جمعرات، 29 نومبر، 2012

هاري جو گڏه کوه ۾..

هڪ ڀيري ڪنهن هاري جو گڏه کوه ۾ ڪري پيو. ويچارو گڏه سڄو ڏينهن رڙندو رهيون، هاري به کيس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو. آخر ڪار هاري سوچيو ته گڏه پوڙهو به ٿي يو آهي ڪنهن ڪم جو به ڪونهي. سو کوه مان ڪڍڻ لاءِ جاکوڙ اجائي آهي. سو بهتر آهي ته گڏه کي کوه ۾ ئي مٽي وجهي پوري ڇڏجي.

اها سٽ سٽيندو هاري ڳوٺان مدد لاءِ ماڻهون وٺي آيو جن گڏجي مٽي کوٽي کوه ۾ وجهڻ شروع ڪئي. گڏه هي سڀ ماجرا ڏسي پهريان ته پريشاني ۾ وڌيڪ رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون پر پوءِ چپ ٿي ويو، ڳوٺاڻا گڏه جي رڙيون نه ٻڌي حيران ٿي ويا ۽ گڏه جي عجيب حرڪت تي حيرت ۾ پئجي ويا.

خير هاري ۽ ڳوٺاڻا کوه ۾ مٽي اڇلائيندا رهيا. ڪجهه دير کان پوءِ کوه ۾ جهاتي پئي ڏٺائون ته اچرج ۾ پئجي ويا، جڏهن ڳوٺاڻن مٺي پئي اڇلائي ته گڏه مٽي کي پوئتي ڪندو هڪ قدم مٿي پئي چڙهندو ويو.

هاري ۽ ڳوٺاڻا جيئن جيئن کوه ۾ مٽي اڇلائيندا پئي ويا گڏهن مٽيءَ کي پوئتي ڌڪيندو هڪ قدم مٿي پئي چڙهندو ويو. آخرڪار گڏه کوه جي ڪناري تي پهچي ويو ۽ خوشي مان ٽپ ڏيندو رمندو رهيو.
-----------
اهو ئي سبق زندگي جو آهي، جڏهن مشڪل جي کوه ۾ حالات اوهان تي مٽي اڇلين ته رڙين ۾ وقت گزارڻ کان بهتر آهي ته ان ئي مٽي مان ڏاڪا ٺاهيدا مٿي اڀرو....

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں