پیر، 26 نومبر، 2018

باه کي عام موڪل ملڻ جي موسم!

سومر 13 جون 2016ع تي ڪاوش ۾ نواز ڪنڀر  جو ڪالم
 
جيئن مختلف شين تي جوڀن ايندو آھي ۽ انھن جي جوڀن جي مند يا موسم مقرر ھوندي آھي، ائين باھ جي جوڀن ۽ جواني جي به موسم ھوندي آھي. جنھن به شئي تي، جڏھن به جوڀن ايندو آھي ته اھا ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان گھڻن کي ”متاثر“ ڪندي آھي ۽ ڪنھن نه ڪنھن سان اٽڪي به پوندي آھي. ساڳيو حال باھ جو به آھي. انسان شروع ۾ جن شين جي ھشمت کان متاثر ٿي، انھن جو پوئلڳ بڻيو، انھن ۾ باھ به شامل آھي. اڄ به دنيا ۾ ڪيترائي ماڻھو باھ جي پوڄا ڪندا آھن. ھونءَ ته باھ سڄو سال موجود رھندي آھي ۽ پنھنجو اثر ڏيکاري، پنھنجي اھميت به مڃرائيندي رھندي آھي، پر ھڪ موسم اھڙي به ايندي آھي، جڏھن چوڌاري باھه ڙي باھ جي رڙو رڙ ٿي ويندي آھي. اھا موسم آھي، واچوڙن ۽ ان بعد جھولن ۽ لُڪن جي موسم. انھيءَ موسم کي باھ جي جواني جي موسم به چئبو آھي ته ان ۾ باھ کي موڪل ملڻ ۽ باھ پاران مستي ڪرڻ جي ڳالھ به ڪبي آھي. جوان ٿيل باھ کي جڏھن موڪل ملندي آھي ته اھا لوڙھا لتاڙي، اڪثر ڪري ڪکاون گھرن ڏانھن ڪاھيندي، اُتي ديرو ڄمائي، منٽن ۾ ڀريل گھرن ۽ ڳوٺن کي ساڙي، پوٺو  ڪري ڇڏيندي آھي. جنھن کي وسائڻ لاءِ رڳو ٿڌيون آھون، آسمان ڏانھن کڄندڙ نھارون ۽ لڙڪ ئي وھندا آھن، پر باھ انھن سڀني احساسن ۽ جذبن کان عاري ھجڻ ڪري، سنگدل محبوبه وانگر ليکيندي به ناھي ۽ سڀ ليڪا لتاڙي، ماڻھن کان اھا اجھا کسي کين آسمان کي ڇت ۽ زمين کي بستر بڻائي، رات گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آھي ۽ اھي جھڙوڪر نئين زندگي جي شروعات ٿڌن ساھن، ڏکن ۽ لڙڪن سان ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن، پر افسوس جو نه ته حڪومت، نه ئي اسان جا ساڃاھ وند ۽ لاڳاپيل ادارا باھ کي نه ته آفت مڃڻ لاءِ ئي تيار آھن ۽ نه ئي باھ متاثرين جي مدد واسطي وٽن ڪا پلاننگ يا فنڊ ئي آھن!

باھ جو اھو زور واچوڙن، جھولن ۽ لُڪن جي مند ۾ اڃا به وڌي ويندو آھي. واچوڙن جي شروعات بھار وڃڻ بعد اونھاري اچڻ جي شروعات ۾ٿيندي آھي. جڏھن ته ڪي حلقا ان جي شروعات، سيارو نڪرندي ئي ڪندا آھن. ڪن ماڻھن وٽ اھا موسم 15 اپريل کان مئي جي 10/15 تائين ٿيندي آھي. جڏھن کاري ڄار پچڻ بعد مٺن پيرن ۾ ڪڙو ڪسو رس پوندو آھي، اھي رسبا آھن، پلڙا مدبا آھن، ٽالھي ۽ نم پن ڇاڻڻ شروع ڪندا آھن. ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا آھن ۽ ڪڻڪن جون سٿريون اڏامديون يا کنڊربيون آھن. ووڻن پوکڻ جي موسم ويجھي ايندي آھي. اڏامندڙ مٽي پوڻ ڪري اکيون خراب ٿينديون آھن ۽ ساھ جي تڪليف وڌي ويندي آھي. اڏامندڙ مٽي ۽ مٽي جي طوفانن کي ڪنھن حد تائين وڌيڪ وڻ پوکي روڪي سگھجي ٿو) ان وقت ٻارن ۾ ارڙي، چوپائي مال ۾ سامھاڙو، ڪڪڙين ۽ مورن ۾ راڻي کيت جي بيماري اچي منھن ڪڍندي آھي، (جنھن کي ڪي ماڻھو وبائي بيماري به سڏيندا آھن). سامھاڙي ۾ مال گاھ چرڻ ڇڏي ڏيندو آھي. مال جا ڪن گرم ۽ وار اُڀا ٿي ويندا آھن. علاج طور ڀاڳيا اجواڻ ۽ ڳڙ، اٽي جي ڳوڙھن ۾ ملائي مال کي کارائي، مٿي ڪپڙو ڏيندا آھن. (جنھن سان پگھر اچڻ بعد مال ٺيڪ ٿي ويندو آھي) مال کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڀاڳيا وٿاڻ يا ڀاڻي ٻاھران ڪُنو به ٽنگيندا آھن.  ماڻھو به ڪپڙو پسائي مٿي تي رکي پوءِ ڪم ڪار سان ٻاھر نڪرندا آھن.   اھا موسم لوڪ ڏاھپ مطابق باھ جي جواني ۽ کيس عام موڪل ملڻ جي ھوندي آھي.

 لوڪ ۾ واچوڙن جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالھيون مشھور آھن. واچوڙي جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ ان مٿان جوتو به اڇلائبو آھي ته ساڳئي وقت جوتو اونڌو ڪرڻ بعد ان ھيٺيان پئسا ملڻ جي آسري ۾ ٻار اُتي پئسا به پيا ڳوليندا آھن. ڪي ماڻھو ننڍ ۾ کونگھرا ھڻندڙ جي ويھاڻي ھيٺان به جوتو اونڌو ڪري رکندا آھن. ( ٿي سگھي ٿو ته ان جو ڪو نه ڪو سائنسي سبب به ھجي) آسمان ۾ وڇون اُڀرندو آھي ۽ اڀريل کٽ جھولن وقت اولھندي پاسي لڙي ويندي آھي. ڪوئل ٻولڻ شروع ڪندي آھي. عام پکي ويھڻ لاءِ ٿڌيون جايون ڳوليندا آھن. واچوڙن ۾ فصل مٽيءَ سان لٽجي ويندا آھن. واچوڙا چيٽ جي چنڊ جي 10 تائين، ٿڌڙي کان اڳ ختم ٿي ويندا آھن. چون ٿا ته واچوڙن ۾ نه صرف باھ جي چڙنگ آساني سان ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين کڄي پھچي ويندي آھي، بلڪه ننڍيون وڏيون لُنڊيون ۽ بلائون به واچوڙن جي مدد سان مٿي کڄي، ماڻھن کي ڏنگينديون آھن. پوءِ اھي ڀلي اُٺ تي ئي ڇو نه چڙھيل ھجن. ڳوٺاڻا واچوڙن جي ذڪر مھل اھڙا ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون وڏي ڊرامائي  انداز ۾ ٻڌائن ٿا. سياري جي خاتمي ۽ بھار شروع ٿيڻ بعد واچوڙا شروع ٿيندا آھن، جن جي شروع ٿيڻ جي ھڪ نشاني اھا به ھوندي آھي ته جيڪڏھن تيلي ٻاري اُڇلبي ته اھا اُجھامڻ بدران ختم ٿيڻ تائين ٻرندي رھندي! واچوڙن دوران ھر پاسي جي ھوا لڳندي آھي. ڪڏھن گرمي پئي محسوس ٿيندي ته ڪڏھن سردي. جنھن سبب ماڻھن تي فالج جي حملي جو خطرو به وڌي ويندو آھي. ان ڪري جي پگھر ھجي ته يڪدم ٻاھر ھوا ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪبو آھي. ٻارن توڙي ٻڍن کي به ھروبرو ٻاھر نڪرڻ کان منع ڪبو آھي. مھيني کن بعد چيٽ ختم ٿيڻ وقت، ڏکڻ لڳڻ تي واچوڙا وري وارو ڏيندا آھن ۽ جاءِ خالي ڪندا آھن، جھولن ۽ لُڪن لاءِ!

مئي جي 10/15 کان وٺي جون ۽ جولاءِ تائين، جھولا ۽ لُڪون لڳنديون آھن. لوڪ ڏاھپ مطابق جڏھن انب شاخ ڏي، پلڙا ڪڪا ٿيڻ بعد پچي سُڪڻ ۽ ڇڻڻ لڳن، پيرون پچڻ تي اچن، ڦٽين جو رونبو شروع ٿئي، گاھ سُڪي وڃي، (جھولن ۾ ڦٽين جو ڪڪڙوگھٽ يا پوءِ دير سان نسرندو آھي) گرم ھوا ڪن ساڙيندي ھجي، ريج سڪي وڃن، ڪانوءَ ٻچا ڪري (ٻه ٻچا ڪري ته سُڪار ۽ جي ھڪ ڪري ته ڏڪار) پلڙي ۽ پيرن سان گڏ گھوڙي ۽ گڏھ به ڇاڻو ڪنديون آھن. گاھ پچندا، سرنھن ۽ لوسڻ اَن/ٻج ڪن ته اھا جھولن/لُڪن جي اوج وارو وقت ھوندو آھي. اھا موسم برسات اچڻ تائين ۽ ڏکڻ  جو زور ٽٽڻ تائين جاري رھندي آھي.  اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھاڻ آبھوائي تبديلين سبب، اڳوڻو ٽائم ٽيبل نه به رھيو آھي!

پر افسوس جو ھر سال ايندڙ انھيءَ موسمي مُصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ، اسان وٽ اجتماعي طور تي ڪابه خاص  پلاننگ نه ھوندي آھي. جيڪڏھن ٿورو گھڻو جھولن ۽ لُڪن جي حوالي سان ڪجھ ڏيکاؤ جھڙو ڪم ٿيندو به آھي ته اھو رڳو ڪجھ شھرن تائين ئي محدود ھوندو آھي. ان ڪري ماڻھن کي اھا ئي صلاح آھي ته جيستائين حڪومت ۽ ان جي نمائندن ۽ ادارن جو انھي پاسي ڌيان وڃي ۽ باھ کي آفت مڃڻ لاءِ گھربل قانون سازي ٿئي، اُستائين اھي پاڻ باھ، واچوڙن، جھولن ۽ لُڪن جي موسمي مصيبتن کان بچڻ لاءِ پاڻ ئي بچاؤ جا حفاظتي طريقا اختيار ڪن ۽ انھن ساليانو ايندڙ آفتن جو فلحال پاڻ ئي مقابلو ڪن.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں