پیر، 26 نومبر، 2018

ڊنر تي حملو

اربع 23 مارچ 2005ع تي ڪاوش ۾ ڇپيل امتياز ابڙو جو ڪالم

هڪڙي شاديءَ جي دعوت تان موٽندي هڪ همراهه چيو ”ڊنر تي ايتري ته رش هئي جو مُرغي ته ٺهيو پر مُرغيءَ جو چوزو به ڪو نه مليو!“ اڄڪلهه شادين ۾ ماڻهو ڊنر تي ايئن ٿا حملو ڪن، جيئن ٻيلي ۾ پوليس لهندي آهي. گهڻي رش سبب ماڻهو پنهنجون نيتون، نظريا ۽ پليٽون تبديل ڪندي دير ئي نٿا ڪن. هاڻي ته شادين ۾ ڊنر اهڙي انداز ۾ ٿئي ٿي جو شادي ڪارڊ تي ئي لکيل هوندو آهي ته، ”ڊنر ۾ شريڪ ٿيڻ کان پهرئين ريسلنگ جو ڪورس ڪرڻ لازمي آهي!“ خود اسان کي هڪڙي ڊنر ۾ ماني ڪا نه ملي ۽ هڪ اهڙي همراهه کي ڏٺوسين، جيڪو پليٽ ۾ ايتري مُرغي ڀريو ويٺو هو، ڄڻ اتي دڪان کولڻ وارو هجي. پڇيوسين، ”ايتري رش ۾ تو ٻوڙ ڪيئن حاصل ڪيو؟“ ٻوٽي کائيندي چيائين، ”هن ٻوڙ لاءِ 6 مهينا جوڊو ڪراٽي جي ٽريننگ ڪئي اٿم!“

       ڪجهه ماڻهو وري شادين ۾ ڊنر تي ان ڪري حملو ڪندا جو هنن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن هتي نه کاڌوسين ته پوءِ بک اسان کي کائي ڇڏيندي. غريب ماڻهو ته اهو ئي سوچيندو ته سڄي ڄمار، زماني اسان کي کاڌو آهي ۽ اڄ اسين وري تمام گهڻو کائي ان جو بدلو گهوٽ کان وٺنداسين. ڪن ماڻهن کي اهو اندازو هوندو آهي ته جيڪا شاپنگ بيگ هنن جي وَرَ ۾ لڪل آهي، اها جيڪڏهن اڄ گهر ڀري وياسين ته زال تي به سٺو رعب پوندو....!

       ڪجهه ماڻهو وري شادين ۾ ڊنر تي ايئن حملو ڪندا جو هنن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن اسان هتي ڪڪڙ نه کاڌو ته گهر وڃي اسان کي ڪڪڙ ٿي بيهڻو پوندو. ڊنر ۾ وڃڻ دراصل اهو معلوم ڪرڻ جو هنر آهي ته توهان وڌ ۾ وڌ ڪيترو کائي سگهو ٿا. جيئن اسان جو هڪ دوست سالن کان ڊنرن تي حملا پيو ڪري. هي جنهن شاديءَ ۾ ويٺو هوندو آهي، اتان هن جي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو اٿي ويندا آهن ڇو ته جيڪي هن جي ڀر ۾ ويهندا آهن، اهي وري ٻئي ڪنهن جي ڀر ۾ ويهڻ جهڙا نه رهندا آهن. هي کائڻ جي معاملي ۾ سڄو آمريڪا تي ويو آهي، جو مُرغيءَ ۾ به هٿ ايئن وجهندو ڄڻ مُرغي ايٽمي تجربو ڪندي پڪڙي وئي هجي.... عادتن ۾ وري اسان جي سياستدانن وانگر آهي. هٿ ۾ پڪل مُرغي جهليندي چوندو، ”ڏسو ....منهنجا هٿ صاف آهن!“

       ڪنهن ڊنر ۾ جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي ملي، جنهن جي مُڇن ۾ چانورن جا داڻا لڙڪيل هجن، چپن مان ٻوڙ جو سڻڀ وهندو هجي، هٿن ۾ پليٽ ڀت سان ايتري ڀريل هجي جو ڀت مان آواز ايندا هجن ته، ”جيڪو ڀت ڪري ٿو بَڙ بَڙ“ ته سمجهي وڃجو ته توهان ”بَبن بادشاهه“ سان ملي رهيا آهيو! هي گهوٽ کي سلامي ڏيڻ وقت ان کي پئسن جو لفافو به اهڙي نموني ڏيندو، جهڙي بد دعا ڏيئي رهيو هجي. هڪ گهوٽ کي ته لفافو رڳو ڏيکاري وري واپس پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. وري ٻئي هڪ گهوٽ کي لفافو ڏيڻ وقت عين ٽائيم تي پئسا ڪڍي رڳو خالي لفافو گهوٽ کي ڏنائين. ٽئين هڪ گهوٽ کي ڀاڪر پائڻ مهل لفافو پنهنجي هڪ کيسي مان ڪڍي وري ٻئي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. چوٿين هڪ گهوٽ کي ڀاڪر پائي خود گهوٽ جي کيسي مان هڪ لفافو ڪڍي اهو ساڳيو ئي لفافو گهوٽ کي ڏنائين. پنجين هڪ گهوٽ جي اڳيان جيئن ئي هي لفافو کڻي پهتو ته گهوٽ چيس، ”هاڻي گهڻئي ٿي... اسان انهيءَ لفافي کان ئي توبهه ڪئي!“ اهڙي ئي هڪ گهوٽ شاديءَ کان پوءِ لفافا کولڻ وقت جڏهن بَبن بادشاه جو لفافو کوليو ته اندران هڪ پرچي نڪتي، جنهن ۾ لکيل هو، "Try Again"

       شڪل ۽ صورت مان ئي کائڻ پيئڻ وارو لڳندو آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن به کائڻ پيئڻ واري گهراڻي سان تعلق نه اٿس. ڪنهن دعوت ۾ ويٺو هوندو ته ڀر ۾ ويٺل ماڻهو هن کي کائڻ وارين نظرن سان پيا ڏسندا، ڇو ته جنهن ٽيبل تي هي کائڻ شروع ڪندو، اتي ويٺل ٻيا ماڻهو رڳو هوا کائي گهر موٽندا... هي تمام گهڻي ماني کي به تمام گهٽ سمجهي کائڻ شروع ڪندو ۽ تمام گهڻو کائڻ کانپوءِ اوڳرائيون ايتريون ڏيندو، جو اتي ويٺل مائٽ يڪدم پنهنجن پنهنجن ٻارن کي سڏ ڪري چوندا ته،  ”ٻارو... چاچا جون اوڳرائيون ڳڻيو... ۽ ڳڻپ سکو!“ سندس منهن ڏسي ڪو ڪاڻو به ٻڌائي ويندو ته هو ڏينهن ۾ ڪيتريون اوڳرائيون ڏيندو آهي. خود توهان هن جو وات ڏسندائو ته ان جي هيٺان توهان کي بيشمار اوڳرائين جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا، بلڪل ايئن ڄڻ توهان هيليڪاپٽر ۾ ويهي هيٺ هڙاپا جو منظر پيا ڏسو!

       شڪل صورت ۾ پنهنجي والدين تي نه ويو آهي پر لڳندو والدين هن تي ويا آهن.  پنڌرهن ويهه سال پهرين به ايترو ئي کائيندو هو جيترو هينئر کائيندو آهي. ڊنر تي ويندو ته قدم اڳيان وڌائڻ کان به پهرئين ٻانهون اڳيان وڌائيندو. شِير مال کي ايئن ٽوڙيندو، ڄڻ ڪنهن مسڪين جي ڳچي مروڙي رهيو هجي. مُنهن ته ايترو ننڍڙو اٿس جو پيٽ جي مقابلي ۾ جهڙو اخروٽ گدري جي ڀر ۾ رکيو آهي. پيٽ مُنهن کان ڏهوڻ تي اٿس... گذريل سالن ۾ جيترو هن جو پيٽ وڌيو آهي، اوتري ته پاڪستان ۾ مهانگائي به نه وڌي هوندي. تمام گهڻو محنتي آهي جو جيڪا ماني چئن ڪلاڪن ۾ کائجي، اها هي اڌ ڪلاڪ ۾ کائي ڇڏيندو. هاڻي ته پيٽ ايترو وڏو ٿي ويو آهيس جو ڪير پڇندس ته ”توهان جي گهر ۾ وڏو ڪير آهي؟“  ته چوندو، ”منهنجو پيٽ!“ هڪڙي ڏينهن صبح جو ننڊ مان اٿيو ته اٿي دانهون ڪرڻ لڳو. زال پڇيس ته، ”ڇا ٿيو؟“ ته رڙ ڪندي چيائين، ”هيءُ منهنجي پيٽ تي مارڪر سان ڪنهن لکيو آهي.... ”ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين!؟“

       چوندا آهن ته انسان ۾ رڳو اها خامي آهي ته هو کاڌو کائڻ مهل انسان نه ٿو رهي... ۽ بَبن بادشاهه کاڌي جو ڪڏهن به بُکيو نه رهيو، ڇو ته هن جو گهر ئي هڪ شادي هال جي سامهون آهي. ڊنر تي ته هي بذات خود بمع اهل و عيال ايئن حملو ڪندو آهي، جو ٻوڙ جي ٿال وٽ پهچي چمچي جو انتظار به نه ڪندو بلڪه سڄي پليٽ ٿال ۾ وجهي ٻوڙ سان ڀريندي چوندو،  ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.“ مٺي کي ته ايئن ڏسندو آهي ته ڄڻ ان جو الٽرا سائونڊ ڪرڻو هجيس ۽ تِڪا ڏسندو ته چوندو، ”ڀل ڌڪو کانوان، پر تِڪو ضرور کانوان....“ ۽ رش ۾ جڏهن زور لڳائي ڪو تِڪو پليٽ ۾ وجهندو ته خوشيءَ ۾ رڙ ڪري چوندو ته، ”بي عزتي جو هڪڙو تِڪو، عزت جي هزار بار بکئي مرڻ کان بهتر آهي!“

       هو پيدائشي بکيو آهي. ان ڪري پيدا ٿيو ته روئي رهيو هو ۽ تيستائين ماٺ نه ڪيائين، جيستائين سندس پيٽ ۾ ڪجهه نه ويو. هن کي خانداني ڊنر خور چوندا آهن، ان ڪري پهرئين ملاقات ۾ ماڻهو جو اهو جائزو وٺندو ته اهو ماڻهو ڪيترو کارائي سگهي ٿو. نوڪري مان به صرف ان ڳالهه جي ڪري ڪڍيو ويو، جو هي رڳو کائيندو هو،  کارائيندو نه هو!

       ڪجهه ڏينهن اڳ اسان بَبن بادشاهه جو انٽريو ورتو، جيڪو ڪجهه هن طرح هو:

اسان: چيو وڃي ٿو ته توهان شادين جي ڊنرن ۾ وات جي بدران پيٽ سان کائيندا آهيو، ڇا اهو صحيح آهي؟

بَبن : مونکي ان تي فخر آهي... در اصل آئون شادي هال ٻاهران رهندو آهيان، ان ڪري منهنجو حال سٺو آهي. ڊنر منهنجي ڪمزوري آهي، ايتري جو جيڪڏهن ڪنهن شاديءَ ۾ ڊنر نج کانوان ته پوءِ  سڄو هفتو جهڙو ماڻهو مونکي کائڻ پيا ايندا آهن!

اسان: ڊنر نه ملي ته پوءِ ڇا کائيندا آهيو؟

بَبن: پوءِ رڳو آئون ڪاوڙ کائيندو آهيان!

اسان: دعوت تي وڃڻ لاءِ پيٽ گهرجي... پر چون ٿا ته توهان وٽ اهڙو پيٽ آهي جو ڇهن ننڍڙن ننڍڙن رشوت خورن جا پيٽ ملائجن ته مَس وڃي توهان جهڙو هڪڙو پيٽ ٺهندو...؟

بَبن: منهنجو وڏو فن ئي اهو آهي ته آئون تمام گهٽ وقت ۾ تمام گهڻو کائي ويندو آهيان ۽ پوءِ اٿي بيهي سدائين اهو نعرو هڻندو آهيان ته، ”جيڪو ڏاڍو سو گابو...“ ادا،  توهان پيٽ جي تاريخ پڙهو ته خبر پوندي ته پيٽ تان اُهي اُهي جنگيون ٿيون جو ڪيترن جون حڪومتون ته رات جي پيٽ ۾ ختم ڪيون ويون. توهان روزانو زندگيءَ ۾ اهڙا ماڻهو ڏسندا، جن جون ايتريون نيڪيون نڪتل ڪونه هونديون، جيترا انهن جا پيٽ نڪتل هوندا...

اسان: توهان کي ڪڏهن ڊنر ۾ تڪليف ٿي؟

بَبن: ها... هڪڙي ڊنر مونکي سهڪائي ڇڏيو. تڏهن آئون اڃان ٿورو سنهڙو هوس. ماڻهن مون کي ڌڪا ڏيئي ڊنر تي ايئن حملو ڪيو، ڄڻ اُتي ڪو خود ڪش حملو ٿيو هجي... پهريان ڏهه منٽ ته مون پليٽ پئي ڳولي، پليٽ ملي ته ٻوڙ ڪونه پئي لڌو.... ٻوڙ لڌو ته ان ۾ ٻوٽي ڪانه هئي... چمچو ڀريان ته رڳو مُرغي جون ڳچيون پئي نڪتيون... پوءِ مون پري کان ڏٺو ته ٿال ۾ چار تِڪا پيا هئا. آئون جيئن ئي ڊوڙيس، هڪڙي ٿلهي همراهه مونکي ڌڪو ڏيئي اهي کڻي ورتا ۽ آئون تِڪن کي تَڪيندو رهجي ويس.

اسان: ڀلا ڪجهه ته کاڌو هوندَوَ؟

بَبن: ها! مون هڪڙو وڏو ڌِڪو کاڌو... ۽ سڄو ٻوڙ منهنجي ڪپڙن تي... آخر ۾ ڪپڙن تان ٻوڙ چَٽي مون ماني کاڌي... هڪڙي ٻوٽي منهنجي کيسي ۾ وڃي پئي... مون کي خبر ڪانه پئي. گهر ويس ته هميشه وانگر زال منهنجي کيسن جي کوٽائي ڪئي ته اندران ٻوٽي نڪتي. زال چيو، ”هاڻي مونکان لڪائي ٿو ٻوٽيون کائين...!“ مرڳو گهر ۾ جهيڙو ٿي پيو.

اسان: معنيٰ انتظام صحيح نه هو؟

بَبن: نه سائين! منهنجو نصيب صحيح نه هو، نه ته ٻين سڀني ڍَوَ ڪيا.... آئون ته آخر ۾ رڳو هڪڙو شِير مال کائي ۽ چار کيسي ۾ وجهي هليو آيس.

اسان: ڇا،  مِٺو به ڪونه کاڌانوَ؟

بَبن: مِٺو، جنهنجي ڪري هي، خادم ٿيو ڏِٺو... الڪسٽر و الجيلي، جنهن سان ڀري آيس هڪ ٿيلهي.... حلوو ته پليٽن مان ايئن غائب ٿي ويو، جيئن ڪنهن سرڪاري اداري کي مليل امداد غائب ٿي ويندي آهي... ان ڏينهن کانپوءِ مون ڊنرن تي حملا ڪرڻ سکي ورتا!

اسان: توهانکي ياد آهي ته توهان آخري ڊنر ڪهڙي کاڌي؟

بَبن: آخري ڊنر مون هڪ سياستدان جي ٻئين شادي تي کاڌي، جتي مون ايتري ته مُرغي کاڌي، ايتري ته مُرغي کاڌي جو صبح جو ننڊ مان اٿيس ته پيٽ مان ٻانگون پئي آيون!

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں