اتوار، 15 اپریل، 2012

سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا



تحرير؛ محمد سليمان وساڻ
www.sindhsalamat.com
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.

ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.

سنڌي ٻوليء ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا چپجندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.

اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.

اهڙي وقت ۾ سنڌ جي نوجوان ۽ سرگرم دوستن جو هڪ گروپ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺي لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو جنهن سموري سنڌ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تي گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ سلامت جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب اظهار جي آزادي آهي، اوهان پنهنجا احساس سنڌ سلامت ذريعي دنيا جي سڀني سنڌين تائين آسانيء سان پهچائي سگهو ٿا.

سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت تازيون خبرون ، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ ۽ ٻيا لاتعداد موضوع شامل آهن.

سنڌ سلامت پنهنجي ٽن سالن جي سفر ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه آهي سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان بغير سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي. سنڌ سلامت جي ٻي وڏي ڪاميابي آهي قرآن شريف جي سنڌي سرچ انجڻ، جنهن ذريعي ڪنهن به سنڌي لفظ جي ڳولها ڪري سگهبي ته اهو قرآن پاڪ ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا دفعا ۽ ڪهڙين آيتن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ سلامت جي ٽين اهم ڪاميابي آهي پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جنهن ۾ ڪمپيوٽر، سافٽويئرس ۽ انٽرنيٽ بابت پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ۽ حل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي سنڌي شخصيتن تي انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن جيڪو سنڌي شخصيتن جي نالي سان آهي.

سنڌ سلامت ٽيم جي هميشه اها اهم ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڏانهن مائل ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم فيسبوڪ ۽ ٻين سماجي ميڊيا جي ذريعن تي هميشه پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهي آهي. سنڌ سلامت تي لڳ ڀڳ 2359 رجسٽرڊ رڪن آهن ۽ هر روز هزارين ماڻهو سنڌ سلامت جي مختلف شعبن مان فائدو حاصل ڪن ٿا. هن ويب سائيٽ تي مختلف موضوعن تي 15938 ليک ۽ 98168 رايا موجود آهن جيڪا ڳالهه خود ان ڳالهه جي گواهي آهي ته هي دنيا جو ڪيڏو وڏو ۽ ڪارائتو فورم آهي.

سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون .
محمد سليمان وساڻ

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں