منگل، 27 نومبر، 2018

چَرَ تي ساکَ

ڇنڇر 09 اپريل 2005ع تي ڪاوش ۾ ڇپيل عبدالقادر جوڻيجو جو معلوماتي مضمون

       جي ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، دال مان ڦري ٿئي شِيرو ۽ پوءِ همراهه ڏاڍيون ٽاٽائيون وٺي، کيسا ڀري، هوائي جهاز ۾ چڙهي نڪري وڃي نيويارڪ يا ٽوڪيو مان ته هوائي اڏي تي ئي لهڻ ساڻ همراهه جون مُڇون داٻائو، وات ڪِٽلي، ڪنَ ڇٻا ٿيا پيا هوندا ۽ هلندي هلندي ڀَنگ ڇاڻيندو ويندو ته الائي ڪهڙي کٽيءَ کنيو، هت اچي وڏي مصيبت مان اڙيو آهيان. اهي ٻئي هوائي اڏا اجگر بلائون آهن، جتي منٽ منٽ ۾ هڪڙا هوائي جهاز اڏامن ٿا ۽ ٻيا لهن ٿا، نه ڏينهن جي خبر ٿي پوي، نه رات جي. رن وي تان ٿيندو ماڻهو جڏهين هوائي اڏي اندر داخل ٿئي ٿو ته پوءِ بس رب ئي مالڪ آهي. اندر خلقت خدا جي ايڏي ٽٽل  هوندي آهي جو اک نه ڏسي گوڏي کي. وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي. هوائي اڏي مان نڪرجي ته ڪٿان نڪرجي. اهو شڪر آهي جو هوائي اڏي اندر وک وک تي مشينون رکيل آهن، جيڪي اهو ڏَس ڏينديون آهن ته ڪنهن کي ڪٿان ۽ ڪيئن ٻاهر نڪرڻو آهي. ٻيو وڏو شڪر اهو آهي ته اُتي ٻين هوائي اڏن وانگر مشينن واريون چاڙهين جي طرز تي واٽون ٺهيل آهن، جن تي رڳو پير رکو ته پوءِ پاڻيهي اڳتي کڻيو وينديون ۽ ماڻهو ڀلي آرام سان بيٺو هُجي، پر جي اهي ماڻهوءَ کي کڻي هلندڙ چاڙهين جهڙيون مشينون نه هجن ۽ همراهه کي پنڌ ڪرڻو پوي، ته پوءِ يا سارنگي چَٽ هوندي يا فقير چَٽ هوندو. مطلب ته هلي هلي همراهه جون  جَڙهون رُلي وينديون، پر پنڌ ڪو نه کٽندو ۽ همراهه ڦَهه وڃي پَٽ تي ڪرندو. ساهه نه تو ڏٺو، نه مون ڏٺو. همراهه رب کي پرتو، پر پنڌ نه کٽو ته نه کٽو. اهڙن مصروف هوائي اڏن تي اسمگلنگ پڪڙڻ لاءِ اهڙيون ته مشينون رکيل آهن جو، ماڻهوءَ جا آنڊا گُجيون به پڌرا هوندا. پر پوءِ به چالاڪ اسمگلر انهن بلائن جي وات مان به اڇا ٿيو نڪريو وڃن. اهڙو ڪو به چالاڪ اسمگلر انهن مشينن جي وات مان ته بچي سگهي ٿو، پر خاص سکيا ورتل ۽ خاص نسل جي ڪتي جي وات مان بچي نٿو سگهي. ڪسٽم  وارن وٽ انهن مشينن سان گڏ اهڙا ڪُتا به هوندا آهن، جيڪي  اسمگلر کي پڪڙيندي دير ئي نه ڪندا آهن. ڪُتي کي رب الائي ڪهڙيون اندر جون قوتون ڏنيون آهن، جو جديد ترين مشين کي به مات ڏيو بيٺو آهي. اهڙا ڪتا پاڻ وٽ به آهن ۽ سڀني ڏٺا هوندا، جيڪي چور يا ڪنهن ٻئي ڏوهاريءَ کي پڪڙڻ ۾ پَيريُن کان به  زور آهن ته پوليس کان به زور آهن. سو جيڪڏهن ڪو ڪتو ڏوهاري پڪڙي ته اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ اعتبار جوڳي آهي.

       سو ائين ڪُتي جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته هائو ٻيلي ائين ٿي سگهي ٿو، پر هيءَ جيڪا چَرَ تي ساکَ ورتي ٿي وڃي،اها ڳالهه چڱن خاصن عقل وارن ماڻهن کي منجهائي ٿي رکي ته جيڪو ماڻهو چرَ ۾ رکيل ٽانڊن مٿان هلي ڪري به جڏهين رَت سان  ڀريل تغاريءَ ۾ پير وجهڻ کان پوءِ ٻاهر پير ڪڍي ٿو ته پير جي ترين ۾ ڪا به لِڦ نه هوندي آهي ۽ ننڍا ننڍا ڳاڙهي رنگ جا چٽا ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ نه ئي ڪو کيس پيرن ۾ ايڏو سُور ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ائين اهڙو ماڻهو ڏوهه کان آجو ٿي ويندو آهي ۽ جرڳي ۾ سزاوار نه بڻبو آهي. پوءِ اهو جرڳو اُتر سنڌ ۾ ٿيو هجي يا بلوچستان ۾. ڀلا ڀائي، ٽانڊن مٿان هلي ڪري به جوابدار جا پير ڇو نه ٿا سڙن؟ آخر اهڙو ڪهڙو جادو آهي جو ماڻهوءَ جا پير بچيو وڃن؟

       اهو هڪ وڏو راز  آهي، انهيءَ راز کي ڳولي لهڻ لاءِ ڪو اصيل ڪتو ئي ڪم ڏيکاري سگهي ٿو. انهيءَ ڪري اهو راز هٿ ڪرڻ لاءِ  هن بندي کي به اصيل ڪتو بڻجڻو پئجي ويو. ظاهر آهي ته هن بندي جو اصلي تعلق ٿرپارڪر ضلعي سان ۽ هاڻي ڄامشوري سان آهي، جتي نه ڪو جرڳو وِهندو آهي ۽ نه ئي وري ڪا چَرَ تي ساک ورتي ويندي آهي ته جيئن ڪا خبر پئجي سگهي ته انهيءَ راز پويان ڪهڙي حقيقت پاتي وڃي ٿي.

       اڄڪلهه ٽي وي جا ڪئين چئنل کلي پيا آهن ۽ مني اسڪرين تي ايڏي ته رش وڌي ويئي آهي، جو ڪو ٻيو پروگرام ته ڇا پر پنهنجو ڊرامو به رڪارڊ نٿو ڪريان. گذريل ٻن ٽن سالن ۾ پاڻ جيڪڏهن ڪا شئي رڪارڊ ڪئي آهي ته صرف ۽ صرف ڪي ٽي اين جا ڪجهه خبرناما رڪارڊ ڪيا اٿم، جن ۾ ٻه ٽي ڀيرا اهڙا ڏيک آيا آهن، جن ۾ چَرَ تي ساک ڏيڻ جا ڏيک خاص طور تي آيا آهن ۽ رڪارڊ جو سبب به اهي ئي ڏيک آهن. سو پهرين مهرباني ڪي ٽي اين جي خفتي نمائندن ۽ ڪئميرا مين جي، جن اهي ڏيک ڪئميرا ۾ قيد ڪيا. اهي ڏيک پاڻ ورائي ورائي وڊيو تي ڏٺا آهن ته جيئن اهو راز معلوم ڪري سگهجي. راز معلوم ڪرڻ جي اها چَريائي مون کي پنهنجي والد مرحوم همير عرف مريد حسين جوڻيجي کان وراثت (Genes)۾ مليل آهي، جيڪو پوليس جو خفتي آفيسر هو. تنهن کان پوءِ خود ڄامشوري ڦاٽڪ تي سڄيءَ سنڌ جي سڀني ضلعن جا ماڻهو مليو وڃن، جنهن ۾ جيڪب آباد به اچي وڃي ٿو. انهن ايندڙ ويندڙ مسافرن کان پڇاڻو ڪيوسين، جن ٻڌايو ته فيصلو ته سردار ڪندا آهن، پر اهڙن فيصلن تي عمل در آمد ڪندڙ ڪو مقدم هوندو آهي. معلومات جو ٽيون ذريعو اسان جو ساجد ميمڻ بڻيو، جيڪو باز وانگر هر شئي تي نظر رکندو آهي. خالص آمريڪي لهجي ۾ ڇتي انگريزي ڳالهائيندو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پلانٽيشن آفيسر آهي. سندس ڪڙڪ انگريزي ۽ ذهانت کيس نقصان پهچائيندي رهندي آهي، جو سنڌ جو اهو دستور آهي. معلومات جو آخري ذريعو پاڻ لاءِ شادي پلي ضلعي ميرپورخاص جو هاءِ پروفائيل شهزادو گوبند ميگهواڙ بڻيو، جيڪو ادب جو وڏو پڙهاڪو هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جو شاگرد آهي. ته ائين هيءُ بندو اصلي راز تائين پهچي ويو ۽ ڪُتي مان ڦري انسان بڻجي ويو.

       هاڻي ڳالهه ائين وڃي ٿي بيهي ته اوهان ڏوهي هجو يا بي ڏوهي، ٻنهين صورتن ۾ اوهان کي مقدم سان واسطي ۾ اچڻو پوندو. پوءِ اوهان مقدم جو کيسو گرم ڪريو يا ڪنهن اهڙي سنگت ساٿ کان سفارش ڪرايو، جنهن کان مقدم ڪنڌ ڪڍائي نه سگهي. پوءِ مقدم اوهان کي ٻه سهوليتون ڏيندو. هڪڙي سهوليت اها هوندي ته چرَ کي ٽانڊن سان چڱي طرح ڦُسي ڀرڻ جي بدران ٽانڊن جو هڪ ئي تَهه هوندو، جنهن جي وچ ۾ رَک  واريون ٿوريون ٿوريون وِٿيون هونديون ته جيئن اوهان انهن وِٿين تي پير جون کُڙيون رکندا ٻاهر نڪري وڃو. پر پوءِ به باهه باهه ئي هوندي آهي، جيڪا اوهان جي پيرَن کي لهس ڏيئي سگهي ٿي ۽ پيرَ جي تريءَ ۾ ڪٿي نه ڪٿي لِڦ به ٿي سگهي ٿي. پر پنهنجيءَ جاءِ تي اها اوهان لاءِ وڏي سهوليت هوندي، جيڪا مقدم جي ڏنل هوندي. چرَ ۾ رک سان ڍڪيل وٿيون روبرو به ڏسي سگهجن ٿيون. ڀلا جي ڪو اُتي موجود ناهي ته اهو گهر ويٺي ڪي ٽي اين جي رڪارڊنگ ڏسي پڪ ڪري سگهي ٿو. مقدم اوهان کي ٻي سهوليت اها ڏيندو ته چرَ مان نڪرڻ کان پوءِ جنهن تغاريءَ ۾ پير پسائبا آهن، انهيءَ ۾ مقدم ٻئي ڪنهن جانور جو رَت وجهڻ جي بدران رسم موجب اصلي ٻاڪرو رَت وجهي ڇڏيندو، جنهن ۾ ڪا به ملاوت ٿيل نه هوندي. ٻڪري يا ڇيلي جي اصلي رَت ۾ اوهان لاءِ ڪهڙي سهوليت موجود هوندي، انهيءَ مامري تي پوءِ ٿا اچون. مقدم توهان سان صرف ايتريءَ حد تائين وَهي سگهي  ٿو، پر ٻيون به ڳالهيون ليکي ۾ اچن ٿيون، سو هاڻي اچجي ٿو ٻئي نُڪتي تي.

       جن به علائقن ۾ ساک وٺڻ جي اها رسم پاتي وڃي ٿي، اُهي علائقا سخت گرم آهن. اُتي جو عام ماڻهو سخت گير حالتن ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ هلي ٿو. اهي ماڻهو هلندي توڙي ڪم ڪندي يا ته پيرين اگهاڙا هوندا آهن يا وري جيڪو عوامي ٻروچڪو گهيتلو/جوتو پاتو وڃي ٿو. اهو پيرن کي انهيءَ سخت گرميءَ کان ايترو بچائي نٿو سگهي جيترو بوٽ يا سليپر بچائي ٿو. هونئن به اُتان جو ماڻهو  سخت حالتن ۾ ڪم ڪندو آهي. پاڻ ته اونهاري ۾ ايندي ويندي ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيءَ  مان زالين توڙي مڙسن کي ٻنين ۾ ڪم ڪندي ڏٺو آهي. ايڏيءَ سخت گرم موسم ۾ ايڏي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ انهن ماڻهن جي ئي وس جي ڳالهه آهي. ظاهر آهي ته جيڪي ماڻهو انهن حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ هلن ڦرن ٿا ته انهن جا پير سختيءَ ۽ گرميءَ جا عادي آهن. جڏهين ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي مقدم جي ڏنل سهوليت موجب ٺهيل چَرَ مان ساک ڏيڻ لاءِ گذرڻو ٿو پوي ته باهه جي جهڙي تهڙي  لهَس سندس سخت جان پير تي ڪو خاص اثر نٿي ڇڏي ۽ اُهو ماڻهو گهڻو ڪري لِڦن ۽ تڪليف کان ڪافي حد تائين بچي وڃي ٿو. جوابدار کي بچاءُ ٻي اها سهوليت اُتان جي موسم  ۽ ماحول ڏئي ٿو. هونئن به اها هڪ طبي حقيقت آهي ته هر ماڻهوءَ جي جسم ۾ ڪافي اهڙيون جڳهيون يا ائين کڻي چئون ته مُشڪون آهن، اهڙين جڳهين وٽان جيڪي رت آڻڻ ۽ نِيڻ واريون نَسون، نبضون ۽ دماغ کي تڪليف ۽ سُور جو سگنل ڏيڻ واريون اليڪٽريفائيڊ تَنتون ويجهيون ناهن، جو انهن مان رَت وهي يا دماغ کي تڪليف جو اطلاع ڏئي ۽ ڪا تڪليف محسوس ٿئي. جسم ۾ موجود ٻين جڳهين جي گهڻي خبر ته ڊاڪٽرن کي هوندي، پر پاڻ کي ايتري خبر آهي ته اهڙيون ڪجهه جڳهيون چپن ۾ به موجود آهن. مدارين کي ته ڇڏيو، پر منهنجو پنهنجو ويڳو ڀاءُ رضا محمد ڪجهه سال اڳ چپن مان سوَڙِ سبڻ واري سُوئي مٽائي ويندو هو ۽ اها سوئي ٻنهين چپن مان پار ٿي ويندي هئي ۽ وري آسانيءَ سان ڪڍي ويندو هو. کيس نه ته سور محسوس ٿيندو هو ۽ نه ئي رَت وهندو هو. هن وقت رضا محمد  اهو تماشو ڏيکاري نٿو سگهي، جو کانئس چپن جو اهو هنڌ وسري ويو آهي، جتي کان نسون، نبضون ۽ تنتون پري آهن. چپن کان علاوه اهڙا ٻيا گهڻا هنڌ ڪلهن، ٻنڊڻن، پِنين وٽ ته پاتا ئي وڃن ٿا، پر انهن سڀني جڳهين کان وڌيڪ مضبوط جڳهه پير جي کُڙي هوندي آهي. کڙيءَ جي نه رڳو چمڙي سخت هوندي آهي پر رت جي سرشتي ۽ تنتي سرشتي کان به گهڻي پري هوندي آهي. وري جيڪڏهن جوابدار سخت موسم ۾ پنڌ ڪندڙ هجي ته اهو سونَ مٿان سهاڳو آهي. انهيءَ ڪري جوابدار ساک ڏيڻ کان اڳ چئن وڏن ۽ ڪجهه خفتين جي ڏَس تي لڳي کُڙيءَ تي هلڻ جي پريڪٽس ڪندو آهي. اها پريڪٽس کيس ٽانڊن مٿان هلڻ وقت ڪم ايندي آهي. ڇاڪاڻ ته کُڙين تي باهه جو اثر  گهٽ ٿيندو آهي. اها سهوليت هڪ طرف قدرت طرفان مليل هوندي آهي ۽ ٻي سهوليت جوابدار پاڻ پريڪٽس ڪري پيدا ڪندو آهي. ائين اها سهوليت جوابدار کي ڪم ڏيندي آهي. آغا خان يونيورسٽيءَ جي نيورالاجي (دماغ بابت علم) شعبي جي هيڊ ۽ بين الاقوامي شهرت رکندڙ هِڪ ٽِڪ نيورالاجسٽ ڊاڪٽر شاهد مسعود بيگ جو چوڻ آهي ته جيڪي به ماڻهو سخت قسم جي جاگرافيائي حالتن ۽ سخت گير معاشرن ۾ رهن ٿا، انهن مان اڪثر ماڻهن ۾ ڌَڪ پچائڻ جي دماغي سگهه (Resistance Power)پاتي وڃي ٿي. اها دماغي سگهه عام ماڻهوءَ لاءِ ته هڪ جادوئي حقيقت يا ڪا ڪرامت هوندي، پر ڪنهن به دماغي ماهر جي اڳيان هڪ عام قسم جي سائنسي حقيقت آهي. هيءُ بندو اهو مامرو سولائيءَ سان سمجهائي سگهي ٿو ته ائين ڇو آهي، پر پوءِ ڳالهه ڊيگهه کائي ويندي ۽ اصل ڳالهه کان هٽي وينداسين. انهيءَ لاءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن جوابدار ۾ اها دماغي سگهه موجود هوندي ته بنا ڪنهن ٻي سهوليت جي، بنا ڪنهن سُور تڪليف جي، چَرَ مان اڇين ڪڇين نڪري ويندو. ته ڪافي اهڙا ڪيس پاتا وڃن ٿا ۽ جوابدار جند ڇڏايو هليو وڃي. ائين هڪڙو سبب اهو به آهي.

       هاڻي اچجي عام ۽ وڏي ڌَڪ تي، جيڪو جوابدار استعمال ڪري ٿو. ڪافور جو نالو هر ڪنهن ٻڌو آهي، انهيءَ ڪيميڪل کي ڪيمسٽريءَ وارا Camphor  چون ٿا، جنهن ۾ Nolatile قسم جي خاصيت هوندي آهي. جيڪڏهين سولي سنڌيءَ ۾ ڳالهه ڪجي ته ڪافور به اسپرٽ، پئٽرول يا ٻئي ڪنهن اهڙي مادي وانگيان آهي، جيڪو هوا ۾ تحليل ٿي ويندو آهي. هن ڪيميڪل يعني ڪافور جا جيڪي جسم تي اثرات پون ٿا، اُهي آهن خارش ۽ سُور  کان بچائڻ ۽ باهه جي ساڙَ توڙي ٻين اثرات کان بچائڻ ۽ جسم تي لِڦون پئدا ٿيڻ کان روڪڻ. ڪافور باهه جي گرميءَ  جي تڪليف کي گهٽ ٿو ڪري. جيڪي مداري باهه سان کيڏندا آهن ۽ ماڻهن کي حيران ڪندا آهن، اهي به اصلي  ڪافور هٿن تي يا مُنهن تي هڻي ڇڏيندا آهن. ائين ئي جوابدار ساک ڏيڻ لاءِ چَرَ ۾ گهڙڻ کان اڳ پيرن ۽ ٽنگن تي ڪافور  هڻي ڇڏيندو آهي، جيڪو  پيرن ۽ ٽنگن تي هڪ قسم جو تَهه (Layer) ٺاهي ڇڏيندو آهي. پوءِ جڏهن هو چرَ ۾ گهڙندو آهي ته کيس ڪا گهڻي تڪليف نه ايندي آهي. ٿوري ٿوري تڪليف ايندي اٿس. ٻئي پاسي ڪافور جو اهو تَهه نه لِڦ پيدا ٿيڻ ڏيندو آهي ۽ نه ئي وري پيرن ٽنگن کي باهه جي لهس ايندي آهي ۽ سڙيل هنڌن تي صرف ڳاڙها ننڍڙا چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ائين جوابدار  پار پئجي ويندو آهي. رهيل ڪمي تغاريءَ ۾ پيل اصلي ٻاڪرو رَت پوري ڪندو آهي. ٻاڪري رَت ۾ Fibrin نالي هڪ پروٽين پاتو وڃي ٿو. Fibrin نالي پروٽين جي خاص خاصيت اها آهي ته  ٻاڪري رَت ۾ موجود Fibrin باهه لڳڻ وقت يا باهه لڳڻ کان ستت ئي پوءِ جسم جي سڙندڙ يا سڙيل حصي مٿان Coagulate ٿي ويندو آهي. مطلب ته Fibrin جسم تي ڄَمي هڪ ٻيو تَهه(Layer) ٺاهي ڇڏيندو آهي، جيڪو باهه جي مختلف اثرات کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ئي جوابدار جي پيرن جي تَرين کان وٺي مُرين تائين Fibrin ڄمي ڪري بچائي وٺندي آهي. ائين آخري مرحلي ۾ ڪافور ۽ Fibrin ڪم ڏيکاريندا آهن ۽ جوابدار کي بچائي وٺندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مقدم تغاريءَ ۾ ڪو ڳاڙهو رنگ وغيره وجهڻ جي بدران اصلي ٻاڪرو  رَت وجهندو آهي.

       باقي جيڪڏهن ڪو شريف ۽ معصوم ۽ بي قصور ماڻهو ڪنهن اهڙيءَ هَچا ۾ ڦاسي جوابدار بڻجي ٿو، نه وٽس ڌَڪ پچائڻ جي دماغي سگهه آهي، نه ئي وري هو اهڙيون اٽڪلون ڄاڻي ٿو ۽ هو صرف ايتري ڳالهه ڄاڻي ٿو ته جيئن ته پاڻ بي ڏوهي آهي، تنهن ڪري کيس چرَ ۾ ڀريل ٽانڊا ڪجهه به نه ڪندا، ته ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو ته بي ڏوهي هوندي ڪري به پير يا ٽنگون ساڙائي ويهي رهندو. ڪنهن بي قصور ماڻهوءَ جي سڙي وڃڻ جي ڳالهه ته هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي، پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ماڻهو بچي ڪيئن ٿو، سو جو قصو لکي ڇڏيوسين.

       جڏهن پڙهيا لکيا ۽ فر فر انگريزي ڳالهائيندڙ سردار به چرَ تي ساک وٺڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ ساک به وٺن ٿا ۽ مٿان وري اسان جا ماڻهو اهڙين ڳالهين تي رد قد ڏيڻ جي بدران مڃي ويهي رهن ٿا ته اها ته هڪڙي ڏک جي ڳالهه آهي. وڌيڪ ڏک تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن اهڙا سردار سياسي ليڊرن طور تي مڃيا وڃن ٿا. هي ته هڪڙو وڏو عتاب آهي، جيڪو اسان ماڻهن مٿان ٽٽل آهي. انهيءَ تي مُنهن مٿو پٽڻ کان سواءِ ٻيو ڀلا ڪري به ڇا سگهجي ٿو. جيڪڏهن اهو انصاف آهي ته پوءِ انصاف الائي ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي.

       ظاهر آهي ته اسان طرفان ڪنهن کي چئلينج ته نٿو ڪري سگهجي، پر سڀاڻي ملڪ جو ڪو سگهارو ماڻهو اهو چئي وجهي ته بابا فلاڻا سردار! مون کي گهانا مان يا سائبيريا مان ڪنهن عورت جي مائٽن اها دانهن  ڏني آهي ته تو وائيٽ هائوس جي اڳيان سندس 70 سالن جي مائٽياڻيءَ سان زوري ڪئي آهي. هاڻي اچي اسلام آباد ۾ چرَ تي ساک ڏي. اها چرَ ڪمانڊو کوٽي ٽانڊن سان ڀريندا ۽ مقدم ماهر وڪيل اعتراز احسن هوندو يا ڪو ٻيو اهڙو امين. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ته ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ رهندڙ ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏيءَ ۾ گهمندڙ نازڪ ۽ نفيس پيرن وارو سردار بي ڏوهي هوندي ڪري به ٻئي ٽنگون وڃائي ويهي رهندو. ڇا ڪو سردار اهڙي ڳالهه مڃيندو؟ ڀلا جيڪڏهن نه، ته پوءِ ٻين غريبن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي.

       هيءُ آهي اسان جو ايڪويهين صديءَ ۾ حال. ڏيو منهن.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں