بدھ، 8 فروری، 2012

اوپيرا مني موبائيل ۾ سنڌي

اهي ڏينهن ويا جڏهن موبائل فون جو استعمال رڳو ايس ايم ايس ۽ فون ڪال تائين محدود هئو. اڄڪلهه موبائل فون ڄڻ ته هٿ جي تري تي هڪ ڪمپيوٽر وانگر آهي، انٽرنيٽ تي اي ميل کان وٺي چيٽنگ، سرفنگ ۽ برائوزنگ تائين تقريبن هر اهو ڪم جيڪو صرف ڪمپيوٽر تي ڪرڻ ئي ممڪن هئو هاڻي موبائل فون تي پڻ ڪري سگهجي ٿو۔ انهي مقصد لاء هروڀرو ڪنهن مهانگي فون جي ضرورت نه آهي۔ هڪ عام بنيادي موبائل فون جيڪا جاوا لينگئئيج ۾ ٺهيل موبائل سافٽويئرانسٽال ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي انهي تي 

مٿي ڄاڻايل انٽرنيٽ جون سهولتون، بنيادي ننڍڙا موبائل سافٽويئر انسٽال ڪرڻ کان پوء، استعمال ڪري سگهجن ٿيون۔

پاڪستان ۾ به موبائيل انڊسٽري سٺي ترقي ڪئي آهي هر ننڍي وڏي جي هٿ ۾ موبائيل نظر اچي ٿي۔ مختلف موبائيل فون آپريٽر ڪمپينيون پهريان جي نسبت گهٽ قيمت تي انٽرنيٽ / جي پي آر ايس جا پيڪيج پيش ڪري رهيون آهن جنهن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي۔ اگر گهر ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ميسر نه آهي ته به اوهان موبائيل انٽرنيٽ تي دنيا جي حال احوال کان واقفيت حاصل ڪري سگهو ٿا۔

هونء ته دنيا جي تقريباًهر وڏي ويب سائيٽ پنهجاموبائيل تي آساني سان ڏسي سگهجندڙ ويب پيج ڪري ٿي پر پوء به اوهان پنهنجي موبائيل فون ۾‌ موبائيل جا انٽرنيٽ براؤزنگ سافٽويئر انسٽال ڪري هر ويب سائيٽ مڪمل طرح کولي سگهو ٿا۔ انهن سافٽويئرن منجها هڪ سافٽويئر اوپيرا مني (Opera Mini) آهي۔ نهايت بهترين سافٽويئر آهي ۽ بنيادي طور تقريبن هر جاوا لينگوئيج کي سپورٽ ڪندڙ ننڍن موبائيل فونن لاء ٺاهيو ويو آهي۔

هن سافٽويئر جي ذريعي اردو سميت تقريبن ٻه سؤ (200) زبانن ۾ ٺهيل ويب سائيٽ ڏسي سگهجي ٿي۔ بدقسمتي سان هن وقت سنڌي زبان لاء ڪا به سپورٽ نه آهي۔ اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌي زبان ۾ ٺهيل ويب سائيٽ به انشاءالله آساني سان ڏسي سگهبي۔ پوء به دوستو مايوس ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي۔ سنڌي زبان ۾ ٺهيل ويب سائيٽ هاڻي به ڏسي سگهجي ٿي۔ هيٺ طريقو سمجهائڻ ڪوشش ڪريان ٿو۔

هن سافٽويئر کي انسٽال بنهه آسان آهي ۔۔۔ موبائيل فون جي اصلي انٽرنيٽ برائوزر تي m.operamini.com تي وڃڻ سان اوهان کي اهانجي ئي موبائيل فون جي حساب سان سافٽويئر ملندو۔ جيڪڏهن اوپيرا مني جي سائيٽ اوهان کي اوپيرا مني جي 6.5 يا ان کان مٿي وارو سافٽويئر پيش ڪري ته منهجي صلاح آهي ته اوهان List of all versions واري لنڪ تي وڃي اوپيرا مني 4.4 opera mini جو انتخاب ڪري ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔ ان کان پوء ضروري نيٽورڪ ٽيسٽ کان گزري جڏهن اوپيرامني جي پهرين صفحي تي پهچو ته اوپيرا مني برائوزر جي ايڊريس بار تي هيٺان لفظ لکو

about:config

اهي لفظ لکي Go to واري پاسي واري بٽڻ کي دٻائڻ سان هڪ Power-User setting جي ٽائٽل سان پيج کلندو۔ ان پيج جي بالڪل آخر ۾ use bitmap fonts for complex scripts واري آپشن ۾ اگر No چيڪ ٿيل آهي ته ان کي Yes ۾ مٽائي آخر ۾ ڏنل Save واري بٽڻ کي اوڪي ڪري ڇڏيو۔ بس ڪم ٿي ويو۔ سمجهاڻي کي آسان ڪرڻ لاء تصويرون ڏنل آهن۔


پهريون ڏيک 












آخري ڏيک 

هاڻي اوهان موبائيل ۾ تقريبن هر سنڌي فونٽ ۾ ٺهيل ويب سائيٽ ڪجهه بهتر طريقي سان ڏسي سگهوٿا۔ فيس بڪ جا بي شمار سنڌي پيج موبائيل تي پڙهي سگهو ٿا۔ سنڌي ٻولي ۾ ٺهيل فورم گهمي سگهو ٿا۔ عوامي آواز، ڪاوش، عبرت آن لائن موبائيل تي پڙهي سگهوٿا۔ سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي آن لائن سنڌي ڪتاب ۽ ميگزين پڙهي سگهوٿا۔ هي طريقو پرفيڪٽ ته نه آهي پر منهجي خيال ۾ نسبتن بهتر آهي۔

2 تبصرے:

  1. اسلام عليڪم، تمام بهترين ونڊ توهان ڪرائي آهي، منهنجي موبائل تي پهرين سنڌي ويب سائٽ سحي نظر نه ايندي هئي. توهان هن طريقي سان هاڻ سنڌي ويب سائٽس بهتر طور تي نظر اچي رهيون آهن. اميد آهي اهڙيون ڪارائيون شيون اسان سان ونڊ ڪندا رهندا.

    جواب دیںحذف کریں
    جوابات
    1. ادا عبدالرحيم اوهان جي موٽ لئه مهرباني۔ جيڪڏهن اوهان هن تحرير مان لاڀ حاصل ڪيوآهي ته منهجي محنت سجائي ٿي پئي آهي۔

      حذف کریں