جمعرات، 20 دسمبر، 2012

نَوَ ٽِڻ راند

اسڪول جي ڏهاڙن ۾ گرمين جي موڪلن ۾ دوستن سان گڏ مون ”نَوَ ٽڻ“ راند ڏاڍي کيڏي. مارن جي واندڪائي جي وندر انتهائي هوشياري ۽ حاضر دماغي جي طالب هيءَ راند سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر ڪري زمين تي ليڪا پائي کيڏي ويندي آهي. ڪاٺين يا ڀترن کي سارين (Pieces) طور استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ڪنهن به خرچ يا سامان جي ضرورت نه پوندي آهي.
 نَوَ ٽڻ کي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو هجي جنهن جي مونکي ايتري ڄاڻ نه آهي پر انگريزي ۾ هن راند کي Nine Mens Morris، MILL, Merills وغيره سان سڏيو وڃي ٿو. هن راند جي موجودگي جا آثار مصر جي عجائبات مان پڻ مليا آهن جنهن مان هن راند جي قديم هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
راند جو بنيادي مقصد هوندو آهي ”ٽڻ“ ٺاهڻ يعني قطار ۾ پنهنجون ٽي ساريون (عمودي يا افقي) طور تي رکڻ. جي ڪڏهن ڪو رانديگر ٽڻ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو مخالف جي سارين ۾ ڪا به ساري راند مان ڪڍي سگهي ٿو بشرطيڪ اها ساري (Piece) مخالف جي ٺهيل ٽڻ جو حصو نه هجي. جڏهن ڪنهن هڪ رانديگر جون صرف ٻه ساريون باقي وڃي بچن يا انهي رانديگر جون سڀ ساريون بند ٿي وڃن ڪنهن به پاسي واري خاني ۾ نه چُري سگهن ته انهي رانديگر کي شڪست اچي ويندي آهي. 
راند جي پهرين مرحلي ۾ پنهنجون ساريون رکڻيون هونديون آهن هر رانديگر هڪ هڪ ڪري پنهنجون 9 ئي ساريون واري واري سان رکندو ويندو آهي، هن مرحلي ۾ انتهائي هوشياري کان ڪم وٺڻو پوندو آهي هن ئي مرحلي ۾ رانديگر پنهنجي پوري راند جي حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي ٿو.
ان کان پوء جڏهن هر رانديگر پنهنجون سموريون ساريون رکي ڇڏي ٿو ته راند جو ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو جنهن سارين کي ڀرسان واري خالي خانن ۾ سارين کي واري واري سان چوري راند ۾ اڳڀرائي ڪئي وڃي ٿي هر رانديگر جي ڪوشش هوندي آهي ته ”ٽڻ“ ٺاهي مخالف جون ساريون ختم ڪجن يا مخالف کي ”ٽڻ“ ٺاهڻ کان روکي سگهجي.
دوستو هي ته هئا راند جا معياري اصول، ٿي سگهي ٿو ٻين جڳهين تي ڪجهه مختلف اصول هجن. اوهان مان جن جن دوستن هي راند کيڏي آهي پنهنجو تجربو ضرور ونڊين. اهو پڻ ٻڌائن ته اوهان هن راند کي ڪهڙي نالي سان سڏيندا آهيو؟ نَوَ ٽِڻ يا ڪنهن ٻئي نالي سان؟ راءِ جو انتظار رهندو ؛)

۽ ها جيڪڏهن ڪو دوست هي راند انٽرنيٽ تي آنلائن کيڏڻ چاهي ٿو ته هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري کيڏي سگهي ٿو.

2 تبصرے: