منگل، 27 مئی، 2014

بلاگ تي ڪلام يا رڪارڊنگ رکڻ

  سڀ کان پهرين اوهان کي ڪنهن سائونڊ هوسٽنگ ويبسائيٽ تي رجسٽر ٿيڻو پوندو. سائونڊڪلائوڊ  دنيا جي مشهور سائونڊ هوسٽنگ ويبسائيٽن منجهان هڪ آهي جتي اوهان گيت يا آواز جي رڪارڊنگ وغيره اپلوڊ ڪري دوستن سان ڪنهن به سوشل ويبسائيٽ يا بلاگ تي ونڊي سگهو ٿا.
سڀ کان پهرين اوهان کي مٿين ويبسائيٽ تي رڪارڊنگ يا ڪلام جيڪو اوهان ويبسائيٽ تي رکڻ چاهيو ٿا، اهو اپلوڊ ڪرڻو پوندو. (هونءَ اوهان ٻين ماڻهن طرفان اپلوڊ ڪيل گيت به پنهنجي بلاگ تي لڳائي سگهو ٿا.) .
 ڪو گيت يا رڪارڊنگ اپلوڊ ڪرڻ يا چونڊڻ کان پوءِ اوهان  Share  واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪندئو.



ان کان پوءِ جيڪا ونڊو اوهان جي سامهون ايندي ان منجهان Embed  کي منتخب ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي هيٺيان آپشن نظر ايندا. گڏو گڏ ڪوڊ ۽ preview پڻ نظر ايندو. پنهنجي پنسد موجب سيٽنگ ٺاهي اوهان باڪس ۾ پيل ڪوڊنگ کي ڪاپي ڪندئو.


سائين منهنجا ڪوڊنگ کي ڪاپي ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي پنهنجي جنهن به بلاگ تي ڪلام يا رڪارڊنگ رکڻي آهي انهي بلاگ جي پوسٽ ايڊيٽر (جنهن ۾ نئين بلاگ جي تحرير لکي ويندي آهي) ۾ HTML  واري ٽيب کي منتخب ڪندي مٿين طريقي سان ڪاپي ڪيل ڪوڊنگ   Pasteڪندئو . 



پوسٽ پبلش ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي پنهنجي بلاگ جي پوسٽ ڪجهه هيٺين طرح نظر ايندي. اوهان جي بلاگ تي ڀيرو ڀڃندڙ نه رڳو براه راست ڪلام يا رڪارڊنگ ٻڌي به سگهندا ۽ ڊائونلوڊ پڻ ڪري سگهندا.




کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں