جمعرات، 22 نومبر، 2012

سگريٽ ڇڪڻ يا نشو واپرائڻ بابت ڪجهه ڇرڪائيندڙ حقيقتون








سگريٽ جو نشو اڄڪلهه جي ڪچي وهي وارن نوجوانن توڙي پڪي عمر جي ماڻهن ۾ عام ٿي ويو آهي۔ تفريح کان شروع ٿي موت تي ختم ٿئي ٿو۔




هن موضوع ۾ مان سگريٽ ڇڪڻ ۽ نشو ڪرڻ جي باري ۾ ڪجهه معلومات فراهم ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو۔




سگريٽ:




سڀ کان پهريان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سگريٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا جزا شامل آهن۔ سگريٽ 7000 کان وڌيڪ ڪيميائي جزا هوندا اهن۔ انهن جزن ۾ وڏو تعداد نڪوٽين Nicotine جو هوندو آهي جيڪو سگريٽ جو عادي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ انهن 7000 ڪيميائي جزن ۾ سوين نشه آور جزا هوندا آهن جڏهن ته 70 جزا ڪينسر جو جو سبب بنجن ٿا۔ انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ جزن ۾ ليڊ (Lead) ريڊان (Radon) , تار (Tarcol) ريڊيم (Radium)، ڪاربان مون آڪسائيڊ (corban monoxide)، امونيا (Ammonia)، هائڊروجن (Hydrogen)، سائنائيڊ (Cynide) ۽ يورينيم (Uranium) شامل آهن۔ جيڪڏهن انهن جزن جي باري ۾ لکڻ اچجي ته درجن ڪتاب جا لکي سگهجن ٿا۔




هاڻي اچو ته سگريٽ ۽ نشي جي باري ۾ ڪجهه ڇرڪائيندڙ حقيقتون ڏسون:




+ گهڻن سائنسدانن جي مطابق نشئي ماڻهون عام زندگي کان 14 سال گهٽ جيئن ٿا۔




+ دنيا ۾ تقريبن 1۔1 بلين نشو واپرائيندڙ ماڻهون رهن ٿا جن ۾ 300 ملين نشائين جو واسطو چين سان آهي۔




+ برطانوي سائنسدانن موجب هر اهو سگريٽ جيڪو اسان ڇڪيون ٿا اهو اسان جي زندگي جا 11 منٽ گهٽائي ٿو۔




+ نشي جي ڪري چمڙي ۾ رت جي فراهمي گهٽجي ٿي جيڪا اوهان جي جسم ۾ وٽامن اي (Vitamin -A) جي کوٽ جو سبب بنجي ٿي، نتيجي ۾ چمڙي جو رنگ هيڊو ٿي وڃي ٿو ۽ چمڙي ۾ گهنج پئجي وڃن ٿا۔




+ هڪ اندازي موجب دنيا ۾ تقريبن 3000 موت اڻ سڌي طرح يا ڪنهن ٻئي جي نشي جي ڪري ٿين ٿا۔ جيڪڏهن اوهان نشو ڪريو ٿا اهو اوهان جي گهر جا ڀاتن، مِٽَن مائٽن، دوستن ۽ احبابن لاءِ سڌو سنئو خطرو آهي۔




+ گزريل هڪ منٽ ۾ 7 ماڻهون نشي جي ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويا هوندا۔ يعني هر اٺن سيڪنڊن کان پوءِ هڪ موت جو سبب نشو اهي۔




+ ڦڦڙن جي ڪينسر، رت جو دورو وڌڻ، دل جو دورو، چمڙي ۽ وات جي ڪينسر جهڙن خطرناڪ بيمارين جو وڏو سبب پڻ نشو واپرائڻ آهي۔




+ نشو واپرائيندر ڳورهاري عورتن ۾ ٻار جي ضايع ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن۔




+ ڦڦڙن جي ڪينسر جي مريضن ۾ 90 سيڪڙو نشو واپرائيندڙن جو آهي۔




سو سائين منهنجا، جيڪڏهن اوهان هي تحرير غور سان پڙهي آهي ۽ اوهان به سگريٽ ڇڪيو ٿا يا ڪنهن به قسم جو نشو واپرايو ٿا، ته مونکي اميد آهي ته اوهان جيڪڏهن نشو واپرائڻ ختم نه ڪندئو ته گهٽ ۾ گهٽ، گهٽ ضرور ڪندئو۔ پنهنجو۽ پنهنجن جو خيال رکو۔ اوهان پنهنجن دوستن ۽ عزيزن لاءِ اهم آهيو۔




هي تحرير جيڪڏهن اوهان کي نشي جي لعنت کان باز رهڻ تي مجبور ڪري ته مونکي دعائن ۾ ضرور ياد رکجو۔







خير انديش

سجاد علي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں