لاَهه ڪـُـنو!
ويهـُـه هتي:
روپ مـَـتي! (1)
نرم بدَن،
”هڻ ته چـَـتـِـي!“ (2)
چاءِ کپي،
کيرُ- پـَـتي.
کولِ بـَـٽڻَ،
ٻار بـَـتي.
تنگِ ڳلي-
راند متي.
چنڊُ لـَـڙيو-
چوٽ ڪـَـتـِـي، (3)
ويڙهه چـُـني-
رنگَ- رَتي،
پاءِ وَڳو-
وَڃُ سـَـتي!
پيارُ پـُـنو-
بـُـک لٿي!!
(مئي 1986ع)
----------------------------------------
(1) روپ متي = هڪ راجڪماري (عام طرح حـَـسين عورت).
(2) هڻ ته چتي = هڪ پهاڪو جنهن ۾ حيرت جو اظهار آهي.
(3) چوٽ ڪـَـتي = وچ آسمان تي.
**********
آثم ناٿن شاهي
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں