شيخ اياز جي شاعري جي ڪتاب ”ڀونر ڀري آڪاس“ مان ڪجهه رينڊم (وچو واڙي) شاعري ۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
بي زباني زبان آ، پيارا
درد جو داستان آ، پيارا
تون قريب آنهه، چاندني رات آ
ڪھڙو پيارو جھان آ، پيارا!
تنھنجو بي ساخته تبسم آ
نانءُ جنھن جو جھان آ، پيارا
زندگي حسن جي حڪايت آ
يا سندءِ داستان آ، پيارا
تون جتان جو مه منور آن
سا زمين آسمان آ، پيارا
ڪوئي ڪنھن جو نھ آھھ دنيا ۾
ڪھڙو تنھا جھان آ، پيارا!
تو اڳيان آ ”اياز“ ڪئن خاموش!
ھو ته جادو بيان آ، پيارا
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
حسين ھن جھان ۾ ڇا ڇا ھيا!
ڏٺوسي چتائي تھ پاڇا ھيا
ڇڻي گل ٿيا نيٺ خاڪ چمن
اھي رنگ و بو اي خدا ڇا ھيا؟
ربابِ شڪستھ، ٻڌائينم ھا
اھي نغمھء دلربا ڇا ھيا!
جي منزل ھئي واديء تيرگي
تھ ھو ماه و انجم ڀلا ڇا ھيا؟
ھيا خوب نقش و نگار حيات
مگر ڇا ھيا، ڇا ھيا، ڇا ھيا
ھوائون، گھٽائون، فضائون، بھار
الا ڇا ھيا سڀ، الا ڇا ھيا!
وفائون جفائون، ادائون حيا
ڪرشما ھيا خاڪ جا، ڇا ھيا!
ھيا نقش پا ھن سفر جو ثبوت
مگر نقش پا! نقش پا ڇا ھيا؟
”اياز“ اڄ جدائيءَ ۾ سوچيو پئي
ملاقات جا ولولا ڇا ھيا!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪنھن تھ ورتو پئي پرينءَ جو نانءُ
جو ويو اوچتو ھٿن مان ھانءُ
گرچھ ان ۾ نئون نئون مڌ آ
دل پراڻي پياڪ جو آ ٿانءُ
ناھھ ڪنھن کي بھ سار سپرينءَ جي
نھ وري صبح کان لنوي ٿو ڪانءُ
تون مڃيندين تھ ڪونھ اي جيڏا!
جي چوان لازوال آھيان آنءُ
شاعري ڏات آ ”اياز“ مگر
ڏات ڪھڙي، ھجي نھ جنھن کي ڏانءُ!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
نه سا زندگيءَ ۾ تپش آ نه تاب،
ويو اوچتو پيار جو سج لھي:
مگر عمر جي تيز نئن تي پرين،
شفق جئن سندءِ ياد پوندي رھندي.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ائين نھ مون کي رول،
تون ئي مون کي ڳول!
توکي ڳولي، آنءُ،
ڪڏھين نھ پاتو ٿانءُ. . .
آءُ نھ منھنجا ڍول!
تون ئي مون کي ڳول!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وائي
مان ڪويل، تون ڪاري رات،
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
تون ئي ڳائين، مٺڙا سائين،
منھنجي لونءَ لونءَ ۾ ٿي لات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
ڪيسين اڏران، ڪيسين ڪوڪان،
تو بن منھنجي ناھھ نجات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
منھنجو من اِينءَ ڳولي توکي،
جئن ڪو بن ڳولي برسات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
تون ئي منھنجي سک جو سونھون،
تون ئي منھنجي ڏک جي ڏات:
توکي ڳوليان، توکي ڳوليان!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
آھھ بھشت بھ ساڳي دنيا،
۽ دوزخ بھ نڀاڳي دنيا،
جنھن جنھن ماڻي،
سا سا راڻي،
جنھن جنھن آھھ تياڳي دنيا،
سا جوڳياڻي،
ڄاڻي واڻي،
پاتو آ تنھن دک جو ھار،
سرڪي ويجھو آ دلدار،
سمجھئي ڇا آھي سنسار؟
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو،
پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!
لڙڪ بھ سڀ کي مرڪ به سڀ کي،
سونھن پياري سرڪ به سڀ کي،
پيار بھ سڀ کي پور به سڀ کي،
نينھن ڏنا ناسور بھ سڀ کي،
ھار بھ سڀ کي جيت به سڀ کي،
مٺڙا مٺڙا ميت به سڀ کي،
سڀ کي ڳوڙھا ۽ ڳاراڻو!
پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!
سڀڪا مومل، سڀڪو راڻو،
پنھنجي پنھنجي ڪاڪ سڀن کي!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
پيتي ڙي پيتي، پيالي اسان پريت جي،
بدلي نشي نينھن جي، نيت ۽ نيتي،
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں