بدھ، 29 مئی، 2013

سنڌ سلامت – ساهه سلامت -- ناطق ڪمبوه هالاڻوي جو شعري مجموعو

سنڌ سلامت – ساهه سلامت
ناطق ڪمبوه هالاڻوي جو شعري مجموعو
*****


ڄايس کڻي جالنڌر، آهي سنڌ مان خمير منهنجو،
سچل ۽ لطيف سائين، مرشد ۽ پير منهجو،
سارا ئي ناتا ٽوري، ڇڏيا مون سنڌ سان جوڙي،
سنڌ جسم، ذهن منهنجو، سنڌ آهي ضمير منهنجو.
---

منهنجي هٿن ۾ ناطق ڪمبوه هالاڻوي صاحب جو شعري مجموعو “سنڌ سلامت – ساهه سلامت” موجود آهي جيڪو سندن صاحبزادي علي محمد بابر مونکي سوکڙي طور ڏنو. هي مجموعو عطا پبليڪيشن، هالاڻي، سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي. ڪنهن غير سنڌيءَ پاران سنڌي شاعري تي ايترو عبور ۽ سنڌ سان ايتري محبت ڏسي مان مجبور ٿي پيس ته اوهان سان سندن شاعري ونڊيان. سندن مختصر تعارف هيٺ پيش ڪجي ٿو.

5 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي وڏڙن سان ڀارت جي رياست ڪپور ٿله ضلع جالنڌر کان اچي سنڌ آباد ٿيا. پرائمري تعمليم کان ويندي ايم-اي تائين سندس ذريعه تعليم يعني ميڊيم اردو رهيو اٿن. جڏهن ته سندن وڏڙن جي مادري زبان پنجابي هئي ۽ آهي. هن وقت ماشاءالله 69 سالن جي ڄمار اٿن. 1960 ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون ۽ 1964 ۾ تعليم کاتي سنڌ ۾ بحيثيت جونيئر اسڪول ٽيچر (ڊرائينگ اينڊ آرٽ ٽيچر) هاءِ اسڪول نئون ديرو ،ضلع لاڙڪاڻي ۾ ملازمت ڪيائون.

ناطق صاحب جي زيرِ عنوان شاعري جي مجموعي ۾ شاعري جو گهڻو حصو سنڌسان محبت ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين جي نشاندهي تي مشتمل آهي.

پاڻ پنهنجي شاعري جي باري ۾ ڪجهه هن لفظن ۾ وضاحت ڪئي اٿن:
“وزن، بحر مان بنهه ڪونه ڄاڻان، گهاڙيٽن جي به ڄاڻ پوري ساري اٿم تنهن ڪري مسلسل بي وزن شاعري ڪندو ٿو اچان، جيتوڻيڪ مون پاڻ ۾ شاعر هجڻ جي سگهه نه ساري آهي ، البته سڌ ضرور ڪئي اٿم . جيڪڏهن منهنجا ڏاها دوست ۽ صاحبِ علم ڏات ۽ ڏانوَ ڌڻي مننجي هن تُڪبندي کي شاعريءَ جو شرف ڏئي شاعر چوندا ته اها انهن جي وڏوڙائي هوندي”

سندن شاعريءَ ۾ شامل ڪجهه شعر پيش ڪريان ٿو جيڪي ناطق جي سنڌ سان جنون جي حد تائين محبت جو ثبوت آهن...
----
اسان جي آزادي آ اسان جي هٿن ۾،
اجايو لِڪون ٿا ٻين جي ڪڇن ۾ .

پراون محلن کي اسين ڇا ڪنداسين،
اسان کي فرحت پنهنجي ئي ڪکن ۾.

مران جڏهن مان “ناطق” ته مونکي به ويڙهجو
ڦُليءَ واري ڳاڙهي اجرڪ سان ڪفن ۾.

******

جي ڪنڌ ڪپائي وينداسين،
ڪي ڪنڌ جهڪائي وينداسين.

نئين ڳالهه ٻڌائي وينداسين،
ڪا الک جڳائي وينداسين.

ڪري ڳاڙهي رت سان گُــل ڪاري
هر سينڌ سجائي وينداسين.

سِر ساهه جو سانگو لاهي “ناطق”
سُرُ سورٺ ڳائي وينداسين

*******
سنڌسلامت، ساهه سلامت،
جيت جڻو گندگاه سلامت .

ڀِٽون.، برپٽ، باغ باغيچا،
سِنڌو ساگر، درياهه سلامت.

سنڌي ٻولي سُڳنڌ پکيڙي،
سامي، سچل شاهه سلامت.

رهن سدائين واهڙ وهندا،
نارا، ڍورا، واهه سلامت.

اڀرا سَڀرا هاري ناري،
چون سڀيئي واه واه سلامت.

سنڌڙي تنهنجي وَڻن ٽِڻن جا،
“ناطق” رهندا لاهه سلامت.

*******

هي سنڌ سموري شيرن جي،
آهي مانجهي مُڙس مٿيرن جي.

آهي ٻچو ٻچو شهباز جيان،
ڪا جاءِ نه ڪانون ڳيرن جي.

متان سمجهي ڪو ڪمزور آهيون،
ڪيون ڳالهه ٿا ڳالهه نبيرڻ جي.

*******

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں