اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ
اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.
اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو،
سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ.
لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾
هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ
ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.
ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟
گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.
اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.
اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ
تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ
حـليـم بـاغـي لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
حـليـم بـاغـي لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
ہفتہ، 11 فروری، 2012
منگل، 7 فروری، 2012
تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي - حـليـم بـاغـي
هن ڌرتيء جو دستور الٽ،
هن ملڪ سندو منشور الٽ،
هت چھرو چھرو چور ڏٺم،
هت فوٽ پاٿن تي ٻار پنن
۽ گند گلين ۾ سڏڪا ڪن،
... هت سيني سين دونهن دکن،
هت دل دل ۾ ناسور چِڪن
هن ٿر مان ھليا ٿاڪ ٿُڏي
تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي.
هت عصمت ڪاروبار بڻي،
هت مجبوري واپار بڻي
هيءَ نگري سڀ واپار بڻي
هت غُربت ڄڻ ڪا گار بڻي،
هن ٿڪن جھڙي دنيا ۾
هن ههڙي تهڙِي دنيا ۾
ڪنڌ لڙڪائي جيئڻو ٿو پوي،
۽ ڍڪ ڍڪ وھ پيئڻو ٿو پوي
ڪجھ سڏڪن سان گڏ لڙڪ گڏي،
تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي ـ
حـليـم بـاغـي
سبسکرائب کریں در:
اشاعتیں (Atom)