اتوار، 5 فروری، 2012

ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه - استاد بخاري

ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي،
واچوڙي ۾ هوش ڦري ويئه، اڻ جھل اوٿر اڳتي آهي.

مينهن وسي ٿو قطرا قطرا، ڍنڍون ڍورا بخرا بخرا،
منڇر کي ٿو ماپين بيٺو، سنڌو، ساگر اڳتي آهي.

ٿوري اڀڪڀريءَ تي چڙهندي اڀساهي ٿي پئي آ توکي،
پڌري پٽ تي ٿيڙ ٿو کائين، اوجھڙ اوڪر اڳتي آهي.

دوزخ ڇا تخريب ته آهي جنت پئي تعمير ٿئي،
آدم خود يزدان ٿئي پيو اعلى اوسر اڳتي آهي.

هو مندر تي موهت ٿي پيو هي مسجد وٽ رڪجي بيٺو،
وڌندو هل استاد بخاري، دلبر جو در اڳتي آهي.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں