اي حوا
اي حوا ؛ تنهنجي اڳيان سِرُ صحيفن جو به خَم
تون مقدس کان مقدس تون اُتم سڀ کان اتم
تون اگر آن وجد ۾ ، عقبا به ڪا عقبا نه آ .
تون اگر آن ماٺِ ۾ ، دنيا به ڪا دنيا نه آ .
تنهنجي نفرت نَرڳ جيئن ، ۽ پيار سُوَرڳ جي مثال
... تنهنجي هڪڙي مرڪ ارپي ڪهڪشائن کي زوال
پوءِ به هن سنسار ۾ ، حيثيت تنهنجي اڃان
آھ ڪنهن شوپيس جيئن يا اشتهار وانگيان
تو چين پاتو ڪين آ ، تون هر صديءَ جي چيخ آن
۽ تون ازل کان درد جي ، تفصيل سان تاريخ آن
تنهنجي مٽي عام ڪا مٽي نه آ ، سنسار ۾
تنهنجي هستي اي حوا ؛ آ ٻيو خدا سنسار ۾

مئڪش سومرو
8 مارچ
عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان
عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں