ہفتہ، 11 فروری، 2012

رحمٰن مغل - سرمد سنڌي

سنڌ جي سدا ملوڪ مٽيءَ هميشه اهڙن ڏاهن کي جنم ڏنو آهي، جن هر دور ۾ حق ۽ صداقت جي سَر بُلندي ۽ ظلم جبر جي خاتميجا اهڃاڻ بڻجي، پنهنجي قلم ۽ زبان ذريعي هن ڌرتي تي سچائي، سلامتي ۽ پاڪائيءَ جي پوک پوکي باغُ بنائي ڇڏيو. اهڙن املهه ماڻڪ مثل انسانن ۾ قومي گيتن جو هيرو ۽ سنڌ جو سُريلو راڳي سرمد سنڌي به هو. جنهن پيار، محبت، ايڪتا ۽ سُلوڪ جي سبق سان پنهنجي گيتن ۽ واين وسيلي ماڻهن جي دلين کي موهي وڌو ۽ ڪيترن ئي سنڌ واسين کي پنهنجو پرستار بڻايو. ڪراچي کان ڪيٽي بندر ۽ ڪشمور کان ڪارونجهر تائين هر وسندي ۽ هر واهڻ فني شعور جون لاٽون ٻاريندڙ ”اي ڌرتي“ جي پياري پڪار سان ”جيئي لطيف“ جي جهونگار سان جڏهن ڪو گيتُ گونجي نوجوانن جي جذبن کي جلا ڏيئي ۽ انهن جي سينن ۾ موجود سمنڊ ۾ لذيز لهر پيدا ڪري وجهي ته سُچُ سمجهو اهوئي ”سرمد سنڌي“ هوندو جنهن جو من موهيندڙ آواز آهي.

سرمد سنڌي جو اصل نالو عبدالرحمان ولد محمد حيات مغل هو. سندس ولادت 7 جولاءِ 1 6 9 1 ع تي ڳوٺ پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي، پاڻ اهو نوجوان باڪمال راڳي ٿي گذريو آهي، جيڪو چند ئي سالن ۾ سنڌي سماج تي ڇائنجي ويو. هو جڏهن ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ٻڌندڙ سڌ ٻڌ وڃائي سرمد جي جهونگار ۾ گم ٿي ويندا هئا. رحمٰن مغل مئٽرڪ تائين پريالوءِ ۾ تعليمحاصل ڪيائين، تنهن کان پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو، جتان ٻڙيي 8 9 1 ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين، پاڻ 4 8 9 1 ع ۾ پهريان ايڇ ڊي اي حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجنيئر مقرر ٿيو. آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو ڪراچي ۾ گلشن اقبال جي هڪ فليٽ ۾ رهندو هو.

رحمٰن مغل ڳائڻ جي شروعات 5 7 9 1 ع ڌاري سنگت ۾ ماچيس وڄائي ڪئي، ائين ئي هو پنهنجي يارن دوستن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريندو رهيو. پاڻ جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ان وقت ۾ ڪاليج ۾ ٿيندڙ قومي گيت جهونگاريندو هو. اهڙي طرح سندس سُريلي آواز ۾ ماکيءَ جي مٺاس جهڙا آلاپ محفلن ۾ گهونجڻ لڳا. هن سڀ کان اڳ راڳ جي تربيت راڳيءَ لالي عزيز کان حاصل ڪئي. پوءِ منظور سخيراڻيءَ، شاهد ڀٽي ۽ زندگيءَ جي آخري سال 6 9 9 1 ع ۾ موسيقار استاد ظهور خان زيبيءَ کان سکيائين. ٽيليويزن تي هن سڀ کان اڳ ۾ نعت ڳائي، ان کان پوءِ راڳ جي حوالي سان پروڊيوسر سميع بلوچ سندس تمام گهڻي مدد ڪئي. سميع بلوچ هن کي هارون رند وٽ وٺي ويو. جنهن سڀ کان پهريان رحمٰن مغل جي آواز ۾ ٽي نقطه رڪارڊ ڪيا، هڪ لولي، ٻيو شيخ اياز جو گانو، رات آئي وئي، تون نه آئين وري ماڪ ۾ او مينڌرا رات روئندي رهي“ ۽ ٽيون سميع بلوچ جو تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ شامل آهن.

رحمٰن مغل کي ريڊيو تي پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي آندو، هن جون ڪيسٽون به تمام گهڻو مقبول ٿيون.

سرمد سنڌي جيتوڻيڪ پنجابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، پر عملي طرح هن پاڻ کي ۽ پنهنجي ٻارن کي سنڌ جي مٽيءَ سان ملائي ڇڏيو، کيس سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي، هن پنهنجي ٻارن کي سنڌي تعليم ڏياري، هو پاڻ کي سنڌي سمجهندو هو، هن پنهنجي مَڌُر ۽ مٺڙي آواز ذريعي قومي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ڪيو ۽ روح گرمايا، مايوس ۽ ٿڪل دلين کي آٿت ڏني. موٽ ۾ سنڌي ماڻهن به سرمد سنڌي کي ڪروڙين قرب ڏنا جيءُ ۾ جايون ڏنيون، سڄي سنڌ ۾ جيڪا عزت سرمد کي ملي، سا ڪنهن ٻئي فنڪار کي حاصل ٿي نه سگهي، سنڌي عوام طرفان کيس شاعر تاجل بيوس کيس ”راڳ جو راڻو“ ۽ ”سنڌ جو وڪٽر هارا“ ڪري سڏيو آهي.

سرمد سنڌي 7 2 ڊسمبر 6 9 9 1 تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري ڪوسٽر بس ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجهو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ۾ هن جي ساهه جو سييو اڊڙجي ويو ۽ 5 3 سالن جي ڦوهه جواني ۾ پنهنجي عزيزن، دوستن ۽ پرستارن کي جدائي جو داغ ڏئي راهه رباني وٺي ويو. اهڙي طرح سرمد سنڌي جسماني طور تي سنڌ واسين کان جد ا ٿي ويو. پر روحاني طور تي صدين تائين ديس واسين جي دلين ۾ زندهه رهندو.

برصغير جي مهان شاعر ۽ ڏاهي شيخ اياز سرمد سنڌي جي وفات تي تعزيتي تاثرات ڏيندي چيو هو ته، ”سرمد جو آواز اڃا تائين ڪتين جي ڪنن ۾ گونجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي عجب ۾ سوچيندا هوندا ته، ڌرتي به اهڙو اپگرهه آهي، جتي اهڙي لازوال ڏات پيدا ٿي سگهي ٿي.“

بهرحال سرمد سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو سونهري اکرن ۾ لکرائي ويو، جنهن تي اسان سڀني کي ناز آهي


sindhhyd.com جي ٿورن سان

سومر, 26 ڊسيمبر
رحمٰن مغل - سرمد سنڌي (5 1هين ورسي جي مناسبت سان)
 رشيد ڪليري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں