جمعہ، 24 فروری، 2012

نم جو وڻ: لوڪ ڏاهپ جي آرسيءَ ۾

سنڌ ۾ چوڻي عام آهي؛ “نم جون ڇانئون، مائرن جون دعائون”. نم، تازو سرڪار جي نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ جو قومي يا سرڪاري وڻ قرار ڏنو ويو آهي. نم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي ٿو. ان جي اصل وطن لاءِ جي نيٽ سان رابطو ڪبو ته ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ اولهه آفريقا جهڙا ملڪ ملندا. ان لحاظ سان نم کي سنڌ جو سنٿالن ۽ دراوڙ لوڪن وانگر اصلوڪو مقامي وڻ چئي سگهجي ٿو. هي وڻ گهڻو ڪري خشڪي وارن علائقن ۾ ٿئي ٿو، ان لحاظ سان سنڌ جي ڏاکڻي ٿر واري علائقي ۾ وڌيڪ ملي ٿو. ملي ته هي جابلو علائقن ۾ به ٿو پر اهي جبل ڪچا ۽ ڀرندڙ جبل هجن ٿا ان کان علاوه هي ميداني علائقن ۾ به ٿئي ٿو. پر هاڻ وڌندڙ سم هن کي سنڌ جي ميداني علائقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي قومي قرار ڏنل نم جي خاصيتن کي لوڪ ڏاهپ جي عينڪ پائي ڳولبو ته اهي گهڻي ڀاڱي مقامي علاج ۽ حڪمت جي حوالي سان ئي ملنديون. ان کان علاوه هي ڇانو، موسمن جي مٽجڻ، پکين پاران آنا ٻچا ڪرڻ، فصل پوکڻ جي لوڪ ڏاهپ، خوشبو، ڏندڻ، ڪاٺي، مال جي چاري، ۽ پکين جي فروٽ طور ڪم ايندي به نظر ايندو.




نم جا قسم:
سنڌ ۾ مقامي ڄاڻو ماڻهن مطابق نم ٻن قسمن جي ٿئي. هڪ چُهچ سائي ۽ ٻي ٿوري هلڪي سائي. چهچ سائي نم جي ڪاٺي وڌيڪ پڪي، وزني ٿلهي ۽ وڏي ٿئي. جڏهن ته هلڪي سائي نم وزن ۾ پوري، پر پن وڌيڪ هجڻ ڪري ڇانو ۾ وڌيڪ ٿيڻ کان علاوه چهچ کان تيار به جلد ٿيندي آهي. ان کان علاوه انهن جي ٻور جو رنگ به الڳ الڳ صفا اڇو ۽ پيلاڻ مائل اڇو ٿئي ته پنن ۾ به واضح فرق محسوس ڪري سگهبو آهي.




ڇانءَ:
نم جي ڇانءَ گهاٽي ۽ ٿڌي ٿئي ٿي پر جي ڪو هروڀرو نم جي ڇانءَ جو ٻين وڻ جي ڇانءَ سان مقابلو ڪرائڻ تي صفا سندرو ٻڌي بيهي ته پوءِ انهي مقابلي ۾ نم کي شايد سوڀ نصيب نه ٿئي ۽ مقابلو بڙ، ٽالهي ۽ سرنهن (ترتيبوار) کٽي وڃن. جڏهن ته ٻٻر جي ڇانءَ به سٺي ٿئي ٿي پر ڇاڻي وقت “ڪتڙي” ڪرڻ سبب ٻٻر مار کايو وڃي. ڇانءَ ته ٻير ۽ سرنهن جي به سٺي ٿئي ٿي پر جيڪو رات جو انهن هيٺ وهنجي يا لسي کائي ستو ته معنى بخار کي نياپو ڏئي گهرايس پر نم جي هيٺ يا ڇانءَ ۾ ائين ڪو نه ٿو ٿئي. ڀلي محترمه ايلسا قاضي کي نم جي ڇانءَ متاثر ڪري ۽ هوءَ Neem Tree جهڙو زبردست نظم لکي ۽ مائي ڀاڳي ڀلي کڻي “کڙي نيم ڪي نيچي” ڳائي محبوب کي متوجهه ڪري پر ڳالهه جڏهن مقابلي تي ايندي ته پوءِ ڳالهه ڳري ٿي پوندي.




لوڪ ڏاهپ ۽ علاج:
ڳالهه جڏهن مقامي ۽ لوڪ ڏاهپ وارن علاجن جي نڪرندي ته نم ڪنڌ مٿي کنيو بيٺو هوندو. پر اتي به اڪ اچي سينو ساهيو سامهون ٿيندو اٿس. جتي جتي نم آهي سالن ۽ صدين کان اتي نم مان وڌ مان وڌ ڪم مقامي علاج وارو ئي ورتو ويندو رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته سريلنڪا کان سنڌ ۽ عربستان کان اڇڙي ٿر تائين نم ٿوري گهڻي فرق سان هڪجهڙن نالن سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. اولهه آفريقا ۾ هن کي murubaniسڏبو آهي جنهن جو مطلب آهي 40 جو وڻ. معنى ته هي چاليهه بيمارين تي پوي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄوڪي جديد دور ۾ جتي هي ڪيترين ئي ايلوپيٿڪ، هوميوپيٿڪ ۽ حڪمت جي دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو، اتي بام، صابڻ، شيمپو، ڪريم، ٽوٿ پيسٽ وغيره ۾ به استعمال ٿيڻ سان گڏ ڪيترين ئي پيسٽيسائڊ ۾ به استعمال ٿئي ٿو. جي سنڌ جا حڪيم سچا ٿين ته اسان سنڌ واسي اولهه آفريقا جي مقابلي ۾ نم جون چاليهه کان وڌيڪ بيمارين کي لڳڻ واري لسٽ وڌائي سگهون ٿا.




نم موسمون مٽجڻ جو اهڃاڻ:
نم تي موجود لٽريچر ۾ خبر ناهي ڇو موسمون مٽجڻ واري اهڃاڻ ۽ خاصيت واري پاسي مڙئي گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. يا پوءِ ان ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي اها خاصيت رپورٽ نه ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ نم مان ٻيا فائدا حاصل ڪرڻ کان علاوه ان مان موسمون مٽجڻ جو اندازو به لڳائبو آهي. مثال طور؛ جڏهن نم پيلا پن ڪري ڇاڻي ته اها سياري جي پڇاڙي، بهار جي آمد ۽ چيٽ اچڻ جو اعلان هوندو آهي. پن ڇاڻڻ بعد نوان گونچ ڪڍڻ بهار جي ڦوٽهڙي ۽ چيٽ پوکڻ جي وڄايل بگل برابر هوندو آهي. ڪچ ڪري ٻور کڻڻ، چيٽ نئون ٿيڻ جو اعلان هوندو آهي، جنهن دوران ڪڻڪ، چڻا، مٽر ۽ گاهه وغيره پوکبا آهن. نموري ڪچي ٿيڻ وارو وقت سانوڻ جي شروع ٿيڻ وارو وقت هوندو آهي، ان دوران ڪڻڪن ۾ لابارا پئجي ويندا آهن ۽ سانوڻ وارا سڀ فصل؛ ڦُٽي، ساريون، تر، گوار، پوکجي چڪا هوندا آهن. جڏهن ته نموريون پچي ڇڻڻ واري وقت ڦٽي، ڏينن تي هوندي آهي ۽ تِر ڦري کڻي چڪا هوندا آهن. نموري ڇڻي بس ڪئي ته ڄڻ سانوڻ جي مند به بس ڪئي. پوءِ ان دوران بادل وسن نه وسن پر نم ڳوڙهن وانگر نموريون پيو هيٺ ڪيرائيندو آهي. سانوڻ بعد جڏهن نموريون ڇڻي بس ڪنديون آهن ته اهو وقت وري نوان نم ڦٽڻ جو هوندو آهي. جيئن ته نموريون ڪيترا ئي پکي شوق سان کائيندا آهن. ان ڪري نم جو ٻج پکين جي وٺين وسيلي پري پري تائين پکڙجي ويندو آهي. ڪاش رڳو ان قدرتي طرح ڦُٽل ٻج کي ئي اسان سنڀالي وڏو وڻ ڪيون ته اهڙيون موسمي تبديليون ۽ گرميون ڏسڻيون نه پون.




نم جون نشانيون ۽ پکين جي آنن ٻچن جي موسم:
سنڌ ۾ نم سان نه صرف موسمون ماپبيون ۽ جاچبيون آهن پر ڪي خفتي انهن جي پن پيلا ٿيڻ کان نموريون ڇڻڻ تائين پکين جي آنن ۽ ٻچن جون موسمون به سنڀاليندا آهن. مثال طور نم جي پن پيلا ڪري ڇاڻڻ وارو وقت تتر ۽ ڪڪڙ جي آنن لاهڻ جو وقت هوندو آهي. جڏهن ته گونچ ڪڍڻ وارو وقت آنن مان ٻچا ڦٽڻ وارو وقت سنڀالبو آهي. جنهن کي چيٽ وارو تُور سڏبو آهي. ڪچ ڪرڻ ۽ ٻور لڳڻ وقت اهي پکي وري ٻي تور جي تيارين ۾ هوندا آهن، جنهن کي سانوڻ وارو تور سڏبو آهي. خفتين جي بقول ته چيٽ جي تور وارا ٻچا اڪثر ڪري، شايد هوا وغيره جي سبب بيمار رهندا آهن ۽ گهڻو وقت نه ڪڍي سگهندا آهن. نموريون ڪچيون ٿيڻ وارو وقت طوطي جي ٻچن جو هوندو آهي. نموريون ڪچي مان پڪي ٿيڻ وقت ڪانءَ، ڪوئل ۽ ڪٻر جي ٻچي جو وقت هوندو آهي. نموريون ڇاڻڻ وارو وقت ڪانءَ پاران ٻچا اڏائڻ وارو وقت هوندو آهي.




نم جو نالي طور استعمال:
اڳي نالا گهڻو ڪري وڻن، گلن، ٻوٽن، ميوي يا صفتن وغيره جي حساب سان رکيا ويندا هئا. وڻن جي حساب سان نالا رکڻ مهل به انهن وڻن جي صفت ڏانهن ڏسبو هو. مثال ڪنڊو يا ڪرڙ نالو رکڻ وڏي عمر جي خواهش يا دعا هجي ٿي ته انب ۽ صوف وري مٺاس جي نشاني. ساڳئي نموني نم کي جيئن ته سُرو وغيره نٿو لڳي، ان ڪري نم نالي رکڻ جو مطلب ٻار کي بيمارين ۽ مصيبتن کان بچائڻ واري خواهش ۽ دعا جو هوندو آهي. شايد نم جي انهن سڀني خاصيتن ۽ خصوصيتن کي سامهون رکي ئي نم کي سنڌ جو سرڪاري ۽ قومي وڻ قرار ڏنو ويو آهي. پر جنهن نموني وڻن جي واڍي هلي رهي آهي ان ۾ ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ايندڙ نسلن کي به نم جو وڻ ڏيکارڻ لاءِ نم جو وڻ ڳولڻو پوي.

************
courtesy
نواز ڪنڀر جا لوڪ ڏاھپ وارا ڪالم

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں