جمعہ، 6 جون، 2014

قصو عورت ۽ ڏيڏر جو ؛)

”ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾. اديون منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾..“ اڃان هن پنهنجي کوه ۾ ڪريل ڇلڙي تي افسوس ڪيو ئي پئي ته خوشقسمتي سان اهو ڇلڙو نيسر مان ٿي وريو ۽  ٻنيءِ جي پاسي ۾  واپس مليس.  هن اڃان اهو ڇلو کڻي چيچ ۾ وڌو ئي پئي ته ڀرسان هڪ ڏيڏر آلن ٻُوڙن ۾ ڦاٿل نظر آيس . ڏيڏر کيس ڏسندي ئي منٿ ڪيس ته جيڪڏهن هوءِ کيس آجو ڪندي هو هن جون 3 خواهشون پوريون ڪندو.
ان عورت سندس ڳالهه مڃي کيس آزاد ڪيو، جنهن تي ڏيڏر ٿورا مڃيندي چيس،
” اوهان جي مهرباني، پر مونکان هڪ ڳالهه چوڻ وسري وئي ته ته اوهان جيڪا به خواهش پوري ڪرڻ لاءِ چوندئو، اوهان جي مڙس کي ان جو ڏهوڻو حصو ملندو.“
عورت پهريان ته سوچ ۾ پئجي وئي پوءِ ان شرط تي به رضامند ٿي وئي.
پهرين خواهش ۾ عورت مرضي ڏيکاري تي هوءَ دنيا جي سڀ کان خوبصورت عورت بنجڻ ٿي چاهي. ڏيڏر ياد ڏياريس ته سندس مڙس ڏهوڻو وڌيڪ خوبصورت بنجي ويندو ۽ ٻيون عورتون هن ڏانهن مائل ٿي سگهن ٿيون. جنهن تي عورت جواب ڏنس، ”ڪا ڳالهه ناهي، مان دنيا جي خوبصورت عورت هوندس ته هو ڪنهن ٻي عورت ڏي ڇو ڀٽڪندو!!؟. “
ٻين خواهش جي لاءِ عورت دنيا جي امير ترين عورت بڻجڻ جي جي مرضي ظاهر ڪئي. ڏيڏر ياد ڏياريس ته سندس مڙس کانئس ڏهوڻ تي وڌيڪ دولتمند ٿي ويندو. عورت جواب ڏنس، ”جيڪو منهنجو آهي اهو منهنجي مڙس جو  آهي، جيڪو منهنجي مڙس جو آهي اهو منهنجو آهي، مان پوءِ به دنيا جي اميرترين عورت ئي رهندس.“
ڏيڏر ڪجهه پڙهيو ۽ عورت دنيا جي امير ترين عورت ٿي وئي.

ان کان پوءِ ڏيڏر ٽين خواهش پچيس، جنهن تي عورت جواب ڏنو ته، ”منهنجي ٽين خواهش آهي ته مونکي هلڪڙو دل جو دورو پوي.“
ـــــــــــــــــــــــــــــ
ها! ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو مڙس کي زال کان ڏهوڻ تي *هلڪڙو* دل جو دورو پيو...
ــــــــــــــــــــــــــــ


کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں