اتوار، 25 مارچ، 2012

جديد شاعريءَ جو تعارف


شعر جو لفظ عربي لفظ ”شعور“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”دانائي پروڙ يا دريافت ڪرڻ.“ اصطلاح ۾ شعر انهيءَ کي چئبو آهي جيڪو علم عروض جي وزن ۽ بحر تي موزون ڪيل هجي.

نظم ۽ آزاد نظم

شعر هڪ قدرتي ڏات آهي، جيڪا قدرت ڪجهه ماڻهن جي دلين ۾ امانت طور رکي آهي. نظم جي لغوي معنيٰ آهي ”پرکڻ“ اسان کي جيڪڏهن ڪو جملو چوڻو هجي پر اهو سهڻن لفظن ۾ ذڪر ڪنداسين ته ٻڌندڙ کي متاثر ڪندو. پر جيڪڏهن اُن جملي کي هڪ مقرر ڪيل بحر ۽ وزن جي ڌاڳي ۾ پوئي بيهاربو ته ”نظم“ چئبو، سنڌي شاعريءَ ۾ نظم پراڻي صنف آهي، پر جديد نظم ان کان پوءِ جي ٻي ڊول جي شاعري آهي. سنڌي جديد شاعري بين الاقوامي طور ادبي اٿل جي نتيجي ۾ اُسري سامهون آئي. سڄي دنيا ۾ ڪلاسيڪل ادب کان پوءِ هڪ جديد نئين ادب جو لاڙو سامهون آيو، جنهن ڪري نثر توڙي نظم ۾ ڪافي تبديليون آيون.

سنڌي شاعريءَ ۾ جديد شاعريءَ کان اڳ ڪافيون، وايون، گيت. بيت ۽ لوڪ شاعريءَ جون مشهور صنفون رائج هيون، پر جديد شاعريءَ نظم، آزاد نظم، هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ وغيره کي متعارف ڪرايو. سنڌي نظم ۽ آزاد نظم جي شاعريءَ ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن پاڻ ملهايو آهي. نظم ۽ جديد نظم جو موضوع معاشي ۽ طبقاتي ڪشمڪش کي جنم ڏيندڙ ڪئين قومي ۽ بين الاقوامي حالات آهن. ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ظلم خلاف آواز آهي ۽ ٻيا ڪئين انساني زندگيءَ جا مسئلا آهن. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانون به ڪڏهن ڪڏهن موضوع بڻيون آهن. جيئن شيخ اياز جو ”دودي سومري جو موت“ منظوم ڊرامو، نظم ۾ شاندار لکيل آهي. نارائڻ شيام، هري دلگير، شيخ اياز، شيخ راز، عبدالڪريم گدائي، حيدر بخش جتوئي، نياز همايوني هن تحريڪ کي جلا بخشي. ٻئي دؤر ۾ امداد حسيني، تاج بلوچ، فتاح ملڪ، زيب ڀٽي، تاج جويو، نصير مرزا، ادل سومرو، شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ ڪئين ٻيا جن نظم ۽ جديد آزاد نظم کي همٿايو ۽ ترقي ڏياري، ڪئين مجموعا سامهون آيا، جيئن ”اصناف خيالي“  بشير مورياڻي، ”لاٽ“، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“، ”رڳون ٿيون رباب“، شيخ اياز جا مشهور نظم جا مجموعا آهن. عورتن ۾ شبنم موتي، سحر امداد، مريم مجيدي، نور الهديٰ شاهه، سلطانه وقاصي ۽ ٻيون ڪئين جديد شاعري لکي رهيون آهن.

هندستان ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، هري ڪانت،ريٽا شهاڻي، روپڪمار، پريم پرڪاش ۽ ڪيترائي ٻيا بهترين شاعر نظم ۽ آزاد نظم لکي رهيا آهن، جنهن کي ڊاڪٽر ”ديال آشا“ جن ”سنڌي شعر جي تاريخ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪا 1984ع ۾ لکي ويئي آهي. ان ۾ سنڌ ۽ هند جي شاعرن ۽ انهن جي شعرن جي نمون جو احوال ڏنل آهي.

آزاد نظم؛

جديد شاعريءَ جي شروعات ڪشنچند بيوس ڪئي. علم عروض تي شاعري ڪندڙن سندس مخالفت ڪئي. ايتريقدر جو سندس مجموعي ”شيرين شعر“ کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. بيوس سنڌي شاعريءَ کي ايراني اثر کان آجو ڪيو. کيس عروضي شاعريءَ جي قيد مان آزاد ڪيو.


گل اندر سرهاڻ ڀرين ٿو،
موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،
هيرا لعل هزار، قدرت وارا.

سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون موڙ آيو، شيخ راز، نارائڻ شيام، شيخ اياز آزاد نظم ۽ سانيٽ لکڻ شروع ڪيا. شمشير الحيدري ۽ تنوير عباسيءَ به بهترين ڪم ڪيو ۽ انهن آزاد نظم جي طرفداري ۾ ٻه مقالا لکيا ۽ حقيقي حيثيت ۾ آزاد نظم کي مڃايو. جنهن تي ڪجهه پراڻن شاعرن جي رويي ۾ نرمي آئي، اڳ ۾ آزاد شاعريءَ کي ڇڙواڳ شاعري سڏيو ويندوهو.

4 مارچ جي واقعي تي 1984ع ۾ انقلابي شاعريءَ جي حيثيت سان غلام حسين رنگريز جي آزاد نظم گهڻي مشهور ٿي جيڪا عبرت اخبار ۾ ڇپي هئي.

وهيو رت جيڪو جوانو اوهان جو،
اهو رت آهي امر،
اهو رت سنڌڙيءَ جو آهي. ۽ جيجل جندڙيءَ جو آهه.

جديد شاعريءَ کي ويهين صديءَ جي انقلابي شاعريءَ جو درجو حاصل آهي، جيڪا ڪيترن روزانه جي اخبارن، هفت روزه ۽ ماهوار رسالن جي سونهن آهي. مولانا غلام محمد گرامي ”مشرق جي جديد شاعري“ جي عنوان سان مقالو لکيو، جنهن تي روزانو مهراڻ ۾ ڪافي بحث مباحثو هلندو هو. آخر ڪار اهو تسليم ڪيو ويو ته جديد سنڌي شاعري به ٻاهرين ملڪن جي جديد شاعريءَ وانگر هڪ مڃيل صنف آهي.

ازراپائونڊ، والٽ وٽمئن، ٽي ايس ايلٽ به انگريزيءَ ۾ جديد شاعريءَ کي اهميت وٺرائي، جديد شاعري فرانسيسي ادب جي علامت نگاريءَ واري دور جي پيدائش آهي ۽ سندس باني گرئفن آهي.

شمشير الحيدري ”آزاد نظم جو پس منظر“ جي نالي سان هڪ بهترين مقالو لکيو. ذوالفقار راشدي، اياز گل، ادل سومرو، تاج جويو، ذوالفقار سيال، نصير مرزا، قاضي خادم، مقصود گل، امداد حسيني ۽ ڪيترن آزاد نظم کي مڃرايو. عورتن ۾ نور الهديٰ شاهه، شمشاد مرزا، منور سلطانه، شبنم گل، نذير ناز ۽ نسرين جوڻيجو، ارم محبوب، شگفته شاهه، عطيه دائود ۽ ٻين ڪيترين ئي نون اُسرندڙ شاعرائن به هن ڏس ۾ قدم کنيو آهي. مطلب ته آزاد نظم پنهنجي حيثيت تسلم ڪرائي نت نَون تجربن مان لنگهي، ۽ نوان مڙي هڪ انقلابي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. سندس خوبي تسلسل ڍار آهي.

هائيڪو Haiko

هائيڪو جپاني شاعريءَ جي صنف آهي، ٻين جديد شاعريءَ جي صنفن وانگر سنڌي شاعريءَ جو هيءَ صنف حصو ٿي ويئي آهي. هن کي ٽه سٽو ۽ ٽيڙو به چوندا آهن. هائيڪو ۾ ٽي سٽون ٿينديون آهن. جيڪي ڪنهن خيال تاثر کي واضح ڪن. پر منجهس خيالات ۽ معنوي وسعت جي بلنديءَ کي اهميت آهي.

ڏاڍ ۽ ڏنڀ جي ڏين، سنڌڙي تنهنجي ساهه کي،
شل سي ناس ٿين، لڳا آهن تير،
پنهنجن جي ڪمان مان، ڇو نه وهايان نير.

هائيڪو ۾ انقلابي شاعريءَ سان گڏ جمالياتي احساس پڻ اُتم آهي.

 ڳالهيون مصري کنڊ،
چهرو ائين پرينءَ جو،
ڄڻ چوڏهين جو چنڊ.


           ”اياز گل“

سنڌي جديد شاعريءَ ۾ شيخ اياز کان اياز گل تائين ڪيترن ئي شاعرن ٽيڙو لکيا آهن ۽ چڱي تعداد ۾ لکيا آهن، الطاف عباسي، تنوير عباسي، نعيم دريشاڻي، هري ڪانت، موتي پرڪاش، شمشير الحيدري، طارق عالم ابڙو، ذوالفقار سيال، استاد بخاري، تاجل بيوس، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي ۽ زيب سنڌي ڪافي هن فن کي ترقيءَ وٺائي زيب ڀٽيءَ ۽ اياز گل نت نوان تجربا ڪيا، عورتن شاعرائن ۾ شبنم گل، سلميٰ پنهور، ثريا منير ۽ ٻين هائيڪو لکيو آهي.


پن ڇڻ پڄاڻان، تون موٽي ويندينءَ،
           نيڻ وڇائي ويهندس،
لهرن وانگر تون ور ور ڏيئي ايندينءَ.


                        (زيب ڀٽي)

هائيڪو مختصر هوندي به زندگيءَ جي امنگن جذبن ۽ خيالن جي سٺي ترجماني ڪري ٿو.

هائيڪي جي صنف سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي اندر جمالياتي احساس جي خوبيءَ سان گڏ انقلابي شاعريءَ کي به سموهي ڇڏيو آهي.

ماءُ ڏني لولي، هڻندا جي گولي،
حق ۽ سچ چوڻ لاءِ، پوءِ چوندس زور سان،
هڻ ۽ کاءُ گولي، سنڌڙي منهنجي ٻولي.


4 مارچ 1974ع ۾ سهڻي مئگزين ۾ سلطان لغاري جو هيءُ بهترين ٽيڙو شايع ٿيو.

هائيڪو جي اهم خوبي آهي نازڪ و نفيس ۽ دل کي وڻندڙ جذبا واضح ڪرڻ جيڪو شاعريءَ جو اهم اصول آهي. مختصر لفظن ۾ مڪمل ۽ بهترين تاثر هائيڪي جي ٻي خوبي آهي. پُر اثر خيال خوبصورتيءَ سان پيش ڪرڻ قدرتي ماحول ۽ محبت توڙي موسم جو ذڪر هائيڪو جي اصولن مطابق آهي. شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن ٽيڙو کي نج سنڌي صنف پڻ قرار ڏنو آهي.

سادا ماڻهو سون،
سنڌ جي ماڻهوءَ مثل،
آهي ڪٿ به ڪونه.
ڪنهن جو چوريو چنگ،
۽ ڇرڪي آواز کان،
اڏري ويو هو ڪنگ.


                (تنوير عباسي)

شيخ اياز جا هائيڪا سنڌي روايتن جا مظهر آهن.


وٽيءَ وهه پيان،
ڏسي ڪنهن ڏي ڏک سان،
ڏوراپو نه ڏيان.


                (شيخ اياز)

پن ڇڻ پڄاڻان 1984ع اياز جو ڪتاب سنڌي ٽيڙو تي مشمل آهي ۽ ”رڻ تي رم جهم“ هائيڪا بهترين آهن ۽ ”واٽون ڦلن ڇانيئون“ شيخ اياز جو هائيڪو تي مڪمل ڪتاب آهي.

چڙن پڙاڏا،
اوٺيئڙا ڳتي ويا.
لڪ لنگهي آڏا،
ٿريليون ٿوهن،
لهرين مٿان هنج ٿا،
جيئن سواري ڪن،
ناهي رات اماس،
پرڀاتي تاري ڏٺو،
وشو مٿان وشواس.


(شيخ اياز ”رڻ تي رم جهم“)


سانيٽ

سانيٽ جديد سنڌي جي اوسر ورهاڱي کان پوءِ ٿي. جيئن ته پهرين جديد سنڌي شاعريءَ کي ڇڙواڳ شاعري چئي ننديو ويو، پر پوءِ غير ملڪي شاعريءَ جي رجحان کي ڏسندي آهستي آهستي تسليم ڪيو ويو. سنڌي شاعري مغربي فڪر ۽ طرز بيان جي تقليد نه آهي، پر جديد سنڌي شاعريءَ سنڌي لب و لهجي ۽ ڪلاسيڪل روايتن کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي. هاڻي ٽيون صنفون هائيڪو، ترائيل، سانيٽ ۽ آزاد نظم عام صنفون آهن ۽ ڪافي وقت کان سنڌي سهڻي انداز سان مروج آهن.

سانيٽ (Sonnet) جي صنف انگريزي شاعريءَ مان سنڌيءَ ۾ آئي، شيڪسپيئر جا سانيٽ ڪاليجن ۾ انگريزيءَ ۾ پڙهايا ويندا هئا. انگريزي شاعريءَ جو مطالعو ڪري سنڌي شاعرن نج سنڌيءَ ۾ سانيٽ لکڻ شروع ڪيا. سانيٽ هيئت جي لحاظ کان ٽن قسمن جا ٿيندا آهن ۽ منجهس ڪل چوڏهن سٽون هونديون آهن ۽ آخر ۾ هڪ مقفيٰ شعر هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ ڪيترن شاعرن سانيٽ چيا آهن، سانيٽ جي صنف 16 صديءَ ۾ انگريزي شاعريءَ ۾ شروع ٿي. سانيٽ ۾ ”اٽالين سانيٽ“، ”شيڪسپيئرن سانيٽ“ ۽ اسپينسرين سانيٽ مشهور آهن، پر سنڌيءَ ۾ شيڪسپيئري سانيٽ جي طريقي سان لکيا ويا آهن. سنڌيءَ ۾ سانيٽ کي ”چوڏس“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سانيٽ لکيا آهن، شيام، شيخ اياز، تنوير عباسي،نعيم دريشاڻي، انور پيرزادو ۽ اياز گل کان سواءِ ڪئين نوان اُسرندڙ شاعر پڻ جديد شاعريءَ ۾ لکي رهيا آهن.



ترائيل

هي فرينچ ٻوليءَ جي صنف آهي. اصل نالو (Trojelt) اٿس، ترائيل ۾ ڪل اٺ مصراعون هونديون آهن. تن مان هڪ ئي ساڳي مصرع ڪل ٽي ڀيرا ورجائبي آهي. سنڌي سانيٽ ۽ ترائيل کي هائيڪو جهڙي ۽ آزاد نظم جهڙي مقبوليت حاصل نه ٿي آهي، تمام ٿورن شاعرن سنڌي ترائيل لکيو آهي. نارائڻ شيام جي مجموعي ”روشن ڇانورو“ ۾ ترائيل ملن ٿا. ”دک ڀريل گيت ۾ پڻ آهي ڀريل ڪوئي ميٺاس“ ، نارائڻ شيام ترائيل جي صنف جو باني سڏيو ويندو آهي. هري دلگير جا ترائيل سنڌي جديد شاعريءَ ۾ تمام اهميت جا حامل آهن، پاڻ ترائيل جي صنف جي بانين مان آهي، هري ڪانت ”پره کان پهرين“ ترائيل جو مجموعو ڇپيو. استاد بخاريءَ سٺا ترائيل لکيا آهن.

اياز گل جي ترائيل ۾ خيال ٽٽندڙ ۽ ڇڄندڙ محسوس نه ٿيندو آهي. ترائيل جي اهم ضرورت آهي، هڪ سٽ جو ٻي سٽ سان ڳانڍاپو ۽ اياز گل انهيءَ ڳالهه جوخاص خيال رکيو آهي. اياز گل ترائيل جي صنف جو اهم شاعر آهي.

وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا به گهڻا ڍنگ آهن،
ڀلا ڪير ٿو چئي، پڪاريو اسان کي،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
ڀلي جي دلين مان ڌڪاريو اسان کي،
اميدن جا چهرا، نه بي رنگ آهن،
وساريو وساريو، نه ساريو اسان کي،
جيئڻ جا ٻيا ڀي گهڻا ڍنگ آهن.


                        (اياز گل)

ترائيل کي ترقي وٺائڻ ۾ ٻين به ڪيترن شاعرن سهڻو لکيو آهي، جن ۾ امداد حسيني، هري ڪانت، هري دلگير، نارائڻ شيام، انور پيرزادو، تنوير عباسي، ۽ شيخ اياز شامل آهن.

سنڌيءَ ۾ آزاد نظم ۽ ٽيڙو لاتعداد  لکيا ويا آهن، اڃا سانيٽ ۽ ترائيل تي ڪجهه گهٽ ڪم ٿيو آهي، ان جي باوجود به سنڌي جديد شاعري ترقيءَ جي راهه ڏانهن گامزن آهي.

*******
پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ تان ورتل

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں