ہفتہ، 8 دسمبر، 2012

ماڻهن جا نالا (امتياز ابڙو جو ڪالم)

امتياز ابڙو
اسان ”بهادر“ کي سڃاڻون اهو پهرئين نمبر جو ڊڄڻو آهي...هڪڙي دفعي هاٿيءَ کي ڀونڊو ڏنائين ته ڪنهن چيس، ”هاٿيءَ کي ڀونڊو ڏبو ته اهو سئو سالن کانپوءِ به بدلو وٺندو آهي، سو هاڻي هاٿي توکان بدلو وٺندو!“ ان کانپوءِ ڊپ ۾ سڄي زندگي ڪنهن چڙيا گهر جي ڀر سان به ڪونه لنگهيو...ڪجهه سالن کانپوءِ زال ٿلهي ٿي ويس ته ان هاٿيءَ جي قبر تي وڃي چيائين، ”اي هاٿي، مون کي معاف ڪر...بيشڪ، تنهنجو بدلو سڀني بدلن مان وڏو بدلو آهي!“

هڪڙي ڏينهن سليمان کي چيم، ”تنهنجو نالو سليمان آهي، ان ڪري تو وٽ سليماني ٽوپي هوندي؟“ چيائين،” نه...اسان جي نصيب ۾ ته رڳو سليماني چانهه آهي!“  اسان جي هڪ ٻئي دوست جو نالو غلامون آهي....هڪڙي ڏينهن چيائين، ”غلام قومن ۾ نالا به آزاد ڪونه آهن..“ اسان منظور کي به سڃاڻون...هن جو ورتاءُ ماڻهن سان سٺو  آهي، پر ان جي باوجود اسان ڪيترن ئي ماڻهن کي هن جي خلاف  روڊن تي بينر کڻي احتجاج ڪندي ڏٺو آهي... بينرن تي لکيل هوندو آهي...”مهانگو اٽو، نا منظور...فلاڻو آفيسر، نامنظور!“...بلڪل ايئن ئي ايوب شيخ، ڪيترو به ايوبي مارشل لا جي خلاف ڳالهائي...پر جڏهن به کانئس نالو پڇيو ويندو ته چوندو....ايوب...!

ڪنهن ٻار جو نالو ”وزير“ رکڻ معنيٰ ٻار کي نفسياتي مريض بنائڻ...راند ڪندي ٻار چوندا، وزير ٻڌي نٿو يا وزير ڪوڙ پيو ڳالهائي يا وزير ڌانڌلي ڪئي...ته اهو ننڍڙو وزير سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو ته، ”ٻيلي آئون ڳالهايان ته سچ پيو، پوءِ هي وات مان ڪوڙ ڇو پيو نڪري؟“...ايئن ئي ڪجهه ڏينهن اڳ ٽاڪ منجهند جو اسان هڪ مزدور ڏٺو...سخت اُس ۽ گرميءَ ۾ سيمنٽ ڍوئي رهيو هو. پڇيوسين،  ”توهان جو نالو؟“ چيائين،” سردار...“ چيوسين، ”نه، تنهنجو نالو هئڻ گهرجي...سَر¸ڌار“.

ڇوڪرين کي وري پنهنجي نالي پٺيان ” گُل“ رکڻ جو رواج  اهڙو اچي پيو جو جنهن کي به ٿورو شڪ ٿي پيو ته اسان جي خوشبو هاڻي گهڻو وقت رهي نه رهي، تنهن ڪري ڇو نه ” گُل“ سڏائي ڪجهه پوپٽن کي مايوس ٿيڻ کان بچايون...يا جن ڇوڪرين جو وزن آهستي آهستي وڌندو پئي ويو ته انهن کي سهيلين مشورو ڏنو ته، ”ان کان اڳ جو ماڻهو توهان کي گلدان چوڻ شروع ڪن...توهان خود ئي پاڻ کي گل سڏائڻ شروع ڪريو...هلو، توهان جي چوٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن گل نه هنيو ته توهان وري پنهنجي نالي پٺيان گل هڻي ڇڏيو!“ جيئن پاڪستان ۾ صنم جو نالو ايترو ته مروج ٿي ويو، جو هر ٻن ڇوڪرين کانپوءِ ٽئين صنم ٿي نڪتي...جيڪڏهن توهان ڪنهن پبلڪ پارڪ ۾ وڃي رهيا آهيو ۽ زور سان صنم ڪري پڪاريو ته ستن مان پنج نهارڻ لڳنديون، جن مان ٻه صنم هونديون، ٽئينءَ جي ڀيڻ جو نالو صنم هوندو، چوٿينءَ جي پاڙي ۾ صنم رهندي هوندي ۽ باقي هڪڙي وري خود ڪنهن جي صنم ٿيڻ جي آرزو ۾ هوندي، جيتوڻيڪ جڏهن کان موبائيل فون عام ٿي آهي ته هاڻي خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪير ڪنهن جي صنم آهي...!

اسان وٽ مارئيءَ جو نالو به ايترو عام آهي جو جيڪو 1971ع  واري جنگ ۾ صرف مارئي هو، اهو 1988ع  واري اليڪشن کانپوءِ يڪدم ماروي ٿي ويو...خود تاريخدانن عمر بادشاهه کي ايترو ڪنفيوز ڪري ڇڏيو جو مارئيءَ کان هلي وڃي پڇيائين ته، ”هي تاريخدان توکي امر ڪرڻ جي بدران آمر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن...پر اڄ مون سان صاف ڪر ته تون مارئي آهين يا ماروي آهين؟“ مارئيءَ يا مارويءَ به سڌو سنئون جواب ڏنو ته، ”آئون سنڌيءَ ۾ مارئي ۽ انگريزيءَ ۾ ماروي آهيان...جيئن ته تنهنجي انگريزي ۽ نظر ٻئي خراب  آهن...ان ڪري تون ڀلي مونکي ادي مارئي ڪري سڏ!“

عمر ڪجهه دير سوچ جي درياءَ ۾ هليو ويو، پر پوءِ ڏٺائين ته درياءَ ۾ پاڻي ئي ڪونهي ته يڪدم ٻاهر نڪري آيو...چيائين، ”مارئي منهنجي ذهن ۾ هڪڙي شخصيت آهي...ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿي ته اها شخصيت ڪير آهي؟“ مارئيءَ دڙڪو ڏنس، ”آئون توکي نواز علي شوق پئي لڳان...جو مون کان شخصيت ٿو ڳولرائين!“ عمر چيو ”ادي...ڪالهه آئون ڪراچي ويس ته اتي مون هڪ حيرت ۾ وجهندڙ منظر ڏٺو! مون هڪڙي بينر تي ڏٺو ته لکيل هو، مارئي ملير جي!“ مارئيءَ چيو، ”ڀليو هوندين...اهو ڪو تو سترهن سال پراڻو بينر ڏٺو هوندو...هاڻي منهنجو گهر ملير ۾ ناهي...توکي غلط فهمي ٿي آهي...تو ڪنهن حڪيم جو اشتهار ڏٺو هوندو!“ عمر دانهن ڪئي، ”نه ڀيڻ...قسم سان مون هڪ ٽرڪ پٺيان لڳل هڪ وڏي ڳاڙهي بينر تي لکيل ڏٺو هو ته...مارئي ملير جي!“ مارئيءَ ٻيهر دڙڪو ڏنس، ”عمر ڀاءُ...بادشاهن سان گڏ رهي رهي تنهنجي نظر ۽ نظريو ٻئي ڪمزور ٿي ويا آهن...پهرئين اهو ته ٻڌاءِ، تو مئٽرڪ به ڪا نه ڪئي، پوءِ تون سنڌي ڪيئن ٿو پڙهي  وڃين؟“ عمر يڪدم اُٺ تي چڙهي ويهي رهيو. چيائين، ”ٺيڪ آهي..تون جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نٿي مڃين...ته هل ڪراچي ته آئون توکي اهو بينر ڏيکاريان...جنهن تي لکيل آهي، مارئي ملير جي!“ مارئيءَ دانهن ڪئي، ”عمر ادا، آئون جيڪڏهن ملير جي هجان ها ته منهنجا ٻار به ڪنهن ملير جي اسڪول ۾ پڙهندا هجن ها!“ عمر يڪدم پڇيو،” پوءِ ڇا، تون مارئي ڊفينس جي آهين؟“ پڇيائين، ”ڊفينس جي ڇو؟“ عمر چيو، ”ڇو ته تون اڄڪلهه ڊفينس واري پوزيشن ۾ آهين!“

عمر ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ ٻيهر چيو، ”مون ته توکي پهرئين به چيو هو ته ملير کي ڇڏي اچي منهنجو محل وَساءِ ..پر تنهنجو ضد هو ته...نه مون کي ملير جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ٿي ياد اچي...پوءِ مون تنهنجي اها خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ملير مان هڪڙو گڏهه مٽيءَ جو ڀرائي اچي تنهنجي اڳيان پيش ڪيو ته هيءَ وٺ...ملير جي مٽي...۽ سنگهه انهيءَ جي خوشبو...!“ مارئيءَ چيو، ”ها...پر ملير جي مٽي تنهنجي محل ۾ اچڻ کان پوءِ خود قيد ٿي ويئي...!“ عمر چيو، ”توکي مون پهرئين ٻڌايو هو ته ملير ۾ گند تمام گهڻو آهي...اتي جي گٽرن کي ڍڪ ئي ڪونه آهن...پنج پنج ڏينهن ڀنگي ٻهارو ڪونه ٿا ڏين...گٽر ايترا ته ٽٻا ٽٻ آهن جو ان ۾ ٻه ماڻهو ٿا ڪِرن ته ڪڍڻ کانپوءِ ٽي ٿا نڪرن...خبر پوندي آهي ته هڪڙو ماڻهو هفتو اڳ ڪريو هو!“

ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ عمر وري پڇيو، ”پوءِ ڇا، تون مارئي لانڍيءَ جي آهين...يا ڪورنگيءَ جي آهين...يا مرڳو مارئي گرو مندر جي آهين؟“ جواب مليو، ”نه، آئون اتي جي به ڪانه آهيان!“ ”پوءِ ڀلا ڪٿي جي آهين؟“ مارئي مسڪرائيندي چيو، ”ادا...تون ڪيڏو نه سادو آهين...ڇا تو ڪڏهن صدر جي بسن ۾ سفر ڪيو آهي؟“ عمر چيو، ”ها...ڪراچيءَ جي هر بس جو گذر صدر مان ضرور ٿئي ٿو!“ مارئيءَ چيو، ”ته پوءِ ٻڌي ڇڏ، توکي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته...هاڻي منهنجو گهر صدر ۾ آهي...ان ڪري هاڻي آئون  آهيان...مارئي صدر جي...!“


*****
روزانه ڪاوش
خميس 21 جون 2007ع

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں