ہفتہ، 24 نومبر، 2012

اڃايل ڪانءُ


هڪ اڃايل ڪانوَ کي هڪ جاءِ تي پاڻيءَ جو مٽڪو پيل نظر آيو. ڏاڍو خوش ٿيو پر اهو ڏسي مايوسي ٿيس ته پاڻي  هيٺ تري ۾ ٿورو ئي پيل هئو. سوال اهو هئو ته پاڻي کي ڪيئن مٿي کڻي اچي ۽ پنهنجي چنهنب کي آلو ڪري.
اتفاق سان ان لقمان جي حڪايت پڙهي هئي، ويجهو ئي ڪجهه ڀتر رکيل هئا ان اهي ڀتر کڻي مٽڪي ۾ وجهڻ شروع ڪيا. وجهندي وجهندي صبح کان شام ٿي ويس. اڃايل ته اڳيئي هيو سو ساڻو ٿي ڪري پيو. مٽڪي ۾ نظر وجهي ڏٺائين ته رڳو ڀتر ئي ڀتر هئا. سمورو پاڻي ته ڀترن پي ختم ڪري ڇڏيو هئو. بي اختيار وات مان نڪتس.. ”ڀلا لقمان تنهنجي ته ...“ ۽ پوءِ بي ساهو ٿي زمين تي ڪري، مري ويو.

جيڪڏهن اهو ڪانءُ ڪٿان ڪا نلڪي کنيو اچي ها ۽ مٽڪي جي ڪپ تي ويهي پاڻي کي چُوسيِ وٺي ها ته پنهنجو مطلب حاصل ٿي وڃيس ها. زندگي نه وڃائي ويهي ها.
 -------
ابنِ انشا جي ڪتاب ”اردو ڪي آخري ڪتاب“ منجهان ترجمو

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں