اتوار، 29 جنوری، 2012

ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔

ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،
رت راھ رتوليءَ رسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،

برساتن ۾ باهيون وسنديون، کوهن ۾ پڻ کوريون تَپنديون،
ڌرتي ساري ٽامون ٿيندي، سنڌ سموري سامهون ٿيندي،
اُڀ اُڀارون کائي کائي، نيٺ پَٽيندو ساهي ساهي،
گوريلن جا گيت هوا ۾، ٻرندا محبت ميت هوا ۾،
راڄ ۾ ڪو به نه روڳي رهندو، ٺڳ نه ڪو ڪو ٺوڳي رهندو،
اهڙو ڏينهن به اچڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

هي بڪتر بند هوائي حملا، شينهن مردن ٻڌيا شملا،
وانگي ورندا وِيرن وانگي، سر ڪٽائڻ سنڌوءَ سانگي،
آيا آيا ڄاڻ ته آيا، گيت ڳنوارن ائين پئي ڳايا،
ڪِرندا ڪنگرا ڪوٽ ۽ قلعا، ٻاهر نڪري ايندا ٻلا،
ڪونڌر رکندا ڪنڌ مروڙي، هنن ڇڏيا ٽڪر ٽوڙي،
هي ڳوٺن شهرن ڳهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي،
تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا،
اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون،
دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا،
جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.

ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي،
ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا،
يورپ جا هي پاليل ڪُتا، نيٺ ته ڀڄندا کائي جُوتا،
اڄ قوم جي ڪُک ۾ ڪانِ لڳو آ، گھر گھر اهڙو گھنڊ وڳو آ،
هر ماڻهو ”منشي“ مرڻو آ، هن ڀونءَ جو پيٽ ته ڀرڻو آ،
هر سُور سنڌوءَ جو سَهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.




منشي ابراهيم

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں