موسيقي لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
موسيقي لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

ہفتہ، 15 دسمبر، 2012

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ



ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
جامِ مينا رهي ،رهي نه رهي
منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون
زندگي تلخ آ هجي ته هجي
روح ۾ سو ملاحتون رهنديون
سرحدِ غم قريب آ اي دوست
ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون
تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيسيتائين دوست
ابنِ آدم جون جنتون رهنديون

شيخ اياز

اتوار، 9 دسمبر، 2012

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ

روڳ جي جٽاو باک جي ڦٽي پوي
آباد سنڌ ٿئي جڏهن ۽ رات هي کٽي پوي
تنھنجي پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن
ساز ماٺ ٿي متان چڳون ورائي چاڙهجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

سوچ تي گوليو وٺيون هن هر رات گذري راڙ ۾
جلاد هن ستا وڃي اوچ جي ست ماڙ ۾
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇاڙ ۾
جذبن جو قيدي آهيان ٿو مارجان ڪنھن آڙ م
پر هيئن ته منھنجي موت تي تون اڄ نه ڳوڙها ڳاڙجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي آ چوءکنڀي
ڏاڍ جي هٿن ۾ آ ڏات جي ڳچي ڏنڀي
ضرب آ سنگين جي ۽ تون ٿي اکيون ڇڀين
مان ته قيد ۾ پکي ۽ تون به قيد ۾ سڙين
چپ سبين متان چري گيت ۾ گھرائجان
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

آڪاش ۾ بتيون ٻريون تار نچي سمھي پيا
ڏٺئي ته اڀ سڄي مٿان وري وري وڄون ڪريون
ڏسي اتر ڏکڻ منجھان ارمان جا ڪڪر ٽٽن
رات جي ٿڌڙي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن
هانو تي تري اچانءِ ته چنڊ ۾چتائجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

ياد جيئن ٿي اچي گھاءُ تيئن ٿو ڪُرين
ڏينھن ٻه ٽي ڏکيا هن تون به پير آءُ ڀري
ڌر تتي جيان دليون ذرو ذرو پيون ٻري
سنڌ ديوي جي رسم شروع ۾ ٿي رت گھري
ڪفن منھنجو وٽيون ڪري ڏيئا لھوءَ مان ٻارجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

پڙاڏا پيار ٿي ڦٽي ڀٽن جي ڀر مھاڙ ۾
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪراڙ ۾
بندش نه ڪا هجي جڏهن وائي جي اڏام تي
تنھنجا ڪٺل اچي وڃن سونھن جي سلام تي
مان به تن جي اوٽ مان نماڻو ٿو نھارجانءِ
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته.........

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ

(نماڻو سنڌي)
آواز: سرمد سنڌي

ڏسي وڃ تون سهڻا منهنجا ويس ڪارا (سرمد)

ڏسي وڃ تون سهڻا منهنجا ويس ڪارا،
اکين جا هي ڳوڙها، رت جا ڦوهارا...

نُک نينهن واري نرمل وڇايون مان ويٺو آهيان راه ۾
هلي ايندين مون وٽ ڪڏهن، ٿيندو اثر منهنجي آه ۾
دل مان ٿا نڪرن دونهان درد وارا...
ڏسي وڃ تون سهڻا ....

اچن ياد تنهنجون ڳالهيون مونکي پرين ڪي پراڻيون
وساريان نه وسرن سي ٿيون توسان ڪيون رت رهاڻيون
ڪيم ڏوه ڪهڙو ڪري وئين ڪنارا...
ڏسي وڃ تون سهڻا......

ڪهڙو تنهنجو پيار هئو مون سان ڪهري تنهنجي ياري اهي
چوي ٿو علي گل سانگي  ڪيو تو مونسان هي ته چاهي
وساري ويٺين تون ڇني سڀ سهارا

ڏسي وڃ تون سهڻا منهنجا ويس ڪارا،
--
شاعر: علي گل سانگي

بدھ، 5 دسمبر، 2012

چيٽ آيو چڙهي تون به آءُ لڙي (سرمد سنڌي)




چيٽ آيو چڙهي، تُون به آءُ لڙي،
کيت کيڙيون، مِڙي، پيار پوکيون پرين.
کاها پنهجا کڻو، لاها سارا ڪڍو،
ورنه ويندي سڄي سُونهن ساڻيهه سڙي،
چيٽ آيو چڙهي.
کيت ٻهڪي اُٿن، سنگ سونا ٿين،
هو هو هو جي ڪيون جهار ويندي ڦَڙي،
چيٽ آيو چڙهي.
نفرتن جو نگر، ڪُوڙ سارو ڪَلر،
سچ چئبو مگر، ڳالهه آهي ڪڙي،
چيٽ آيو چڙهي.
گيت ”رنگريز“ جا، ڏَس ڏيندا ويا،
صبح ٿيندو وري، رات ويندي لَڙهي،
چيٽ آيو چڙهي.

---
غلام حسين رنگريز

اتوار، 1 جولائی، 2012

اي چنڊ پرينء کان آء پُڇي (سرمد سنڌي)




اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ
جنهن ڏينهن رُٺي هوءَ مون کان آ ، تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ

هر رات جي سانت ۾ سڏڪن سان ٿو نيڻين نير وهايان مان
ڇا هوء به راتين جون راتيون مون وانگي ويهي روئيندي آ

ڪالھ رات به مون توکان هو پڇيو پر توکي ڪوئي قياس نه پيو
اي چنڊ ڏوراپا مون وانگي ڇا هوء به توکي ڏيندي آ

ڪنهن ياد کي ڪوري ڪپي ڪڍڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي
ايوب جي نانء ٻڌڻ تي هوء ، ڇا ويٺي ڇرڪ ڀريندي آ

----


اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ
جنهن ڏينهن رُٺي هوءَ مون کان آ ، تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ

(ايوب گاد)

اتوار، 20 مئی، 2012

پيار درياء آ.... (استاد بخاري)

پيار درياء آ.... (استاد بخاري) 



پيار، درياهه آ، درياهه به لَٽجي ٿو وڃي،
نيٺ انسان آ، انسان به مَٽجي ٿو وڃي.

مان مڃان ٿو ته سڀين پارين سڄڻ سون آهي،
هي غضب ٿيو جو سچو سون به ڪَٽجي ٿو وڃي.

حُسن آ باز، مگر عشق وڏي آفت آ،
مون ڏٺو آ ته ڪڏهن باز به جهَٽجي ٿو وڃي.

چند هَٽندي ئي وڏي ويرَ هٽي ويندي آ،
گهُورَ گهٽجي ٿي ته ”استاد“ به گهٽجي ٿو وڃي.

*****

Love is a river, even river gets silted
at a point Human is a human ultimately, he gets changed also

Agreed that my love is golden,
even pure gold gets rusty

Beauty is an eagle but love is a statlion
Even eagles get caught

Once moon fads away, tide get down also
when stare dicreases، Ustaad gets down also

******
(Translation taken from comments of youtube video of this song)



آواز؛ مائي الله وسائي  

اتوار، 13 مئی، 2012

هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ، پئي هر هر مونکي پڪاري

ممتا جي ڏهاڙي تي سرمد جو هي گيت منهنجي ٻنهي امڙن جي نانء




هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ، پئي هر هر مونکي پڪاري
ٻي ماءُ ڏئي لولي ٿي جهوليءَ ۾ مونکي سمهاري

هڪ گهر جو گونگيون ٻوڙيون بي جان ڀتيون هين منهنجي
ٻئي گهر جي ڀتين کي ليڪن سَو سَو ڪن آهن منهنجي
هڪ گهر ٿو اچي کائڻ، ٻيو گهر ٿو مونکي رئاري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

منهنجي هڪڙي ماءُ جا ڄايا منهنجا ڀاءُ ۽ ڀيڻ سڏايا
ٻي ماءُ مان ڀائر ڀينر، آهن ڄڻ ته پراوا
هڪ کي نه پوڻ ڏيان چهنڊي ٻيءُ کي ڀل ڪو ماري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

منهنجي هڪڙي گهر جا ڀاتي منهنجي ڏک سک جا هِن ساٿي
منهنجي  بئي گهر جي ڀاتين جي سر تي ٿي لڙڪي ڪاتي
هڪڙي جي مرڻ تي ماتم ٻين لاء نه ننڊ ڪو کاري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

مان ڪنهن سان درد ونڊايان مان ڪنهن کي سيني  لايان
حق آهي ٻنهي جو مون تي  پهريون ڪنهن جو حق مان لاهيان
هڪ قرض ٿي ياد ڏياري ـــ ٻي فرض ٿي ياد ڏياري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

هڪ گهر الله جو آهي اڄ ان کان پڇڻو آهي
هڪ ماءُ ڄڻيو اهي، ٻيءُ ۾ دفن به ٿيڻو آهي
ڪهڙي ڪعبي کي مان پُٺي ڏيان، ڪنهن کي قاصر ڇڏيان وساري

هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ، پئي هر هر مونکي پڪاري
ٻي ماءُ ڏئي لولي ٿي جهوليءَ ۾ مونکي سمهاري

****
شاعري .. قاصر نواز
آواز .. سرمد سنڌي

ہفتہ، 28 اپریل، 2012

منهنجي راڻل کي رحم پوي .. استاد منظور علي

ااستاد منظور علي خان

ہفتہ، 21 اپریل، 2012

سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان، چا لکي ڇا لکان...




1.

Wari Warando Wa, Wari Wasanda Meehnha 
Sajan Milanda Sajane, Nawa Theenda Neenha 
Wichore Ja Deenha Rahi Rahand Ketra
وري ورندو واء, وري وسندا مينهن
سڄڻ ملندا سڄڻين، نوان ٿيندا نينهن
وڇوڙي جا ڏينهن، رهي رهندا ڪيترا
The airy weather of love will return 
The rains of affection will come again 
The loved ones will enjoy reunion 
The days of separation will be over soon

2. 
Sindh Muhinji, Soonha tuhinjiya Mathaan 
Cha Likhi Cha Likhaan 
Hik Kalam Hikro Maa, Keeya Pooro Pawaan 
Cha Likhi Cha Likhaan
سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
Oh my mother Sindh, upon your splendour, 
There is so much, I wonder what to write 
How a pen and I could suffice, 
There is so much, I wonder what to write

3. 
Tuhinje Manhun Khe Sene Main Sandhyo Watan 
Tuhinje Lariyun Layun khe Maan chandan chawan 
Shal Tuhinje Kukh Maan Piyo Har Har Jaman 
KherU tuhinjo Piyan WerU Tuhinjo Thiyan
تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان،
کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.
I keep your people close to my heart and soul 
I also name your weeds and wild plants as sandalwood 
I pray that I may be born of you again and again 
I may get fed from you, fight for you and be a triumphant person

4. 
Hin Kadhe Te Kudyo Jo Abm Bar Aa, 
KinH Ta Jejal jo Jani AkhyUn Thar Aa 
Ho Jo Balak Subhani Jo Maimar Aa 
Hun Je Bole Aan Lole Tan Sadke Wajan
هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ،
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان
At the bank of a river plays an innocent young soul 
He is an adorable, beloved child of his mother 
He is a hope for a bright tomorrow 
I’ll sacrifice my life on his language and lullaby

5. 
HooA Ja Bewas Bukhan Te Marhe MandU The 
AajU Bhe Jote AsUr Jo Uthe JandU The 
Ja Garam Kher Main Pae Gade KhandU The 
Un Suhagin Khe Maan KaaEan Na Sajdo Kayan
هوءَ جا ” بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ،
اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
The one Oh! 'Bewas' who is hungry yet content 
Handgrinds the flour err the day breaks and 
Stirs some sugar in a glass of hot milk 
Why shouldn’t I fall prostrate to such a devoted bride!



**************
آواز؛ دي اسڪيچز
شاعري؛ تاجل بيوس

جمعہ، 23 مارچ، 2012

جي هي دلبو هو( سرمد سنڌي جو آواز. استاد بخاري جي شاعري)

جي هي دلبو هو, جي هي دوکو هو..
اعتبار مونکي ڇو ڏنئي...
ايڏو پيار مونکي ڇو ڏنئي...

سرمد سنڌي جو آواز.. استاد بخاري جي شاعري...هڪ امر گيت.





وڏو ڪري ڏسڻ لاء، تصوير تي ڪلڪ ڪريو

اتوار، 11 مارچ، 2012

ہفتہ، 11 فروری، 2012

پينگهه تي او پوپري تنهنجو لڏڻ -- سرمد سنڌي


ننڍي هوندي جڏهن امان ڀرت ڀرڻ سان گڏريڊيو خيرپوراسٽيشن جا پروگرام ٻڌندي هئي تڏهن مان به اڪثر امان سان گڏ ويهي ريڊيو جا پروگرام تمام گهڻي چاه سان ٻڌندو هئس۔ گهڻو ڪري انتظار سرمد سنڌي جي گيتن جو هوندو هئو۔ سرمد سنڌي جا گيت ريڊيو تان اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا۔ انهن مان هڪ گيت ڏاڍو وڻندو هيو۔ راند کيڏندي جڏهن به انهي گيت جو آواز ڪن تي پوندو هئو ته سڀ ڪجهه ڇڏي ريڊيو جي ويجهو اچي ويهي رهندو هئس۔ اهو گيت آهي "پينگهه تي او پوپري تنهجو لڏڻ"۔ هونءَ ته سرمد سنڌي جي هر گيت سان عشق آهي پر ڪجهه گيت ننڍپڻ جي ياد ڏياري ڇڏيندا آهن۔ انهن منجهان هي به هڪ آهي۔ توهان دوستن سان ونڊڻ چاهيان ٿو۔ لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري ٻڌي سگهجي ٿو۔


Check this out on Chirbit