اڄ صبح گوگل سرچ انجڻ کولي ڏٺم ته گوگل وارن جو ڊوڊل (doodle) * نظر آيو جيڪو گوگل طرفان ليڊي ادا لَوليس Lady Ada Lovelace کي سندس سالگره تي خراج طور پيش ڪيو ويو.
![[IMG]](https://blogger.googleusercontent.com/img/b/R29vZ2xl/AVvXsEj3LMYaQgJiruUH_FaBLxsF-21jg1g1w4fG0ZYdZ6gp2KEz5jK_Lg0AgifjzYDd5kRu-jwTzqTh2N4H4xPODaOXPpgwg5swGz1huPK-T5bnwl9i7L7GMDMDJO8hoxTrRc5uS7T_lVLPXbs/s500/ada_lovelace-2012-hires.jpg)
اڄ کان تقريبن 2 صديون پهريان ڊسمبر 10، 1815 تي جنم وٺندڙ ليڊي ادا لَوليس Lady Ada Lovelace دنيا جي پهرين ڪمپيوٽر پروگرامر جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي۔ 1843 ۾ هن چارلس بيبيج جي تجزياتي انجڻ لاء پهريون الگوردم (algorithm)** شايع ڪرايو۔ يعني پهرين ڪمپيوٽر جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ صدي پهريان هن محترمه ڏيکاري ڇڏيو ته مستقبل ۾ بيشمار ڪم هڪ مشين پروگرامرن جي تخليق جي زور تي اُڪلائيندي۔
![[IMG]](https://blogger.googleusercontent.com/img/b/R29vZ2xl/AVvXsEjqQ8rQyMiHRSDCYoGbILZl274nRAEwjf5KcWmrlnHN-5YdaMdugG3LAMzB86MCvph0juD1mAkfmZz61MTytPwzHM3tbTv9yWC1hy-Iqwx5qV99Hh9eYQT9L3QSuSxuY92vj1LLcUVjNwc/s320/lady+ada.jpeg)
وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جو تجسس رکو ٿا ته هن گوگل جي بلاگ تي هيٺين لنڪ تي وڃو...
http://goo.gl/zL9Ar
------
* گوگل جي ويب سائيٽ تي گوگل جي logo جي جاءِ تي ڪڏهن ڪڏهن دلچسپ تصويرون نظر اينديون آهن. انهن کي گوگل ڊوڊل چئجي ٿو. جيئن هن پوسٽ جي شروع ۾ تصوير ڏني وئي آهي۔
** الگوردم algorithm : ڪمپيوٽر پروگرام ٺاهڻ لاءِ ڪيل حساب ۽ عمل
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں