پیر، 26 نومبر، 2018

ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ماڳن جو ذڪر

ڇنڇر 22 جون 2013ع واري ڪاوش ۾ نواز ڪنڀر جو مضمون

ڀٽائي سرڪار جا بيت، بيتن ۾ آيل مختلف هنڌن جي نالن جي پسمنظر کان باخبر ٿي پڙهيا وڃن ته، سمجهڻ ۾ ۽ اصل معنيٰ ڪڍڻ ۾ سولائي به ٿئي ٿي، ته ماڻهو، اجائي ۽ اُبتي معنيٰ ڪڍڻ ۽ ڌُڪا هڻڻ کان به بچيو وڃي. ڀٽائيءَ جا اهي بيت جن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ هنڌن جا نالا آيل آهن، انهن ۾ هيٺيون بيت به شامل آهي.

هن مند مارونرا ، جيائي جالين،

چاريو لنب لطيف چئي، واگهين ويهارين،

(ڪيٽائين) ڪيٽاريو ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون

هن بيت ۾، استعمال ٿيل ٽئي لفظ سانگهڙ ضلعي جا ماڳ آهن. جيڪي مالوندن پاران، مختلف حوالن سان استعمال ڪرڻ سبب، ڀٽائيءَ جي مشاهدي ۾ آيل آهن پر انهن هنڌن کان بيخبريءَ سبب ڪجهه محققن ۽ رسالي مرتب ڪندڙن انهن لفظن جون مختلف معنائون ڪڍيون ۽ ڏنيون آهن. جن سان هڪ ته بيت جو حُسن برقرار نٿو رهي ۽ ٻيو ته پڙهندڙ، ٻُڌايل يا ڏَسيل معنائن جي چڪر ۾ اچڻ سبب مُونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ٻين ڪجهه بيتن وانگر، هي بيت به خود ڀٽائي رحه جي هن پاسي اچڻ جي تصديق ڪندي، سندس پاران ورتل واٽن جو ڏَس به ڏئي ٿو. جهڙي نموني جيائو ڪنهن وقت ڪو پتڻ يا وڌيڪ گاهه هئڻ سبب چوپائي مال جي چراگاهه سبب مشهور هو ۽ اڄڪلهه هڪ ديهه طور قائم آهي. اهڙيءَ طرح واگهين جي ڀٽ، چوپائي مال جي چري اچڻ بعد ويهارڻ لاءِ مٿانهين تي هئڻ سبب هوادار، مڇرن کان محفوظ ۽ مناسب جڳهه هئي (انهن ٻنهي هنڌن تي اڳ ۾ ئي، الڳ سان مضمون لکيل آهن) اهڙيءَ طرح ڪيٽي به مال جي جُو طور مشهور ٿو معلوم ٿئي. اها ڪيٽي پوءِ انگريزن جي دور ۾ باقائدي طور کپري ٻيلي ۾ شامل ڪئي وئي. جنهن مان به معلوم ٿئي ٿو ته، اهو هنڌ اڳ ۾ ئي ٻيلي هئڻ ڪري مال جي جُو رهندو آيو هو ۽ ڀٽائيءَ جي هتي اچڻ يا لنگهڻ بعد (سرن واري ۾ ميان تاج محمد وارن وٽ ۽ اڳتي کنڀري ۾، ان متعلق به الڳ سان تفصيلي مضمون لکيل آهن) سندس مشاهدي ۾ اچي، امر ٿي ويو. ڪن محققن هن بيت ۾ لفظ ”ڪيٽاريو“ به ڪتب آندو آهي ۽ ان جو مطلب، چوپائي مال جي ڌَڻَ مان ڦَرن کي الڳ ڪري، چارڻ ورتو ويو آهي. جيئن اڪثر ٿيندو رهندو آهي. ان لحاظ سان ان لفظ مان اها مراد ورتي وئي آهي، ننڍا پر وڏن کان يا مائرن کان الڳ ڪري، پوءِ مال ڪاهڻ. جڏهن ته بغير لکت ۾ آيل سگهڙن جي راءِ ان جي برخلاف آهي، اها آهي ته، صحيح لفظ ”ڪي ٽاريو“ بجاءِ ڪيٽايو يا ڪيٽائين ئي محسوس ٿئي ٿو ۽ اهو هنڌ به موجود آهي.

ڪيٽي، جنهن پوءِ ٻيلي جي شڪل اختيار ڪئي. جنهن کي جهونا سينهري/سِيهري به سڏيندا هئا/آهن. اهو هنڌ انگريزن جي نقشي ۾ ملاحن جي مياڻ طور ڏيکاريل آهي. جنهن جو نياڻ وارو رستو ڏکڻان لوڻ کاڻ مان ايندي ٻڌايو ويو آهي. کپري شهر کان 6/7 ڪلو ميٽر اُتر ۽ سِرن واري کان 15/16 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ واقع ڪيٽي جي اوڀر ۾ ڀٽون، اتر ۾ مورهڏي ٻيلو، اولهه ۾ نارو ۽ ان کان اڳيان واريانهن ٻيلو،  ڏکڻ ۾ نارو، جوهلي جو پراڻو ڳوٺ/شهر ۽ لوڻ کاڻ واقع آهن. جڏهن ته ڪيٽي، ڀوپي ٻيلي کان اتر اولهندي جي ڪنڊ تي ڏيڍ ٻه ڪلو ميٽرن تي واقع آهي. ڀوپي ٻيلي ۾ ڪلهوڙن جي آخري دور جي حڪمران ميان عبدالنبي ۽ غلام نبي جي والده ۽ عملي طور حڪمران رهندڙ عورت مائي ڄامان جوڻيجو، جيڪا اصل ۾ ٽنڊي مٺا خان جي هئي، جي جوڙايل مسجد واقع آهي. جڏهن ته ميان تاج محمد جي مزار ۽ مسجد هتان کان 15/16 ڪلو ميٽر اولهه ۾ واقع آهي. جتي ڀٽائي رحه جي اچڻ جون روايتون به ملن ٿيون، ته اُتي چيل بيت به. ڪيٽي ۾ جتي هاڪڙي جون ڇنڊڙيون ۽ ڪنب موجود آهن، اتي گهوٽ ڪنوار جو دڙو به مشهور آهي، هتي اڄ به نڙ، پن ۽ کٻڙ موجود آهن. جڏهن ڪنهن وقت هي ولهار (ڪنهن علائقي جي حد کي ولهار سڏبو آهي) ٻيرن، ڄارين، لون/ لئي ۽ تمام گهڻي ڪنڊي سبب به مشهور هو. هن جي ڀٽن تي اڄ به وسڪاري ۽ سڪار جا گاهه لمب، ٻوڙو، ڌانڃورو، ويڪر، ڪلريو، ڀرٽ، ڦڙهي، ٻرو، ٻوهه ۽ سيڻ وغيره به جام ٿين ٿا.

علمي ادبي دوست عطا محمد چانيهي جي ڳوٺ بانڪي چانيهي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي سگهڙن کي رڪارڊ ڪرڻ واري پروگرام جي سلسلي ۾ هلندڙ ڪچهريءَ  جي رڪارڊنگ جي موقعي جو فائدو وٺندي، آيل سگهڙن کان کپري واري پاسي ۽ خصوصاً اڇڙي ٿر ۾ ڀٽائيءَ جي اچڻ متعلق پڇيوسين ته، سگهڙن پاران  ٻه چار هنڌ ته اهي ٻڌايا ويا، جيڪي اڳ ئي معلوم هئا ۽ انهن جي ٻڌائڻ سان انهن جي وڌيڪ تصديق ٿي پر هڪ سگهڙ ۽ رٽائرڊ پرائمري استاد ولي محمد هڱورجو علم ۾ اضافو ڪندي ۽ ڀٽائيءَ جي بيت جي صحيح پڙهڻي ڏَسيندي ٻڌايو ته، مٿئين بيت ۾ آيل لفظ ”ڪيٽائين“ ڪاهين آهي. جيڪو کپري ٻيلي ۾ شامل ڪيٽي ٻيلي ڏانهن اشارو آهي. جتي برسات توڙي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڀاڳيا مال ڪاهي ايندا هئا. اڄ به وسڪاري بعد هيٺانهين علائقن جا ماڻهو بک مرندڙ مال کي گپ چڪ ۽ مڇرن کان بچائڻ توڙي گاهه پٺي لاءِ هيڏانهن ۽ کنڀري واري پاسي ايندا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته، ڪجهه رسالو مرتب ڪندڙن اهو بيت ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪن شامل ته ڪيو آهي پر صحيح معنيٰ مشڪل سان ئي ڪنهن ڏني آهي. جڏهن ته الهداد جنجهي صاحب سُر ماروي جي داستان 8 جي بيت نمبر 5 ۾ هي بيت ڏيندي، ڪيٽاريو لفظ جي معنيٰ ”ڪِڙڪ سان“ ڏني آهي. جڏهن ته غلام محمد شهواڻي صاحب داستان 9 جي بيت نمبر 8 ۾ جيائو، واگهين ۽ ڪيٽايو لفظ کي ”تڙ“ ڄاڻايو آهي.

مقامي ڄاڻو ماڻهن ۽ ولي محمد هڱورجي جي بقول ته، هي علائقو هاڪڙي جي ڦاٽ يا ڇاڙ وارو علائقو هو. جتي ڀٽون به آهن ته هاڪڙي سبب ڪُن ۽ ويئرو ۽ ڀرسان مورهڏي جهڙيون ڍنڍون به آهن. ويئرو ڍنڍ جي هڪ خوبي اها به آهي ته، ان جو پاڻي ڀلي کارو هجي پر ان جي ڪنارن سان ويئري/ ويئريون (ننڍا کوهه) کوٽڻ سان پاڻي مٺو نڪري ٿو. ان ڪري به هي علائقو ڀاڳين لاءِ آئيڊيل هو/آهي. ساڳئي وقت هن ئي بيت ۾ جن ٻين علائقن جو ذڪر موجود آهي، سي به هن ئي تَر ۾ آهن، ته ڀٽائيءَ پاران چوٽياريون، سِرن واري ۽ کنڀري واري پاسي اچڻ جي به تصديق ٿيل آهي. هي علائقو انهن علائقن جي ڀرسان ۽ جهڙوڪر وچ ۾ واقع آهي. ان ڪري اها ڳالهه مڃڻ ۾ اچڻ جهڙي آهي ته، ”ڪيٽائي ڪاهين“ مان مراد موجوده ڪيٽي وارو ٻيلو ئي ٿي سگهي ٿو. رسالو مرتب ڪندڙن کي يا رسالي جا نوان ايڊيشن آڻيندڙن کي، ايندڙ ايڊيشنن ۾ اهو لفظ صحيح ۽ واضح ڪري، معنيٰ سميت ڏيڻ گهرجي، ته جيئن ڀٽائي رحه جي بيتن جي صحيح پڙهڻي ۽ پسمنظر ذهن ۾ رهي سگهي ۽ ايندڙ نسل انهن کان واقف ٿي سگهي. انهيءِ حوالي سان جيڪڏهن ڪو مهربان مٿين ڳالهين مان ڪنهن جي وضاحت يا تصحيح ڪندو ۽ ڪنهن ڳالهه کي رد ڪندي وڌيڪ ڄاڻ ڏيندو، ته تاريخ جي دُرستگي سان گڏ لطيفيات سان دلچسپي رکندڙن جو به ڀلو ٿي پوندو.

nawaz_kumbhar@yahoo.com

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں