بدھ، 15 فروری، 2012

ٺٽي جي رستي تي ماريل هڪڙو سرمد

سال ڏيڍ اڳ پاپوش نگر (نارٿ ناظم آباد) ۾ شام جو هڪڙي سنڌي دوست سان گهمندي اسان جي حيرت جي ڪا حد نه رهي هئي، جڏهن اسان هڪڙي شادي هال لڳ بيٺل ڪار جي ڊيڪ تي سرمد سنڌيءَ جي ڪيسٽ وڄندي ٻڌي: ”او! پنڊيءَ نه ڳڀڙو وِهه وات ويلڙا، مُنهڙا به ڀيلڙا“. ”هاڻ ته پڪ ٿيئي نه، ڪراچي ايتري بري نه آهي، مون پنهنجي ان سنڌيءَ دوست کي چيو هو، جيڪو ڀرواريءَ اسپتال م ڪنهن مائٽ ڊاڪٽر سان ملڻ جي ”مجبوريءَ“ سانگي آيو هو. ”ڇا توهان کي سرمد پسند آهي؟“ مون ان ڪار جي بانٽ تي ويٺي سرمد ٻڌندڙ نوجوانن مان هڪڙي کان پڇيو هو ”ها، رحمان ڀائي اسان جو رشتيدار ٿئي. سنڌ ۾ ته هو ڏاڍو مقبول آهي.“ ساڳئي نوجوان ٺيٺ اردوءَ ۾ فخر گاڏڙ خوشيءَ سان چيو هو. رحمان مغل (سرمد سنڌي) به سنڌ جي ڀتر ڀتر کان وٺي دکن دردن توڻي خوشيءَ جي گيتن کي ڳائيندڙ وڄائيندڙ انهن فنڪارن مان هو جن کي استاد منظور علي خان وانگر ڪنهن کان به ”سنڌيءَ“ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه هئي.

رحمان مغل پريالوءِ (خيرپور ميرس) جي انهن ”مهاجر سنڌين“ جو پٽ هو، جن روحاني طرح پنهنجو پرڻو مرڻو ڳوٺاڻي سنڌ جي مٽيءَ سان ڪيو. جن جا ”ڏال ڏيڏر“ ۽ ”ڄي ڄَاهو“ وارا اُچار درست آهن. جيڪي پٽڪي جو وَر ڪڍي ٻڌي به سگهندا آهن. جيڪي ڪهاڙيءَ سان ڪنڊي به وڍي سگهن، ته کجيءَ جا چاڙها به ٿين. جيڪي ڀت پوت ۾ سنڌين سان گوڏو گوڏي سان گڏي ويهڻ، اُٿڻ به ڄاڻن، ۽ جن جي سنڌي بينظير ۽ الطاف حسين کان وڌيڪ صاف آهي. آهي ”مهاجر سنڌي“ ڪنريءَ کان وٺي محراب پور ۽ هوسڙيءَ کان وٺي اوٻاوڙي تائين وسن ٿا. جيڪي اونهاري ۾ ڇڻڪار واري پڌر ۽ گهرن جي کڏ تي سمهڻ جا شوقين سنڌي ڳوٺاڻن جيترا ئي ٿين. سياري ۾ مچ تي ڪانڀون ڪڍي ڪچهريون به ڪن. هنن مان ڪيترا ماڻهو گهڻن سنڌين وانگر ڪراچيءَ ۾ ٻن راتين کان وڌيڪ نه ٽڪي سگهندا آهن.

”اَپڻي سَي گهڻي ڀوڳ مت ڪَرو، هم آدمي سڌا ٻڌا“- هنن مان ڪيترا جهونا ڳوٺاڻا سنڌ ۾ اڄ به اهڙي قسم جي اردو ڳالهائين ٿا. پر آرٽسٽ ته ٿيندو ئي هڪ خاص خمير واريءَ مٽيءَ مان خلقيل آهي. اهڙي خاص خمير واري مٽي جڏهن پريالوءِ جي ڪنهن پٽ مٿان مهربان ٿئي ٿي ته پوءِ اهو سرمد سنڌي ٿي پوي ٿو. پريالوءِ جي سنڌي اسٽائيل اردو ڳالهائيندڙ مغلن جو اهو ڇوڪرو رحمان، ڪنهن ٿي ڄاتو ته سندن پاڙي واريءَ ڳاڙهي موري ۽ خيرپور جي غوث علي شاهه ۽ قائم علي شاهه کان وڌيڪ سنڌ ۾ مشهور ۽ مانائتو ٿي ويندو.

هو پريالوي صوفين کان وٺي مختيار ملڪ ۽ منصور ميراڻيءَ جي شاعري شوقيه طور ڳائيندي شايد خيرپور ٽيڪنيڪل ڪاليج جي (جي سي ٽي) ۾ داخل ٿئي ٿو. بلڪل ائين، جيئن اندرون سنڌ جو ٻار ڀرواري شهر جي ڪاليج يا ٿورڙي پري يونيورسٽيءَ پڙهڻ ويندو آهي. اها شايد ستر جي ڏهاڪي جي وچ وارن سالن جي ڳالهه آهي ۽ شايد ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور جو اهو زمانو امام علي سومري جهڙي سخت ۽ بي ڊپي پرنسپال ۽ مهيوال لنڊ جهڙن ”جوڌن“ کان ٿورو پوءِ وارو زمانو هو. خيرپور ٽيڪنيڪل ڪاليج مان هاڻ اهو ”فئشن“ به ڌيري ڌيري ختم ٿي رهيو هو، جڏهن سکر ۽ روهڙي کان پڙهڻ لاءِ ايندڙ ”شهري“ شاگردن کان ڊوميسائيل ۽ اهڙا ٻيا ڪاڳر کسي ڦاڙيا ويندا هئا. اهو جيتوڻيڪ ”ٽوڙهي ڦاٽڪ کان پوءِ“ ڪشمير خان ڪلچر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هو، پر پوءِ به هاسٽلز جي ڪن ڪمرن ۾ ڪن شاگردن وٽ شيخ اياز ۽ قرة العين حيدر جا ڪتاب ملي پوندا هئا. ڳوٺاڻي سنڌ ۾ جلال چانڊيو ۽ ”مارشلا ڀنگ“ جو زور هو، پر سنڌ جي ڪئمپسز ۽ ڪاليجن ۾ نوجوان اڳي وانگر ”قومي گيت ٻڌڻ جا سوقين هئا. جيتوڻيڪ سنڌ جي انقلابي جواني“ کان جديد سنڌي شاعري ڳائيندڙ بيدل مسرور بدوي سچل جي هڪڙي ميلي ڀيري ڪوثر نيازي ڦُري چڪو هو، پر هاڻ هن جي جاءِ تي ٻيجل سنڌي، ”ڏاڏو هوشو“، ”جانيئڙو سنڌي“ جهڙا راڳي والاري رهيا هئا. اهي سڀ جا سڀ بلاشڪ فن جي حوالي مان اميچوئرز هئا، پر سنڌ جي ڳوٺن کان شهرن ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويل نوجوانن جي ميڙ ۾ جڏهن اهي ”شوقيه فنڪار“ شيخ اياز جي غزل جو بند، ”اڄ لال لهوءَ جي سرگم تي، ڌرتي منهنجي رقص ڪري، منهن هيڊ ٿيا غدارن جا، بي شرم وڏيرن پيرن جا“- ته کين ”سنڌو ديش“ يا ”انقلاب“ ڄام شوري جي ڦاٽڪ وٽ ايندي محسوس ٿيندو هو. پر ڄام شوري جي ڦاٽڪ وٽ ته ڪجهه ”ٻيو ٿي وڪاميو! اهڙي ئي ڪنهن سمي لاءِ، گهڻا سال اڳ اسان جو دوست زاهد مخدوم فقير عبدالغفور جي پيروڊيءَ ۾ چئي ويو، ”جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ٿيندا ڀوڳ هزار او يار! سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو“- زاهد مخدوم جي اها اڳڪٿي ايتري ته درست نڪتي جو ان وائي جي خالق شاعر کان وٺي اسان جي انهيءَ نوجوان دوست تائين (جيڪو) جڏهن ڄام شوري ڪئمپس ۾ هو ته اهڙي شاعريءَ تي ”لال لهوءَ جي سرگم“ سان رقص ڪندو هو. جڏهن پاڻ ڪوٽڙيءَ جو اي ڊي ايم ٿيو ته ڄام شوري جي پارن وارين راتين جي ڇاپن دوران شاگردن کي ميدان م بيهاري پوليس هٿان مارون ڏياريائين.) سنڌ سان هزارين ڀوڳ ڪندڙن ۾ شامل ٿيا، پر ڄام شوري ۾ انگريزي ادب جي هڪڙي اڳوڻي شاگرد پنهنجي شعبي مان پڙهي ويل هڪڙي ٻئي تڏهوڪي اي ڊي ايم ڪوٽڙي گل محمد عمراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ هاسٽلز تي لڳندڙ ڇاپي بابت ٻڌايو: ”عمراڻي صاحب ۽ هڪڙو ڊي ايس پي اسان انگريزي ادب پڙهندڙ شاگردن جي ڪمرن ۾ داخل ٿيا. ”هنن ويچارن جي ڪمرن ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي. سواءِ انگريزيءَ جي ڊڪشنرين ۽ ادب ۽ شاعري جي ڪتابن جي“، ڊي ايس پي کي اهو چوندي عمراڻي صاحب هليو ويو. ”ها! عمراڻي اسان جي ڊپارٽمينٽ مان پڙهي ويو آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو انگريزي ادب جي جهوني پروفيسر ڪلاس ۾ فخريه چيو.

سو سرمد به بنيادي طرح ڳوٺاڻي سنڌ کان شهرن ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويل انهن نوجوانن جو راڳي هو جن جا ڪتاب، ڪئسيٽون ۽ وڏن پورهين سان ڪمائي موڪليل مني آرڊر ۽ خوابن سان اُڻيل رنگين رليون هاسٽلن تان پوليس ڇاپن ۾ گم ٿي ويون. سنڌ جي هڪ اهڙي نئينن نسل پريالوءِ جي هن ڇوڪري رحمان مغل کي سرمد سنڌيءَ جو نالو ڏنو، جيڪي پنهنجي ڪامن هال ۾ ڪلاسن جي نوٽيس بورڊز تي حليم باغي ۽ حسن درس جي شاعريءَ جون فوٽو ڪاپيون هڻندا هئا ۽ منظور سولنگيءَ جو ڪالم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ ٻٽونءَ ۾ وجهي رکندا هئا. جيڪي نوجوان حنيف لاشاريءَ جي ڳايل ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“ ٻڌي جي ايم سيد سان گڏ روئي ڏيندا هئا. هندي فلمي شاعر ۽ ڊائريڪٽر گلزار، گرو رجنيش، حليم باغي ۽ سرمد سنڌ جي ان نسل وٽ گڏ گڏ اچن ٿا. سنڌ جو اهو نسل جيڪو خوابن، سرڪاري فرعونيت، ۽ نان سينس سنڌي قوم پرستيءَ هٿان ڦريو ويو. سنڌ جي اهڙن تعليمي ادارن ۽ هاسٽلز ۾ سرمد ائين چاهيو ويندو هو جيئن ڪئليفورنيا ۽ لاس اينجلز جي گهٽين ۾ بيٽلز ۽ ايلوس پريسلي کان وٺي اڄ تائين پاپ ڳائڻا چاهياوڃن ٿا. سرمد سنڌيءَ جي ”قومي گيت“ جي شوقين نوجوانن کان پنهنجي اڏام ڪئسيٽ ڪمپنين جي چور بازارن نوسر باز سيٺين ڏانهن ڪئي. اهي چور بازار ڪئيسٽ ڪمپنيون جيڪي آرٽ ۽ آرٽسٽن کي ائين ڦرين ٿيون، جيئن ارڙهين ۽ اوڻويهين صديءَ جي سمونڊ ۾ قزاق جهازين کي لٽيندا هئا. پوءِ به، شمن ميرالي ۽ فوزيا سومرو جون ڪئسيٽون ٻڌندڙ ”قوم“ وٽ سرمد هڪ ”وکري ٽائيپ“ ۽ انوکو آواز رکندڙ راڳي هو-

”ا نوکي آواز تي، گهر تڙ گهوريون ڙي،

جيئڻ ٻه ٽي ڏينهڙا“ (اياز)

سرمد جديد سنڌي شاعريءَ کي هاسٽلز جي ڪمرن ۽ ڪامن هالز مان ڪڍي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ پڄايو. سرمد جو ڳايل اياز جو گيت ”مارو اڪيلڙا“ اڄ سنڌيءَ ۾ هڪ لوڪ گيت ۽ نم جي ڇانوَ هيٺان رانديون ڪڏندڙ ٻارن جو گيت بنجي چڪو آهي. سرمد جي ”بگو لولي“ اصل ۾ امپرووائيزيشن آهي سنڌ جي هڪ گمناڪ لوليءَ جي، جيڪا هڪڙي چور هڪڙي گهر ۾ گهڙڻ مهل ڇپ هڻي، ان ماءُ واتان ٻڌي ياد ڪئي هئي، جيڪا پنهنجي ٿڃ پياڪ جي اوچتو جاڳي اٿڻ تي کيس اها لولي ڏيڻ لڳي هئي: ”درياهه دي پرون ڪوئي تتر تنواري، هيڪر ملياسي ٻيهر موليٰ ملائي – نينگر لولي!“

اهو سرمد جڏهن بدين ۾ ڳائي ڀيڄ ڀنيءَ مهل چرسي ڊرائيورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل روڊ تي پهتو ته سنڌ کان کسجي ويو. پاٿاريدار ۽ بقايادار اميدوار وڏيرن جي چونڊن ۾ بيهڻ ۽ ٻيهر ڌاڙيلن هٿان ڪارروائين جي شروعات وارين خبرن ۾ ٺٽي جي رستي تي روڊ حادثي ۾ سرمد جي مارجڻ واري خبر ضرور ڏک سان پر ”تقدير جو ليکو“ سمجهي پڙهي وئي. سنڌ جي شاهراهن تي ڦيٿن واري دهشت گرديءَ بابت اسان گهڻي ڳڻتي نٿا رکون. چرسي ۽ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ڊرائيورن اسان کان شاهراهن تي سنڌ جا ڪيڏا ٽئلينٽيڊ ذهن کسيا آهن- قاضي سليم اڪبر کان وٺي، سرمد سنڌيءَ تائين! بلڪ سنڌ ۾ دهشت گرديءَ جي شروعات ”ڦيٿن واري دهشت گرديءَ“ رستي ڪراچيءَ جي شاگردياڻي بشريٰ زيديءَ جي مارجڻ سان ٿي. جيڪڏهن ان وقت بشريٰ زيديءَ جي روڊ حادثي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾نسلي فسادن بابت جسٽس سجاد علي شاهه جي انڪوائري رپورٽ پڌري ڪري عمل ڪيو وڃي ها ته سنڌ ويچار جوڳي حد تائين ڦيٿن واري توڻي گهٽين واري دهشت گرديءَ کان بچي وڃي ها.

حسن مجتبيٰ

Courtesy:
AwamiAwaz Sunday Magazine 
(26th December 2010 to 1st January 2011)

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں