کائي کائي باقي گهڻا ڏند وڃي بچيا آهن!
موالي نشي جي معاملي ۾ سدائين هوش ۾ هوندا آهن. زال سان گڏ پيا ويندا ۽ رستي تي سگريٽ جو اڌڙ ڏسندا ته زال ڇڏي، سگريٽ کڻي وٺندا. ايترا چالاڪ جو زال کي چوندا، ته تون منهنجو نشو آهين، پر نشي کي ڪڏهن به نه چوندا ته تون منهنجي زال آهين! جيئن هڪڙي مواليءَ ڀنگ جا فائدا ٻڌائيندي چيو،”ڀنگ پيئڻ کان پوءِ چورَ منهنجي ويجهو نه ايندا آهن.“ ٻئي موالي چيس”هائو... ڀنگ پيئڻ کان پوءِ چور خود به هڪ ٻئي جي ويجهو نه وڃي سگهندا آهن.“ هڪ اونڌي ۽ انڌي تحقيق مطابق هتي هر ٽئين گهر ۾ ڏنڊو ڪونڊو هوندو آهي. ٽئين گهر مان نه ملندو، ته چوٿين گهر وارا پاڻ ئي دانهن ڪري چوندا ته، ”توهان هيڏانهن هوڏانهن ڌڪا نه کائو... هي وٺو ڏنڊو ۽ ڪونڊو!“ ائين به ناهي ته سڀ ماڻهو نشو ڪندا آهن. نه، ڪجهه نشو وڪڻندا به آهن. اها ڳالهه سوچيندي به نشو چڙهيو وڃي ته جنهن ماڻهوءَ سڀ کان پهرين نشو دريافت ڪيو هو، اُن جو نالو تاريخدانن کان اڃا تائين دريافت ڇو نه ٿي سگهيو آهي!
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ملاقات ”آل پارٽي ٽاپ موالي ايسوسيئيشن“ جي صوبائي صدر محترم ”نابين نشائيءَ“ سان ٿي، جيڪو بين الموالي ڪانفرنس لاءِ هتي اسلام آباد جي هڪ گٽر اڳيان ٺرو پيئڻ جي ڪري اونڌو ٿيو پيو هو. اسان هن کي وارن کان جهلي اُٿاريو ته رڙ ڪندي چيائين، ”چرسَ جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي ته آئون آواز اُٿاريندس،“ ته منهنجي ڪئميرامين چيس”سائين! پهرين توهان ته اٿو، پوءِ آواز اٿارجو!“ اکيون پوريندي اُٿي ويٺو ۽ چيائين،”وٺو انٽرويو. ڇو ته مون کي سترهين وهسڪي ايوارڊ جي سلسلي ۾ موالين جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ پٺاڻ واري هوٽل تي پهچڻو آهي، جتي اسان جي گول مول ڪانفرنس ٿيندي. جنهن ۾ سڄي ملڪ کان آيل نڀاڳا موالي پنهنجي پنهنجي حڪمت بي عمليءَ جو مظاهرو ڪندا.“ مون هن کان جلد جلد انٽرويو ورتو، جيڪو ڪجهه هن طرح هو.
آئون: توهان سنڌ طرفان بين الموالي گول مول ڪانفرنس ۾ صوبي جي نمائندگي پيا ڪريو... توهان جا مطالبا ڪهڙا آهن؟
نابين: پهرين ته اسان نشي جي هر سيڪٽر ۾ هڪ آزاد ۽ منصفاڻي ورڇ جا حامي آهيون. هيروئن، چرسُ، آفيم، ڀنگ ۽ ٻين ديسي نشن جي باري ۾ اسان پنهنجي واضح پاليسي مرتب ڪئي آهي. آفيم تي ايتري پابندي ڪانهي، جيتري هيروئن تي آهي. اسين چاهيون ٿا ته هر هيروئن کي، چاهي اها ڪنهن مواليءَ سان گڏ هجي يا ڪنهن منسٽر سان گڏ هجي، پورا پورا جمهوري حق ڏنا وڃن. اُن کان سواءِ ”وهسڪي ايوارڊ“ جي منصفاڻي ورڇ مطابق گهڻو شيئر سنڌ جي موالين جو ٿئي ٿو. اسان ”سگريٽ ڇوڙ“ هڙتال جو سڏ ڏيئي، اهو به ماچيس مار مطالبو ڪيو هو ته اهو ايوارڊ اسان کي موالين جي آباديءَ جي بنياد تي نه، پر کلئي عام نشو وڪڻڻ جي بنياد تي ڏنو وڃي. ڇو ته هاڻي سڀ کان وڌيڪ نشو سنڌ ۾ ئي وڪرو ٿئي پيو!
آئون: چڱو... اسان کي ڪجهه پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌايو؟
نابين: آئون موالي...منهنجو پيءُ به موالي هو. منهنجو ڏاڏو پاڻ به موالين جو لشڪر پيدا ڪري هڪڙي ڏينهن چرس جا چاليهه سُوٽا هڻي، ستو ته وري ڪونه اٿيو. اسين موالي ابنِ موالي آهيون.
آئون: توهان ڪهڙي نشي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيو؟
نابين: هر نشي جي پنهنجي لذت ۽ ذلت آهي. .. جتي ڀنگ هوندي اتي اسان جي پهتل ٽنگ هوندي. ڪونڊو پيو هلندو جهڙو ڦُٽين جو چُونڊو پيو هلندو... چرسُ، سڀني جو ڪري ترسُ... شرابُ، اڄ ڪلهه ملي ٿو خرابُ، اهو وڏن موالين جو نشو آهي. ان ڪري اسان جا اڪثر موالي ڀائر سُلفيءَ کي پاسو ڏيندا آهن ۽ پوءِ اهو نعرو هڻندا آهن ته” ڀري پيءُ سلفي، نه ته زمانو ڪري ڇڏيندئي قلفي.“
آئون: ڇا اهو صحيح آهي ته نشو معاشري کي خراب ڪري ٿو؟
نابين: بلڪل نه... اها اينٽي موالي لابيءَ جي پروپيگنڊه آهي. نه ته هيروئن، جنهن کي آئون ”هيروئن شيما“ چوندو آهيان... ان جي هر ڦوڪ تي توهان بغير ٽڪيٽ جي ڪڪرن مٿان اڏامندا ويندا آهيو. اهو ئي سبب آهي جو سڀني هوائي جهازن ۾ هيروئن کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. ڇو ته اها آسمان جا سير ڪرائي ٿي.
آئون: توهان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ چاليهه لک ماڻهو هيروئن پيئن ٿا؟
نابين:اهو ته پاڻ اسان جو ڪمال آهي ته هڪڙي هيروئن ۽ چاليهه لک موالي....آئون پاڻ جڏهن ننڍو هوندو هوس، ته پنهنجي کيسي ۾ ڇهن ڇهن هيروئنن جا  ڦوٽو رکندو هوس... ۽ مون ۾ پاڻ تڏهن کان هيروئن جي عادت پيئي.
آئون: اسان ٻڌو آهي ته توهان ڪجهه سال نشو روڪڻ واري اداري ۾ به نوڪري ڪئي؟
نابين: جي ها... پر پوءِ اها موالين جي احساسِ محرومي ختم ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنم... مون پنهنجي ان عرصي ۾ ايترا ته ڇاپا هنيا جو گهر ۾ ويندو هوس ته اتي به وڃي ڇاپو هڻندو هوس. انهن ڇاپن جي عادت مون کي نيٺ طلاق ڏياري... هڪ دفعي مون هڪڙي ٽرڪ تي ڇاپو هنيو، ته ٽرڪ ۾ اندر هڪڙي سوزوڪي هئي. سوزوڪيءَ ۾ اندر هڪ موٽر سائيڪل هئي. موٽر سائيڪل تي هڪڙو همراهه ويٺو هو. همراهه جي کيسن جي تلاشي ورتيسون ته هڪ کيسي مان هڪ ٻٽون نڪتو ۽ ٻٽونءَ ۾ هڪڙي سوپاريءَ جي پڙي پيل هئي. پوءِ اسان ان همراهه کي غلط نموني ۾ سوپاري رکي، اسان کي ٿڪائي ٿڪائي بڇڙو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو!
آئون: پوءِ توهان نشي جي طرف ڪيئن آيا؟
نابين: هڪڙي مواليءَ جي پاراتي مون کي نابين ڪري ڇڏيو. مون ان لاءِ هڪ فلم به لکي هئي:”آخري ڇاپو“. مون کي ياد آهي ته ان ڏينهن اسان هڪ جلوس ڪڍيو هو، جنهن ۾ بينر تي وڏن اکرن سان لکايو هوسين،” هيروئن هڪ لعنت آهي“. ان تان ريما ڪاوڙجي پئي... ۽ ايشوريا راءِ منهنجي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي.
آئون: پوءِ ڇا ٿيو؟
نابين: ڇا ٿيندو؟... توهان کي خبر آهي ته ايشوريا راءِ ۽ عوامي راءِ، ٻنهي ۾ وزن ناهي رهيو. اسان وٽ ته عوامي راءِ جو ايترو به وزن ڪونهي، جيترو ايشوريا راءِ جو وزن آهي!

پاڻ وارا اسٽائيل

اربع 3 آگسٽ 2011ع جي ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل امتياز ابڙو جو ڪالم

اڳئين کيسي ۾ ڪڏهن به موبائيل  ڪانه رکبي، ان جي باوجود جيڪڏهن باٿ روم ۾ ويهڻ مهل ڪموٽ ۾ ڪري پوي ته  هٿ وجهي ڪانه کڻبي. دوستن جي اڳيان  زال  جي تعريف ڪانه ڪبي، نه ته دوست چوندا، ”ڪوڙي جي منهن تي دال“ ..... ۽ زال جي اڳيان به دوستن جي تعريف ڪانه ڪبي...نه ته زال چوندي ته دوست اهڙا سٺا ته ، مئا ...پوءِ تو  ڪهڙي جانور جو کير پيتو هو؟....هميشه ڳالهه ۾ وَٽ وجهي پوءِ ڳالهائبو. ٺلهيءَ کنوڻ تي ٽارچ ٻاري اڀ ۾ ڪانه هڻبي، دڦڪ تي کٽ هيٺان ڪونه وڃي لڪبو، واٽ ويندي ڪنهن پرائي عورت ۾ اک ڪانه هڻبي، جي هڻبي ته لڪائي هڻبي، سينڍ ۾ مارئي ڪا نه ڳائبي،  ڪا به ٺڳي ڪرڻي هوندي ته ڪبي پر مري وڃبو سچي ڪانه ڪبي. جيڪا به گلا ڪرڻي هوندي، لڪائي ڪبي، منهن تي ڪبي ته هاضمو ڪونه ٿيندو، ڇو ته اندر جو ساڙ مرندو ئي تڏهن  آهي، جڏهن ڪنهن جي ٺاهوڪي گلا ڪجي ۽ اهڙي ٺاهي ٺوڪي ڪُنجهي جي ٿانءَ وانگر وڄائي پوءِ ڪجي. جيڪڏهن  اهو همراهه اڳيان هجي ته پوءِ يڪدم پلٽو هڻي، وري انهيءَ ماڻهوءَ  جي گلا شروع ڪري ڇڏجي، جيڪو اتي حاضر نه هجي...!

جيئن اسان ڏٺو ته امن بابت ڪانفرنس ۾ هڪ ڌاڙيل صدارت ڪري رهيو هو! يا جيئن  اعلان ۾ ٻڌايو ويو ته وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم آهي... هڪڙا ماڻهو جنازو کڻيو پئي ويا...پوليس انهن کي وڳوڙي سمجهي اوچتي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جو ڪانڌين جنازو کڻي زمين تي اڇلايو ۽ وٺي ڀڳا.... ايتري ته ڦڙتيءَ سان فائرنگ ٿي، جو مڙدو خود اٿي ويهي رهيو ته، ”هيءَ ڪهڙي مشڪري آهي....هتي ته مرڻ جي به سهولت ڪانهي!“ جيئن هڪڙي سرڪاري اداري جي ريٽائر ٿي وري چيئرمين ٿيندڙ کي چيوسين،’’سائين ، توهان جو ته ڪنڌ لڏي پيو؟‘‘ ته ٽهڪ ڏيئي چيائين، اڙي ٻئي هڪجهڙا....‘‘ پڇيوسين، ’’ٻيو ڪير؟‘‘ ته چيائين، ’’ ادارو.... !‘‘  سو هاڻي پاڻ اهڙا ٿي ويا آهيون جو ڪير مڃي ته  واهه واهه، جيڪڏهن ڪو نٿو مڃي ته  سفارش لڳائي به واهه واهه ڪرائبي، ڇاڪاڻ ته سهپ پاڻ جي نس نس ۾ ويٺل آهي. جيئن هڪڙي انٽرويو ۾پڇيوسين، ’’توهان ٻڌايو ته ننهن ۽ سس جي جهيڙي ۾، ڏوهه سس جو هوندو آهي يا ننهن جو؟‘‘ ته چيائين، ”مونکان اهي سوال ڇو پيا پڇو؟“ چيوسين، ”ڇو ته توهان گهرو معاملن جا وزير آهيو!“

جنهن کي جيئن کپي تيئن وڃي  ڦوڪون هڻي ... پر ائين ٻٽاڪن تي ڌاڙو ڪو نه هڻبو، ڪنهن جي وات  جي لوڊ شيڊنگ توهان نٿا ڪري سگھو  ۽ نه ئي ڪنهن جي قلم جو نلڪو  بند ٿا ڪري سگھو ...گهڻو تنگ ڪيو ويندو ته اسان اهو قلم ڇڏي وڃي بال پين سان لکنداسين.

ڪاوش اخبار ۾ پاڻ   تڏهن کان وٺي لکي رهيا آهيون، جڏهن  اخبار جي قيمت پنج رپيا هئي....۽ جيڪي پئسا ڪالم لکڻ جا ملندا هئا، انهن مان  ڏهه ڪلو مرغي اچي ويندي هئي. هينئر قيمت اشتهارن سميت ٻارنهن رپيا آهي  ۽ جيڪي ڪالم لکڻ جا پئسا هينئر ملندا آهن، اهي مرغيءَ واري کي ڏناسين ته هن صرف ٻه ڪلو مرغي ڏني.....اعتراض ڪندي چيوسين، ميان اڳي ته ڪالم وارن پئسن تي ڏهه ڪلو ڏيندو هئين؟ چيائين، ها...تڏهن اسانجون مرغيون ڪاوش  ڪونه پڙهنديون هيون! پڇيوسين، ”پوءِ ڀلا اهو ساڳيو وقت ڪڏهن ايندو، جو ڪالم جي پئسن مان پورا ڏهه ڪلو مرغي وٺي سگهنداسين؟‘‘ ڪلهي تي هٿ رکي چيائين، ”ڀلي توهان هجو راضي، پر ڪونه کٽندا بازي!‘‘