اتوار، 13 مئی، 2012

هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ، پئي هر هر مونکي پڪاري

ممتا جي ڏهاڙي تي سرمد جو هي گيت منهنجي ٻنهي امڙن جي نانء




هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ، پئي هر هر مونکي پڪاري
ٻي ماءُ ڏئي لولي ٿي جهوليءَ ۾ مونکي سمهاري

هڪ گهر جو گونگيون ٻوڙيون بي جان ڀتيون هين منهنجي
ٻئي گهر جي ڀتين کي ليڪن سَو سَو ڪن آهن منهنجي
هڪ گهر ٿو اچي کائڻ، ٻيو گهر ٿو مونکي رئاري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

منهنجي هڪڙي ماءُ جا ڄايا منهنجا ڀاءُ ۽ ڀيڻ سڏايا
ٻي ماءُ مان ڀائر ڀينر، آهن ڄڻ ته پراوا
هڪ کي نه پوڻ ڏيان چهنڊي ٻيءُ کي ڀل ڪو ماري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

منهنجي هڪڙي گهر جا ڀاتي منهنجي ڏک سک جا هِن ساٿي
منهنجي  بئي گهر جي ڀاتين جي سر تي ٿي لڙڪي ڪاتي
هڪڙي جي مرڻ تي ماتم ٻين لاء نه ننڊ ڪو کاري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

مان ڪنهن سان درد ونڊايان مان ڪنهن کي سيني  لايان
حق آهي ٻنهي جو مون تي  پهريون ڪنهن جو حق مان لاهيان
هڪ قرض ٿي ياد ڏياري ـــ ٻي فرض ٿي ياد ڏياري
هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ…

هڪ گهر الله جو آهي اڄ ان کان پڇڻو آهي
هڪ ماءُ ڄڻيو اهي، ٻيءُ ۾ دفن به ٿيڻو آهي
ڪهڙي ڪعبي کي مان پُٺي ڏيان، ڪنهن کي قاصر ڇڏيان وساري

هڪ ماءُ مصيبت ۾ آ، پئي هر هر مونکي پڪاري
ٻي ماءُ ڏئي لولي ٿي جهوليءَ ۾ مونکي سمهاري

****
شاعري .. قاصر نواز
آواز .. سرمد سنڌي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں