پیر، 26 نومبر، 2018

موسمن، ڏڪار ۽ سُڪار جا ڏس ڏيندڙ وڻ ڪنڊي!


آچر 15 فيبروري 2015ع واري ڪاوش ۾ ڇپيل نواز ڪنڀر جو ڪالم
ٿر ۾ جھونا چوندا هئا ته جنهن ڳوٺ ۾ سئو ڪنڊيون هجن، ان ڳوٺ کي ڏڪار دوران لڏڻو ڪو نه پوندو، ان مان ڪنڊيءَ /کيجڙي جي وڻ جي اهميت جو اندازو آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿو، کڻي نم  کي سنڌ جي صوبائي وڻ جو درجو مليل آهي، جنهن تي ٻٻر جا ڪجهه حمايتي ارها به آهن، پر لوڪ ڏاهپ جا ماھر ۽ ڪنڊيءَ جا قرب وارا ۽ قدردان ان راءِ تي قائم آهن ته اهو مقام ڪنڊي جو  ئي حق هو. ڪنڊيءَ جو وڻ، جيڪو ٿوري پاڻي تي جالڻ سبب ۽ ان جون پاڙون گھڻو هيٺ هليو  وڃڻ ڪري، ٿر، بر، ڪچي ۽ ميداني علائقن ۾ اڳي ته جتي ڪٿي موجود هوندو هو (ان ڪري ڏڪار ۾ ڪنڊي بهاري هوندي آهي) پر هاڻ آبادي ۽ سم وڌڻ سبب ان ۾ نمايان ڪمي آئي آهي.

ٿر ۾ جنهن وڻ کي وڍڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل هوندي هئي، سو به ڪنڊيءَ جو وڻ ئي هو. اڄ جڏهن ٿر ۾ ڏڪار ٽارو نه ٿو ڪري ۽ ڪنڊي ملڻ ۽ ڏسڻ مھانگي ٿي پئي آهي ته ڪهڙي خبر ڏڪار ان ڪري ئي روز روز ٿو مُنهن ڪڍي مهمان ٿئي، جو اسان ڪنڊي کي ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو آهي! ڪنڊي جيڪا وڏي عمر ماڻڻ ۽ ان جي ڪاٺيءَ کي سُرو نه لڳڻ سبب ان جو نالو ٻارن تي به رکبو آهي، ان جا عام طور تي ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ بغير ڪنڊن جي  جنهن کي”لاسڙ“ سڏبو آهي ۽ ٻيو ڪنڊن وارو، جنهن کي ”ڪنترو“ سڏبو آهي. ڪي ماڻهو وري ڪنڊي جي نر ۽ ماديءَ جي حوالي سان به الڳ الڳ قسم ٻُڌائين ٿا. سندن چوڻ آهي ته ننڍين ۽ سنهين سڱرين واري ڪنڊي مادي سڏبي آهي،  جڏهن ته وڏين ۽ ٿُلهين سڱرين وارو ڪنڊو هوندو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته پڪل سنڱريون جيڪي کوکو سڏبيون آهن، اهو مادي ڪنڊيءَ جي مقابلي ۾  نر ڪنڊيءَ جون وڌيڪ مٺيون ۽ سوادي هونديون آهن، ان مان به نر مادي جي خبر پوندي آهي، جڏهن ته ڀاڄي به نر ڪنڊي جي وڌيڪ لذيذ ٿيندي آهي. نر مادي جي سُڃاڻپ ڪي ماڻهو ايئن به ڪندا آهن ته نر ۾ سڱر گھٽ ۽ ڇوڏا وڌيڪ، جڏهن ته ماديءَ ۾ سڱر گھڻا ۽ ڇوڏا گھٽ هوندا آهن. ڪي ماڻهو ايئن به چون ٿا ته ننڍي ڪنڊيءَ  کي مورو، جوان ڪنڊيءَ کي ڪنڊي ۽ پراڻي وڏي جھوني ڪنڊي کي ڪنڊو سڏبو آهي.

 سنڌ جي نج وڻ متعلق عام چوڻي آهي ته “ڪنڊيءَ جي ڪاٺي گھر ۾ اول ته آڻجي نه، جي آڻجي ته پوءِ  ٻارجي نه ۽ جي ٻارجي ته پوءِ سورجي نه. مطلب اهو ته هن جي باهه ڏاڍي تيز ۽ تکي هجڻ کان علاوه هن کي چورڻ ۽ سورڻ سان ان مان گھڻيون چڻنگون نڪرنديون آهن، جيڪي ڀرسان ويٺلن جي ڪپڙن وغيره کي ساڙڻ کان سواءِ ٻيو نقصان به ڪري سگھن ٿيون. هونءَ ته ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان ڪيترائي ڪم وٺبا آهن، پر خاص طور تي ڀاڳيا، چوپائي مال کي ٻڌڻ وارن چڙن جي لار لاءِ ڪنڊيءَ جي پاڙ  جي ڪاري پڪي ڪاٺي، جنهن کي ڪِرسي/ڪرشي سڏبو آهي، سا پسند ڪندا آهن ( لار هڏي مان به ٺاهبي آهي) ان کان علاوه ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان خاص طور تي کوهه کوٽڻ مهل ڪم ايندڙ ”چڪ“ (چڪ کٻڙ جي ڪاٺيءَ مان به ٺهندو آهي) ۽ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڀونٽي، پُلي ۽ ڀوڻي به ان ڪري ٺاهبي آهي جو، ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل اهي شيون پاڻي لڳڻ سان ڳرنديون ۽ خراب نه ٿينديون آهن. ان کان سواءِ ڪنڊيءَ جي ڪاٺي چونئرن جي وچين ڪاٺي، جنهن کي ”مل“ سڏبو آهي طور به ڪتب آڻبي آهي، ته هن ڪاٺي مان، کٽون ۽ در به ٺاهبا آهن ته اڳي ڪنڊيءَ جي ڪاٺي مان وارن واريون ڦڻيون به  ٺاهيون وينديون هيون، جيڪي هاڻ ته ڏسڻ کان به مھانگيون ٿي ويون آهن. ان کان علاوه هاري ناري هن جي ٽاريءَ کي کري ۾ فرشي طور استعمال ڪندا آهن ۽ ڪنڊا نه هجڻ سبب ڪنڊيءَ جي سُڪل ٽاري، گھر، واڙيءَ يا ڪنهن ٻئي حساب سان ڏنل لوڙهي جي  گھٽي ۾ ”کڙهه“ طور به ڪم آڻبي آهي. ڪنڊي جتي چوپائي  مال، عام ماڻهن توڙي واٽهڙن کي وس آهر ڇانو مھيا ڪندي آهي، اتي هن جون خالي/پورا ٿُڙ، ڪيترن ئي قسمن جي پکين جا به مسڪن بڻبا آهن. ساڳئي وقت ڪنڊي پکين جي آکيري کان سواءِ ماکي جي ويهڻ ۽ ان جي کاڌ خوراڪ جو به اهم مرڪز هوندي آهي. هن جي ڪاٺيءَ کان ويندي، هن جا پن، سنڱر ۽ پڪل ميوو کوکا به پکين، جانورن ۽ انسانن لاءِ وڏي وٿ هوندا آهن. چئبو آهي ته جتي ڪنڊي هوندي، اُتي ٻڪري خوش هوندي. ٻڪري کان سواءِ ڪنڊي رڍ ۽ اُٺ جو به سٺو کاڌو آهي. ڪنڊيءَ جا پن ڀاڳيا، خاص طور  سنڀالي ۽ گڏ ڪري رکندا آهن، ڪن جاين تي ته اهي گڏ ڪري وڪڻبا به آهن.

ڪنڊيءَ جي خاص ڳالهه هن پاران مرحليوار مختلف اشارن سان ماڻهن توڙي لوڪ ڏاهپ جي ڏاهن کي متوجهه ڪري، موسم مٽجڻ جو ٻُڌائڻ به آهي. سڀ کان پھرين جڏهن ڪنڊي نوان پن ڪري ۽ گونچ ڪڍي  موربي آهي ته اها سياري وڃڻ جي آخري ۽ پڪي نشاني هوندي آهي. ڪنڊي پاران ٻُور /مڃر جھلڻ بھار جي آمد جو اعلان هوندو آهي ۽ ٻُور/مَڃر  مان سنڱر ٿيڻ جو مطلب بھار جي پُڄاڻي جو هوندو آهي. جڏهن ته سنڱر جي پچي ”کوکو“ بڻجڻ، بھار جي وڃڻ ۽ گرمي شروع ٿيڻ جي آخري اعلان سان گڏ لُڪون ۽ جھولا لڳڻ جي آڳاٽي اعلان برابر  هوندو آهي. جڏهن ته کوکي جو صفا ڇڻي بس ٿي وڃڻ، اونهارو ختم ۽ سانوڻ شروع ٿيڻ جو پيغام هوندو آهي. ٿري ماڻهو پڪل سڱـريون، جن کي ”کوکا“ سڏبو آهي، سي تحفي طور پنهنجي عزيزن ۽ جيءَ وارن ڏانھن اُماڻيندا آهن.

لوڪ ڏاهپ جي حساب سان بلڪه عام زندگيءَ ۾ به ايترو اهم ۽ ڪارائتو مقامي وڻ، اڄ اسان جي مڪمل بي ڌيانيءَ جي ڪري نظر انداز ٿي رهيو آهي. قانون جي حڪمراني نه هجڻ سبب ۽ ماڻهن ۾ هٻڇ ۽ حرس وڌي وڃڻ سبب هي وڻ ڏاڍو تيزيءَ سان وڍجي وجود وڃائي رهيو آهي. ڪاش! ڪنڊيءَ جي قدر ۽ اهميت وڌائڻ لاءِ ڪو ادارو، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي ڪي قدم کڻي ۽ سرڪار ٻين اهم مقامي وڻن جي واڍيءَ کي روڪڻ سان گڏ، ڪنڊيءَ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ به ڪجهه ڪري ۽ نرسريون قائم ڪري ته جيئن اسان جو هي اهم مقامي وڻ ماڻهن، پکي پکڻ ۽ چوپائي مال جو ڀرجھلو ۽ ڏکئي وقت جو ساٿي، ايئن نڌڻڪائي جي نظر نه ٿئي.

nawaz_kumbhar@yahoo.com


کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں