ہفتہ، 28 اپریل، 2012

ہفتہ، 21 اپریل، 2012

سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان، چا لکي ڇا لکان...




1.

Wari Warando Wa, Wari Wasanda Meehnha 
Sajan Milanda Sajane, Nawa Theenda Neenha 
Wichore Ja Deenha Rahi Rahand Ketra
وري ورندو واء, وري وسندا مينهن
سڄڻ ملندا سڄڻين، نوان ٿيندا نينهن
وڇوڙي جا ڏينهن، رهي رهندا ڪيترا
The airy weather of love will return 
The rains of affection will come again 
The loved ones will enjoy reunion 
The days of separation will be over soon

2. 
Sindh Muhinji, Soonha tuhinjiya Mathaan 
Cha Likhi Cha Likhaan 
Hik Kalam Hikro Maa, Keeya Pooro Pawaan 
Cha Likhi Cha Likhaan
سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
Oh my mother Sindh, upon your splendour, 
There is so much, I wonder what to write 
How a pen and I could suffice, 
There is so much, I wonder what to write

3. 
Tuhinje Manhun Khe Sene Main Sandhyo Watan 
Tuhinje Lariyun Layun khe Maan chandan chawan 
Shal Tuhinje Kukh Maan Piyo Har Har Jaman 
KherU tuhinjo Piyan WerU Tuhinjo Thiyan
تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان،
کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.
I keep your people close to my heart and soul 
I also name your weeds and wild plants as sandalwood 
I pray that I may be born of you again and again 
I may get fed from you, fight for you and be a triumphant person

4. 
Hin Kadhe Te Kudyo Jo Abm Bar Aa, 
KinH Ta Jejal jo Jani AkhyUn Thar Aa 
Ho Jo Balak Subhani Jo Maimar Aa 
Hun Je Bole Aan Lole Tan Sadke Wajan
هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ،
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان
At the bank of a river plays an innocent young soul 
He is an adorable, beloved child of his mother 
He is a hope for a bright tomorrow 
I’ll sacrifice my life on his language and lullaby

5. 
HooA Ja Bewas Bukhan Te Marhe MandU The 
AajU Bhe Jote AsUr Jo Uthe JandU The 
Ja Garam Kher Main Pae Gade KhandU The 
Un Suhagin Khe Maan KaaEan Na Sajdo Kayan
هوءَ جا ” بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ،
اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
The one Oh! 'Bewas' who is hungry yet content 
Handgrinds the flour err the day breaks and 
Stirs some sugar in a glass of hot milk 
Why shouldn’t I fall prostrate to such a devoted bride!



**************
آواز؛ دي اسڪيچز
شاعري؛ تاجل بيوس

منگل، 17 اپریل، 2012

شاه جو رسالو (ڪياڻ آڏواڻي)




امر جليل (چونڊ ڪهاڻيون)

شيخ اياز (چونڊ شاعري)

استاد بخاري (چونڊ شاعري)

اتوار، 15 اپریل، 2012

سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا



تحرير؛ محمد سليمان وساڻ
www.sindhsalamat.com
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.

ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.

سنڌي ٻوليء ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا چپجندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.

اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.

اهڙي وقت ۾ سنڌ جي نوجوان ۽ سرگرم دوستن جو هڪ گروپ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺي لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو جنهن سموري سنڌ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تي گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ سلامت جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب اظهار جي آزادي آهي، اوهان پنهنجا احساس سنڌ سلامت ذريعي دنيا جي سڀني سنڌين تائين آسانيء سان پهچائي سگهو ٿا.

سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت تازيون خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ ۽ ٻيا لاتعداد موضوع شامل آهن.

سنڌ سلامت پنهنجي ٽن سالن جي سفر ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه آهي سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان بغير سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي. سنڌ سلامت جي ٻي وڏي ڪاميابي آهي قرآن شريف جي سنڌي سرچ انجڻ، جنهن ذريعي ڪنهن به سنڌي لفظ جي ڳولها ڪري سگهبي ته اهو قرآن پاڪ ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا دفعا ۽ ڪهڙين آيتن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ سلامت جي ٽين اهم ڪاميابي آهي پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جنهن ۾ ڪمپيوٽر، سافٽويئرس ۽ انٽرنيٽ بابت پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ۽ حل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي سنڌي شخصيتن تي انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن جيڪو سنڌي شخصيتن جي نالي سان آهي.

سنڌ سلامت ٽيم جي هميشه اها اهم ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڏانهن مائل ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم فيسبوڪ ۽ ٻين سماجي ميڊيا جي ذريعن تي هميشه پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهي آهي. سنڌ سلامت تي لڳ ڀڳ 2359 رجسٽرڊ رڪن آهن ۽ هر روز هزارين ماڻهو سنڌ سلامت جي مختلف شعبن مان فائدو حاصل ڪن ٿا. هن ويب سائيٽ تي مختلف موضوعن تي 15938 ليک ۽ 98168 رايا موجود آهن جيڪا ڳالهه خود ان ڳالهه جي گواهي آهي ته هي دنيا جو ڪيڏو وڏو ۽ ڪارائتو فورم آهي.

سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون .
محمد سليمان وساڻ

جمعہ، 13 اپریل، 2012

لوڪ ڏاهپ جي ماهرن وٽ وقت جا ماپا (نواز ڪنڀر)


نواز ڪنڀر
وقت جنهن کي بادشاهه چيو ٿو وڃي، جنهن کي  نه ڪو روڪي سگهيو آهي، نه ئي هو ڪنهن لاءِ رڪي  ٿو. گهڙي جي ٽڪ ٽڪ سان گڏ ۽ وڌندڙ پاڇي سان گڏ وقت به مسلسل اڳتي وڌندو ٿو رهي.  وقت جيڪو مهربان ٿو هجي ته ٻيڙا پار ڪريو ڇڏي ۽ جڏهن منهن موڙي نامهربان ٿو ٿئي ته ڪناري تي ٻوڙيو ڇڏي. وقت، جنهن جو ڪافي ماڻهن  کي انتظار هوندو آهي، پر ڪافي ماڻهن جو وري  وقت انتظار ڪندو آهي. وقت کي ڏسڻ ۽ جاچڻ جا هر ماڻهو وٽ پنهنجا ماپا هوندا آهن. جيئن  هر ڪم جو وقت مقرر آهي، تئين وري ڪجهه ڪم ڪرڻ جا وقت مقرر آهن. پنهنجي پنهنجي نموني هر ڪنهن وٽ وقت جو ماپو پنهنجو هجي ٿو، انهي حساب سان لوڪ ڏاهپ جي سائنسي  ماهرن وٽ وري  پنهنجي نظر سان وقت کي ڏسن ٿا. گذريل 21 جون تي سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن ۽ ننڍي رات ٿي گذريا.
اڳي وقت ڏسڻ لاءِ آسمان جي تارن، ڪُڪڙن جي ٻانگ ۽ سج جي پاڇولي تي انحصار ڪبو هو. دنيا جو سڄو چرخو سج، چنڊ، تارن، ڏينهن رات ۽ موسمن پٺيان ڦري ٿو. وقت کي دم، پل، وِپل، گهڙي، پهر ۽ ڪلاڪ ۾ ورهايو وڃي ٿو، جيڪو اڳتي هلي ڏينهن، مهينن ۽ صدين ۾ تبديل ٿئي ٿو. ان حساب سان وقت جو ننڍي ۾ ننڍو ماپو وِپل آهي، جيڪو اڍائي سيڪنڊن جي برابر آهي، ٻيو ماپو پل آهي جيڪو چوويهه سيڪنڊن جي برابر آهي. ان کان پوءِ گهڙي آهي، جيڪا چوويهه منٽن جي برابر آهي. تنهن بعد پهر، ٽن ڪلاڪن جي برابر آهي. ستارن جي علم جي ماهرن ۽ مقامي ماهرن مطابق ڏينهن رات ۾ اٺ پهر ٿين ٿا. چوويهه ڪلاڪن ۾ سٺ گهڙيون ٿين ٿيون. هڪ ڪلاڪ ۾ اڍائي گهڙيون، هڪ منٽ ۾ اڍائي پل، هڪ سيڪنڊ ۾ اڍائي وِپل ٿيندا آهن. انهيءَ حساب سان انسان هڪ پل ۾ ڇهه ساهه کڻي ۽ ڇڏي ٿو. ان صورت ۾ چوويهه ڪلاڪن ۾ انسان 21600 دم  ته کڻي ٿو. پر  ”ڪي دم دا ڀروسا يا دم آوي نه آوي“.
وقت ڏسڻ جا طريقا
اڳي وقت، پهر جي حساب سان ماپيو ويندو هو. ڏينهن رات ۾ چار چار پهر، ڪل اٺ پهر هوندا هئا. ڏينهن جو وقت پاڇي جي حساب سان ڏٺو ويندو هو ۽ رات جو آسماني نکٽ پهر جو پتو ڏيندا هئا. صبح جو سج ڪاني جي حساب سان ڏسبو هو. هڪ ڪانو ٻه ڪانا ۽ جڏهن پاڇو ڪندو هو ته ٽي پهر ۽ پوءِ سج لٿي چار پهر شمار ڪيا ويندا هئا. جڏهن ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو هو ته چار پهر شمار ڪيا ويندا هئا. رات جو ڪَتي اُڀرندي پهرين پهر تي، ٻئي تي ٽيڙو، ٽئين  تي لُڌو ۽ چوٿين  تي سج. سياري ۾ ڪڪڙ، ڪُنڍي اڀرندي، ان تي پهر سنڀالبو هو. چوندا آهن ته ڪُڪڙ پهر پهر تي ٻانگ ڏيندو آهي. ان سان وقت يا پهر ماپڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.
قطب تارو
آسماني اهڃاڻن قطب تارو تمام اهم اهڃاڻ آهي. رات جي وقت رستو ڀُلجي وڃڻ جي صورت ۾ يا مٿو ڦري وڃڻ جي صورت ۾ هي تارو گس ڏيکاريندو آهي. هي چٽو، نور وانگر چمڪندڙ تارو آهي. واٽهڙو کي خبر هوندي آهي ته هلڻ وقت منهنجو منهن ڪهڙي طرف هو. ان حساب سان طرف ڀلجي وڃڻ جي صورت ۾ ڪعبة الله  شريف ڏانهن منهن ڪري بيهبو ته قطب تارو ماڻهو جي ساڄي پاسي ايندو. قطب تارو سامهون هجي ته اهو اُتر طرف ٿيندو ۽ پويان ڏکڻ. ڪي ماڻهو مٿي ڦِرڻ جي صورت ۾ ماڻهو اتي ئي اڌ ڪلاڪ کن اکيون بند ڪري سُمهي رهي ته دماغ جاءِ تي اچي ويندو آهي.
ڏينهن: وقت جڏهن  پل ۽ پهرن مان ٿيندو ڏينهن ۽ رات ۾ بدلجي ٿو ته ان وقت ستارن جي ماهرن وٽ  وري هر ڏينهن جي پنهنجي خاصيت ۽ ان جو رنگ هوندو آهي. ان حساب سان: آچر- بهادر، رستو ڏيکاريندڙ، پر سڀاءُ  ۾ تڪليف ڏيندڙ، رنگ ڳاڙهو.
سومر ٿڌو، سک ۽ آرام ڏيندڙ، عورتاڻا جذبا رکندڙ. رنگ نيرو.
اڱارو بهادر، جهڳڙالو، ۽ جنگجو جذبو رکندڙ رنگ ڳاڙهو.
اربع صلح پسند، عقل، سمجهه ۽ ڄاڻ رکندڙ، رنگ سائو.
خميس فيصلا ڪندڙ، داناءُ، عالم سڀني جو استاد، فضيلت وارو، رنگ پيلو.
جمعو شوقين مزاج- سينگار جو بادشاهه- خوشبو پسند- عورتن ۾ دلچسپي رکندڙ- عاشق مزاج. رنگ سفيد.
ڇنڇر تڪيلف ڏيندڙ- سخت مزاج، رنگ ڪارو.
موسمون: ڏينهن رات مان ٿيندو وقت موسمن ۾ بدلجي ٿو. موسمون عام طور تي سيارو اونهارو، بهار ۽ برسات جون موسمون ڳڻيون وينديون آهن، پر ستارن جا ۽ موسمن جا مقامي ماهر سال ۾ ڇهه موسمون ڳڻيندا آهن ۽ هر مهيني جي پنهنجي خاصيت بيان ڪندا آهن. هن علائقي ۾ ٽن قسمن جا ڪئلينڊر مُروج آهن. هڪ اسلامي، جنهن جا مهينا سال جي مختلف موسمن ۾ ڦرندا گهرندا رهندا آهن. ٻيو انگريزي ڪئلينڊر، جن جي مهينن جون موسمون مقرر ٿيل آهن. پر هاڻ شايد ماحولياتي تبديلين جي ڪري انهن ۾ ڦير گهير محسوس ڪئي وڃي ٿي. ٽيون ڪئلينڊر هندي آهي، جنهن جا مهينا اڄ به گهڻو ڪري موسمن جي مناسبت سان ايندا ويندا آهن. ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهندڙ  لوڪ ڏاهپ جا ماهر پنهنجو ڪار وهنوار، شادي مرادي، ميلا ملاکڙا، ويندي فصل پوکڻ يا لڻڻ جو سڄو حساب ڪتاب انهن مهينن ۽ موسمن مطابق ڪندا آهن.
پهرين موسم: پُر ڦارگني، هي موسم 15 فيبروري کان 15 اپريل تائين ڦڳڻ ۽ چيٽ مهينن تي مشمتل هوندي آهي. هن ۾ سياري جا تارا سج لهڻ سان اڀرندا آهن. سيارو ختم ۽ آرهڙ شروع ٿي ويندو آهي. وڻن ۾ ڦوٽهڙو ايندو آهي.  سڀ کان پهرين انب ٻُور جهليندا آهن. هن موسم کي بسنت به چئبو آهي.
ٻي موسم گريشم: معنى تمام گرم. 15 اپريل کان 15 جون تائين ويساک ۽ ڄيٺ جي مهينن تي مشتمل. هن موسم ۾ لُڪون لڳنديون آهن.
ٽين موسم  ورشا: معنى برسات، 15 جون کان 15 آگسٽ تائين، آکاڙ ۽ سانوڻ مهينن تي مشتمل.
چوٿين مسوم سرد: معنى وچولي، نه گرم نه سرد  گهم واري  15 آگسٽ کان 15 آڪٽوبر تائين بڊو ۽ اسو مهينن تي مشتمل.
پنجين موسم هيمن: معنى سيارو شروع. سياري جي شروع وارا ٻه مهينا 15 آڪٽوبر کان 15 ڊسمبر تائين ڪتي ۽ نهري مهينن تي مشتمل.
ڇهين موسم شِشر: معنى تمام سرد. 15 ڊسمبر کان 15 فيبروري تائين پوهه ۽ مانگهه مهينن تي مشتمل.
مهينا، انهن جون خاصيتون ۽ انهن جي باري ۾ چوڻيون
مهينن جي حوالي سان پراڻي زماني جا وهم، اعتقاد ۽ خيال هي آهن:
چيٽ : چيٽ نه چمڪيو ڀلو، جي چيٽ چمڪيو يا وسيو ته ان کي خراب سمجهيو ويندو آهي. هن مهيني ۾ گهر جو بنياد نه رکيو ويندو آهي، جي رکيو ته پريشاني نه ويندي.
ڦڳڻ : ڦڳڻ ڦر ڦلو وڻ ڦوٽ، سيءُ  پيو ته ٻور ڇڻي ويندو، تباهي ۽ ڏُڪر جا آثار.
ويساک:- هن مهيني ۾ برسات پئي ته ٻيڙا پار. بک ڪونه رهندي، مذهبي طرح سان ڀلارو مهينو آهي. خيرات ڪبي آهي.
هر مهيني ۾ ڇهه مخصوص ڏينهن هوندا آهن، جن کي ڪچا ڏينهن چئبو آهي. انهن ڏينهن ۾، ماڻهن جو خيال آهي ته گهر ٺاهبو ته باهه لڳندي، ڪاٺي وڍي ته نقصان ٿيندو، ڍور وٺبو ته مرندو يا چوري ٿيندو. انهن ڏينهن ۾ کٽ به نه واڻجي سفر به نه ڪجي.
چوماسي جا چار مهينا: جن ۾ سانوڻ، بڊو، اسُو ۽ ڪتي شامل آهن. هنن مهينن لاءِ چئبو آهي ته چوويهه ڪلاڪن ۾ هڪ وقت کائجي، کٽ تي نه سمهجي، هيٺ سمهجي، حجامت نه ڪرائجي، ڏاڙهي به نه لاهجي.
اماس رات. نئين چنڊ اڀرڻ کان اڳ واري رات کي، اماس چئبو آهي.
پونم رات. چوڏهين جي رات کي پونم چئبو آهي. هندو ان رات وِرت يا روزو رکندا آهن.
آکاڙ: هن مهيني ۾ برسات پئي ته ٻوڏ ٿيندي نقصان ٿيندو.
بڊو: اڳي ڦٽيون هن مهيني ۾ چونڊبيون هيون، پر هاڻ ڦٽين جون نيون جنسون اچي ويون آهن.
ڪتي: ڪتي جي برسات فصل لاءِ خراب هوندي آهي. جي هن مهيني ۾ ڪا بيماري لڳي ته اها ٽي مهينا هلندي. هن مهيني ۾ گهر صاف رکجي، خيرات ڪجي، سوالي کي خالي هٿين نه ڇڏجي.
پوهه: سخت سياري جو مهينو آهي پوهه کلڙ کوهه. هن ۾ اڪثر بيماري ٿيندي آهي.
اسُو: ڀاڳ وارو مهينو آهي. اڪثر ماڻهو گهر جو بنياد اسو ۾ رکندا آهن.
انهن موسمن کان سواءِ ڪي موسمون اندر جون به هونديون آهن، جن جي لاءِ ڪنهن به  گهربل يا مقرر مهيني جو هجڻ قطعاً ضروري ناهي. اهي ڪڏهن به، ڪٿي به  اچي سگهن ٿيون. اڄوڪي نسل جيڪا گهڙين کان به گهڻو ڪري بي نياز ٿي موبائل تي وقت  ڏسي ٿي ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿي، انهن لاءِ اهي ڳالهيون پڪ سان اوپريون هونديون پر مقامي علاج جي طريقن، سيکاريل ڪتن جي بجاءِ مقامي پيرين تي ڀاڙڻ ۽  جديد آرڪيٽيڪٽ جي نالي تي ساهه منجهائيندڙ گهرن جي بجاءِ  ڏکڻ منهن ۽ منگهن وارن   گهرن جهڙي مقامي لوڪ ڏاهپ  وٽ مقامي طور  وقت ڏسڻ ۽ مختلف ڪمن لاءِ  وقت جا ماپا مختلف هئا، جيڪي هاڻي جنوري جولاءِ ۽ ڊسمبر جي  ور چڙهي ويا آهن.

Courtesy: Daily Kawish
اربع 24 جون 2009ع