اتوار، 5 فروری، 2012

سنڌي ويب ڪي بورڊ - بوڪ مارڪليٽ


ڪمپوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ايترو ئي سولو آهي جيترو انگريزي استعمال ڪرڻ۔ اگر ڪو صاحب ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال نه ڪرڻ جو ڪو بهانو ٺاهي ٿو ته اها بالڪل نامناسب آهي ۽ سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي اڻٿڪ ڪوششن جي سراسر نامڃوتي آهي۔ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ لاء ايم بي سنڌي انسٽال ڪري تقريبن هر سافٽويئر تي سنڌي لکي سگهجي ٿي۔ هي سافٽويئر سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ويب سائيٽ تان مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ سافٽويئر انسٽال ۽ استعمال ڪرڻ جو طريقو گوگل تي سولائي سان تلاش ڪري سگهجي ٿو۔ اگر ايترو به نه ٿي سگهي ته هڪ ٻيو سوءلو طريقو اهو آهي ته
سنڌسلامت جي آن لائن ڪي بورڊ ياسائين ماجدڀرڳڙي صاحب جي سنڌي نويس تي آن لائن سنڌي ٽائپ ڪري جتي چاهي ڪاپي پيسٽ ڪري سگهجي ٿو۔ لنڪ هيٺ ڏجن ٿا؛
ماجدڀرڳڙي صاحب جي سنڌي نويس
سنڌ سلامت جو آن لائن ڪي بورڊ
جيڪڏهن مٿي ڏنل طريقه ڪار ۾‌به ڪا ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي ته هڪ ٻيو رستو آهي سائين ماجدڀرڳڙي صاحب جو ڪي مين ويب وارن جي مدد سان ترتيب ڏنل ورچوئل ويب ڪيبورڊ بوڪ مارڪليٽ۔ بيشڪ هي سنڌي جي انٽرنيٽ تي استعمال لاءِ اهم ترين سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.

ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾  بوڪ مارڪليٽ (Bookmarklet) ٻن لفظن "بوڪ مارڪ" ۽ "ايپليٽ" جو مخفف آهي۔ بوڪ مارڪليٽ خاص ڪري ويب برائوزر يا ويب پيج ۾ ڪلڪ(Click) ڪرڻ سان خصوصي ڪم سرانجام ڏيڻ لاء ٺاهيا وڃن ٿا۔ جهڙوڪ ويب پيج جي ڏيک ۾ تبديلي آڻڻ۔ بوڪ مارڪليٽ گهڻو ڪري ويب برائوزر جي بوڪ مارڪن واري حصي ۾ محفوظ ڪيا وڃن ٿا ته جيئن هر ويب پيج تي جهٽ پٽ استعمال ڪري سگهجن۔

ڳالهه پئي هلي سائين ماجدڀرڳڙي صاحب جو ڪي مين ويب وارن جي مدد سان ترتيب ڏنل ورچوئل ويب ڪيبورڊ بوڪ مارڪليٽ جي۔  انهي جو استعمال ڪرڻ جو طريقو انتهائي آسان آهي۔ ڪنهن به قسم جي سافٽويئر جي انسٽاليشن جي ضرورت به نه آهي۔ رڳو ايترو ڪريو جو هيٺ ڏنل  "سنڌي ڪي بورڊ (بوڪ مارڪليٽ)" لنڪ کي مائوس سان گهلي  / (Drag) ڪري ويب برائوزر جي بوڪ مارڪ واري پٽي تي ڇڏي ڏيو ۽ سمجهو ته اوهان جو ڪم ٿي ويو۔ (وڌيڪ مدد لاء هيٺ تصوير/ وڊيو به شامل ڪجي ٿي)
سنڌي ڪي بورڊ (بوڪ مارڪليٽ)

اهو ڪرڻ کان پوء توهان جنهن به ويب سائيٽ يا ويب پيج تي موجود هجو اتي اوهان ان  محفوظ ڪيل سنڌي ڪي بورڊ (بوڪ مارڪليٽ)
تي ڪلڪ ڪري سنڌي ڪي بورڊ ايڪٽِو ڪري اتي سنڌي براهه راست لکي سگهو ٿا۔جي ميل ۽ ياهو وغيره ۾ اي ميل سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا، گوگل ۾ سنڌي ۾ ڳولها ڪري سگھو ٿا، فيس بوڪ ۽ ٻين فورمز يا ويب بلاگز تي سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا. جيئن ويب پيج لوڊ ٿي وڃي، پنهنجي برائوزر جي ٽول بار ۾ سنڌي ڪيبورڊ سليڪٽ ڪيو ۽ پنهنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو۔
آخر۾ سائين ماجدڀرڳڙي صاحب جا لفظ شامل ڪندس ته؛
"انٽرنيٽ ۽ ويب تي اهڙي سؤلائي سان سنڌي لکڻ جي سهوليت هوندي به اسان سنڌي استعمال نه ڪيون ته پوءِ اسان تي حيف آهي. هاڻي سنڌي استعمال نه ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بهانو ڪونهي."

سنڌي ڪي بورڊ (بوڪ مارڪليٽ) 

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں