جمعہ، 16 مارچ، 2012

نظم .. ڪرڪيٽ

نئين اڀرندڙ شاعر منير احمد جو پاڪستان جي ڪرڪيٽرن جي ڀرپور ترجماني ڪندڙ نظم.. 


نظم .. ڪرڪيٽ


ڪٽائي پيٽ کيڏون ٿا
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا

ملن ڏوڪڙ جهجها يارو
لکن جا لک سڄا يارو
تڏهن ٿي سيٽ کيڏون ٿا
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا

ڏسي ڏوڪڙ ڪرون ٿا ڙي
ڊڪي ڏاڍو ڪرون ٿا ڙي
کڻي ڏس بيٽ کيڏون ٿا
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا

وڃون ٿا يار ڪلبن ۾
نچن سهڻا ته بلبن ۾
لڳائي ريٽ کيڏون ٿا
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا

هڻي ڌڪ شاٽ کيڏون ٿا
سڄي بس رات کيڏون ٿا
ڪتي ۽ چيٽ کيڏون ٿا
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا

جوارين جا وڏا هن وڙ
ڪمايون جام ٿا ڏوڪڙ
هلائي نيٽ کيڏون ٿا
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا

اسان کي پيار ڪرڻو آ
اڇو بس يار رهڻو آ
ملي منهن ميٽ کيڏون ٿا
الا ڪرڪيٽ کيڏون ٿا.

ڏسي ڏوڪڙ مٺا ڪنهن وٽ
هج ڪارون جهجهيون جنهن وٽ
وڃي پوء نيٺ کيڏون ٿا
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا

جوا جيڪو به کيڏي ٿو
اسان کي يار ريڀي ٿو
ڏئي پوء ڊيٽ کيڏون ٿا.
الاڪرڪيٽ کيڏون ٿا


***
شاعر منير احمد لنڊ

1 تبصرہ: