پیر، 26 نومبر، 2018

ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ماڳن جو ذڪر

ڇنڇر 22 جون 2013ع واري ڪاوش ۾ نواز ڪنڀر جو مضمون

ڀٽائي سرڪار جا بيت، بيتن ۾ آيل مختلف هنڌن جي نالن جي پسمنظر کان باخبر ٿي پڙهيا وڃن ته، سمجهڻ ۾ ۽ اصل معنيٰ ڪڍڻ ۾ سولائي به ٿئي ٿي، ته ماڻهو، اجائي ۽ اُبتي معنيٰ ڪڍڻ ۽ ڌُڪا هڻڻ کان به بچيو وڃي. ڀٽائيءَ جا اهي بيت جن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ هنڌن جا نالا آيل آهن، انهن ۾ هيٺيون بيت به شامل آهي.

هن مند مارونرا ، جيائي جالين،

چاريو لنب لطيف چئي، واگهين ويهارين،

(ڪيٽائين) ڪيٽاريو ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون

هن بيت ۾، استعمال ٿيل ٽئي لفظ سانگهڙ ضلعي جا ماڳ آهن. جيڪي مالوندن پاران، مختلف حوالن سان استعمال ڪرڻ سبب، ڀٽائيءَ جي مشاهدي ۾ آيل آهن پر انهن هنڌن کان بيخبريءَ سبب ڪجهه محققن ۽ رسالي مرتب ڪندڙن انهن لفظن جون مختلف معنائون ڪڍيون ۽ ڏنيون آهن. جن سان هڪ ته بيت جو حُسن برقرار نٿو رهي ۽ ٻيو ته پڙهندڙ، ٻُڌايل يا ڏَسيل معنائن جي چڪر ۾ اچڻ سبب مُونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ٻين ڪجهه بيتن وانگر، هي بيت به خود ڀٽائي رحه جي هن پاسي اچڻ جي تصديق ڪندي، سندس پاران ورتل واٽن جو ڏَس به ڏئي ٿو. جهڙي نموني جيائو ڪنهن وقت ڪو پتڻ يا وڌيڪ گاهه هئڻ سبب چوپائي مال جي چراگاهه سبب مشهور هو ۽ اڄڪلهه هڪ ديهه طور قائم آهي. اهڙيءَ طرح واگهين جي ڀٽ، چوپائي مال جي چري اچڻ بعد ويهارڻ لاءِ مٿانهين تي هئڻ سبب هوادار، مڇرن کان محفوظ ۽ مناسب جڳهه هئي (انهن ٻنهي هنڌن تي اڳ ۾ ئي، الڳ سان مضمون لکيل آهن) اهڙيءَ طرح ڪيٽي به مال جي جُو طور مشهور ٿو معلوم ٿئي. اها ڪيٽي پوءِ انگريزن جي دور ۾ باقائدي طور کپري ٻيلي ۾ شامل ڪئي وئي. جنهن مان به معلوم ٿئي ٿو ته، اهو هنڌ اڳ ۾ ئي ٻيلي هئڻ ڪري مال جي جُو رهندو آيو هو ۽ ڀٽائيءَ جي هتي اچڻ يا لنگهڻ بعد (سرن واري ۾ ميان تاج محمد وارن وٽ ۽ اڳتي کنڀري ۾، ان متعلق به الڳ سان تفصيلي مضمون لکيل آهن) سندس مشاهدي ۾ اچي، امر ٿي ويو. ڪن محققن هن بيت ۾ لفظ ”ڪيٽاريو“ به ڪتب آندو آهي ۽ ان جو مطلب، چوپائي مال جي ڌَڻَ مان ڦَرن کي الڳ ڪري، چارڻ ورتو ويو آهي. جيئن اڪثر ٿيندو رهندو آهي. ان لحاظ سان ان لفظ مان اها مراد ورتي وئي آهي، ننڍا پر وڏن کان يا مائرن کان الڳ ڪري، پوءِ مال ڪاهڻ. جڏهن ته بغير لکت ۾ آيل سگهڙن جي راءِ ان جي برخلاف آهي، اها آهي ته، صحيح لفظ ”ڪي ٽاريو“ بجاءِ ڪيٽايو يا ڪيٽائين ئي محسوس ٿئي ٿو ۽ اهو هنڌ به موجود آهي.

ڪيٽي، جنهن پوءِ ٻيلي جي شڪل اختيار ڪئي. جنهن کي جهونا سينهري/سِيهري به سڏيندا هئا/آهن. اهو هنڌ انگريزن جي نقشي ۾ ملاحن جي مياڻ طور ڏيکاريل آهي. جنهن جو نياڻ وارو رستو ڏکڻان لوڻ کاڻ مان ايندي ٻڌايو ويو آهي. کپري شهر کان 6/7 ڪلو ميٽر اُتر ۽ سِرن واري کان 15/16 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ واقع ڪيٽي جي اوڀر ۾ ڀٽون، اتر ۾ مورهڏي ٻيلو، اولهه ۾ نارو ۽ ان کان اڳيان واريانهن ٻيلو،  ڏکڻ ۾ نارو، جوهلي جو پراڻو ڳوٺ/شهر ۽ لوڻ کاڻ واقع آهن. جڏهن ته ڪيٽي، ڀوپي ٻيلي کان اتر اولهندي جي ڪنڊ تي ڏيڍ ٻه ڪلو ميٽرن تي واقع آهي. ڀوپي ٻيلي ۾ ڪلهوڙن جي آخري دور جي حڪمران ميان عبدالنبي ۽ غلام نبي جي والده ۽ عملي طور حڪمران رهندڙ عورت مائي ڄامان جوڻيجو، جيڪا اصل ۾ ٽنڊي مٺا خان جي هئي، جي جوڙايل مسجد واقع آهي. جڏهن ته ميان تاج محمد جي مزار ۽ مسجد هتان کان 15/16 ڪلو ميٽر اولهه ۾ واقع آهي. جتي ڀٽائي رحه جي اچڻ جون روايتون به ملن ٿيون، ته اُتي چيل بيت به. ڪيٽي ۾ جتي هاڪڙي جون ڇنڊڙيون ۽ ڪنب موجود آهن، اتي گهوٽ ڪنوار جو دڙو به مشهور آهي، هتي اڄ به نڙ، پن ۽ کٻڙ موجود آهن. جڏهن ڪنهن وقت هي ولهار (ڪنهن علائقي جي حد کي ولهار سڏبو آهي) ٻيرن، ڄارين، لون/ لئي ۽ تمام گهڻي ڪنڊي سبب به مشهور هو. هن جي ڀٽن تي اڄ به وسڪاري ۽ سڪار جا گاهه لمب، ٻوڙو، ڌانڃورو، ويڪر، ڪلريو، ڀرٽ، ڦڙهي، ٻرو، ٻوهه ۽ سيڻ وغيره به جام ٿين ٿا.

علمي ادبي دوست عطا محمد چانيهي جي ڳوٺ بانڪي چانيهي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي سگهڙن کي رڪارڊ ڪرڻ واري پروگرام جي سلسلي ۾ هلندڙ ڪچهريءَ  جي رڪارڊنگ جي موقعي جو فائدو وٺندي، آيل سگهڙن کان کپري واري پاسي ۽ خصوصاً اڇڙي ٿر ۾ ڀٽائيءَ جي اچڻ متعلق پڇيوسين ته، سگهڙن پاران  ٻه چار هنڌ ته اهي ٻڌايا ويا، جيڪي اڳ ئي معلوم هئا ۽ انهن جي ٻڌائڻ سان انهن جي وڌيڪ تصديق ٿي پر هڪ سگهڙ ۽ رٽائرڊ پرائمري استاد ولي محمد هڱورجو علم ۾ اضافو ڪندي ۽ ڀٽائيءَ جي بيت جي صحيح پڙهڻي ڏَسيندي ٻڌايو ته، مٿئين بيت ۾ آيل لفظ ”ڪيٽائين“ ڪاهين آهي. جيڪو کپري ٻيلي ۾ شامل ڪيٽي ٻيلي ڏانهن اشارو آهي. جتي برسات توڙي ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڀاڳيا مال ڪاهي ايندا هئا. اڄ به وسڪاري بعد هيٺانهين علائقن جا ماڻهو بک مرندڙ مال کي گپ چڪ ۽ مڇرن کان بچائڻ توڙي گاهه پٺي لاءِ هيڏانهن ۽ کنڀري واري پاسي ايندا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته، ڪجهه رسالو مرتب ڪندڙن اهو بيت ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪن شامل ته ڪيو آهي پر صحيح معنيٰ مشڪل سان ئي ڪنهن ڏني آهي. جڏهن ته الهداد جنجهي صاحب سُر ماروي جي داستان 8 جي بيت نمبر 5 ۾ هي بيت ڏيندي، ڪيٽاريو لفظ جي معنيٰ ”ڪِڙڪ سان“ ڏني آهي. جڏهن ته غلام محمد شهواڻي صاحب داستان 9 جي بيت نمبر 8 ۾ جيائو، واگهين ۽ ڪيٽايو لفظ کي ”تڙ“ ڄاڻايو آهي.

مقامي ڄاڻو ماڻهن ۽ ولي محمد هڱورجي جي بقول ته، هي علائقو هاڪڙي جي ڦاٽ يا ڇاڙ وارو علائقو هو. جتي ڀٽون به آهن ته هاڪڙي سبب ڪُن ۽ ويئرو ۽ ڀرسان مورهڏي جهڙيون ڍنڍون به آهن. ويئرو ڍنڍ جي هڪ خوبي اها به آهي ته، ان جو پاڻي ڀلي کارو هجي پر ان جي ڪنارن سان ويئري/ ويئريون (ننڍا کوهه) کوٽڻ سان پاڻي مٺو نڪري ٿو. ان ڪري به هي علائقو ڀاڳين لاءِ آئيڊيل هو/آهي. ساڳئي وقت هن ئي بيت ۾ جن ٻين علائقن جو ذڪر موجود آهي، سي به هن ئي تَر ۾ آهن، ته ڀٽائيءَ پاران چوٽياريون، سِرن واري ۽ کنڀري واري پاسي اچڻ جي به تصديق ٿيل آهي. هي علائقو انهن علائقن جي ڀرسان ۽ جهڙوڪر وچ ۾ واقع آهي. ان ڪري اها ڳالهه مڃڻ ۾ اچڻ جهڙي آهي ته، ”ڪيٽائي ڪاهين“ مان مراد موجوده ڪيٽي وارو ٻيلو ئي ٿي سگهي ٿو. رسالو مرتب ڪندڙن کي يا رسالي جا نوان ايڊيشن آڻيندڙن کي، ايندڙ ايڊيشنن ۾ اهو لفظ صحيح ۽ واضح ڪري، معنيٰ سميت ڏيڻ گهرجي، ته جيئن ڀٽائي رحه جي بيتن جي صحيح پڙهڻي ۽ پسمنظر ذهن ۾ رهي سگهي ۽ ايندڙ نسل انهن کان واقف ٿي سگهي. انهيءِ حوالي سان جيڪڏهن ڪو مهربان مٿين ڳالهين مان ڪنهن جي وضاحت يا تصحيح ڪندو ۽ ڪنهن ڳالهه کي رد ڪندي وڌيڪ ڄاڻ ڏيندو، ته تاريخ جي دُرستگي سان گڏ لطيفيات سان دلچسپي رکندڙن جو به ڀلو ٿي پوندو.

nawaz_kumbhar@yahoo.com

موسمن، ڏڪار ۽ سُڪار جا ڏس ڏيندڙ وڻ ڪنڊي!


آچر 15 فيبروري 2015ع واري ڪاوش ۾ ڇپيل نواز ڪنڀر جو ڪالم
ٿر ۾ جھونا چوندا هئا ته جنهن ڳوٺ ۾ سئو ڪنڊيون هجن، ان ڳوٺ کي ڏڪار دوران لڏڻو ڪو نه پوندو، ان مان ڪنڊيءَ /کيجڙي جي وڻ جي اهميت جو اندازو آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿو، کڻي نم  کي سنڌ جي صوبائي وڻ جو درجو مليل آهي، جنهن تي ٻٻر جا ڪجهه حمايتي ارها به آهن، پر لوڪ ڏاهپ جا ماھر ۽ ڪنڊيءَ جا قرب وارا ۽ قدردان ان راءِ تي قائم آهن ته اهو مقام ڪنڊي جو  ئي حق هو. ڪنڊيءَ جو وڻ، جيڪو ٿوري پاڻي تي جالڻ سبب ۽ ان جون پاڙون گھڻو هيٺ هليو  وڃڻ ڪري، ٿر، بر، ڪچي ۽ ميداني علائقن ۾ اڳي ته جتي ڪٿي موجود هوندو هو (ان ڪري ڏڪار ۾ ڪنڊي بهاري هوندي آهي) پر هاڻ آبادي ۽ سم وڌڻ سبب ان ۾ نمايان ڪمي آئي آهي.

ٿر ۾ جنهن وڻ کي وڍڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل هوندي هئي، سو به ڪنڊيءَ جو وڻ ئي هو. اڄ جڏهن ٿر ۾ ڏڪار ٽارو نه ٿو ڪري ۽ ڪنڊي ملڻ ۽ ڏسڻ مھانگي ٿي پئي آهي ته ڪهڙي خبر ڏڪار ان ڪري ئي روز روز ٿو مُنهن ڪڍي مهمان ٿئي، جو اسان ڪنڊي کي ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو آهي! ڪنڊي جيڪا وڏي عمر ماڻڻ ۽ ان جي ڪاٺيءَ کي سُرو نه لڳڻ سبب ان جو نالو ٻارن تي به رکبو آهي، ان جا عام طور تي ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ بغير ڪنڊن جي  جنهن کي”لاسڙ“ سڏبو آهي ۽ ٻيو ڪنڊن وارو، جنهن کي ”ڪنترو“ سڏبو آهي. ڪي ماڻهو وري ڪنڊي جي نر ۽ ماديءَ جي حوالي سان به الڳ الڳ قسم ٻُڌائين ٿا. سندن چوڻ آهي ته ننڍين ۽ سنهين سڱرين واري ڪنڊي مادي سڏبي آهي،  جڏهن ته وڏين ۽ ٿُلهين سڱرين وارو ڪنڊو هوندو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته پڪل سنڱريون جيڪي کوکو سڏبيون آهن، اهو مادي ڪنڊيءَ جي مقابلي ۾  نر ڪنڊيءَ جون وڌيڪ مٺيون ۽ سوادي هونديون آهن، ان مان به نر مادي جي خبر پوندي آهي، جڏهن ته ڀاڄي به نر ڪنڊي جي وڌيڪ لذيذ ٿيندي آهي. نر مادي جي سُڃاڻپ ڪي ماڻهو ايئن به ڪندا آهن ته نر ۾ سڱر گھٽ ۽ ڇوڏا وڌيڪ، جڏهن ته ماديءَ ۾ سڱر گھڻا ۽ ڇوڏا گھٽ هوندا آهن. ڪي ماڻهو ايئن به چون ٿا ته ننڍي ڪنڊيءَ  کي مورو، جوان ڪنڊيءَ کي ڪنڊي ۽ پراڻي وڏي جھوني ڪنڊي کي ڪنڊو سڏبو آهي.

 سنڌ جي نج وڻ متعلق عام چوڻي آهي ته “ڪنڊيءَ جي ڪاٺي گھر ۾ اول ته آڻجي نه، جي آڻجي ته پوءِ  ٻارجي نه ۽ جي ٻارجي ته پوءِ سورجي نه. مطلب اهو ته هن جي باهه ڏاڍي تيز ۽ تکي هجڻ کان علاوه هن کي چورڻ ۽ سورڻ سان ان مان گھڻيون چڻنگون نڪرنديون آهن، جيڪي ڀرسان ويٺلن جي ڪپڙن وغيره کي ساڙڻ کان سواءِ ٻيو نقصان به ڪري سگھن ٿيون. هونءَ ته ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان ڪيترائي ڪم وٺبا آهن، پر خاص طور تي ڀاڳيا، چوپائي مال کي ٻڌڻ وارن چڙن جي لار لاءِ ڪنڊيءَ جي پاڙ  جي ڪاري پڪي ڪاٺي، جنهن کي ڪِرسي/ڪرشي سڏبو آهي، سا پسند ڪندا آهن ( لار هڏي مان به ٺاهبي آهي) ان کان علاوه ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان خاص طور تي کوهه کوٽڻ مهل ڪم ايندڙ ”چڪ“ (چڪ کٻڙ جي ڪاٺيءَ مان به ٺهندو آهي) ۽ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڀونٽي، پُلي ۽ ڀوڻي به ان ڪري ٺاهبي آهي جو، ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل اهي شيون پاڻي لڳڻ سان ڳرنديون ۽ خراب نه ٿينديون آهن. ان کان سواءِ ڪنڊيءَ جي ڪاٺي چونئرن جي وچين ڪاٺي، جنهن کي ”مل“ سڏبو آهي طور به ڪتب آڻبي آهي، ته هن ڪاٺي مان، کٽون ۽ در به ٺاهبا آهن ته اڳي ڪنڊيءَ جي ڪاٺي مان وارن واريون ڦڻيون به  ٺاهيون وينديون هيون، جيڪي هاڻ ته ڏسڻ کان به مھانگيون ٿي ويون آهن. ان کان علاوه هاري ناري هن جي ٽاريءَ کي کري ۾ فرشي طور استعمال ڪندا آهن ۽ ڪنڊا نه هجڻ سبب ڪنڊيءَ جي سُڪل ٽاري، گھر، واڙيءَ يا ڪنهن ٻئي حساب سان ڏنل لوڙهي جي  گھٽي ۾ ”کڙهه“ طور به ڪم آڻبي آهي. ڪنڊي جتي چوپائي  مال، عام ماڻهن توڙي واٽهڙن کي وس آهر ڇانو مھيا ڪندي آهي، اتي هن جون خالي/پورا ٿُڙ، ڪيترن ئي قسمن جي پکين جا به مسڪن بڻبا آهن. ساڳئي وقت ڪنڊي پکين جي آکيري کان سواءِ ماکي جي ويهڻ ۽ ان جي کاڌ خوراڪ جو به اهم مرڪز هوندي آهي. هن جي ڪاٺيءَ کان ويندي، هن جا پن، سنڱر ۽ پڪل ميوو کوکا به پکين، جانورن ۽ انسانن لاءِ وڏي وٿ هوندا آهن. چئبو آهي ته جتي ڪنڊي هوندي، اُتي ٻڪري خوش هوندي. ٻڪري کان سواءِ ڪنڊي رڍ ۽ اُٺ جو به سٺو کاڌو آهي. ڪنڊيءَ جا پن ڀاڳيا، خاص طور  سنڀالي ۽ گڏ ڪري رکندا آهن، ڪن جاين تي ته اهي گڏ ڪري وڪڻبا به آهن.

ڪنڊيءَ جي خاص ڳالهه هن پاران مرحليوار مختلف اشارن سان ماڻهن توڙي لوڪ ڏاهپ جي ڏاهن کي متوجهه ڪري، موسم مٽجڻ جو ٻُڌائڻ به آهي. سڀ کان پھرين جڏهن ڪنڊي نوان پن ڪري ۽ گونچ ڪڍي  موربي آهي ته اها سياري وڃڻ جي آخري ۽ پڪي نشاني هوندي آهي. ڪنڊي پاران ٻُور /مڃر جھلڻ بھار جي آمد جو اعلان هوندو آهي ۽ ٻُور/مَڃر  مان سنڱر ٿيڻ جو مطلب بھار جي پُڄاڻي جو هوندو آهي. جڏهن ته سنڱر جي پچي ”کوکو“ بڻجڻ، بھار جي وڃڻ ۽ گرمي شروع ٿيڻ جي آخري اعلان سان گڏ لُڪون ۽ جھولا لڳڻ جي آڳاٽي اعلان برابر  هوندو آهي. جڏهن ته کوکي جو صفا ڇڻي بس ٿي وڃڻ، اونهارو ختم ۽ سانوڻ شروع ٿيڻ جو پيغام هوندو آهي. ٿري ماڻهو پڪل سڱـريون، جن کي ”کوکا“ سڏبو آهي، سي تحفي طور پنهنجي عزيزن ۽ جيءَ وارن ڏانھن اُماڻيندا آهن.

لوڪ ڏاهپ جي حساب سان بلڪه عام زندگيءَ ۾ به ايترو اهم ۽ ڪارائتو مقامي وڻ، اڄ اسان جي مڪمل بي ڌيانيءَ جي ڪري نظر انداز ٿي رهيو آهي. قانون جي حڪمراني نه هجڻ سبب ۽ ماڻهن ۾ هٻڇ ۽ حرس وڌي وڃڻ سبب هي وڻ ڏاڍو تيزيءَ سان وڍجي وجود وڃائي رهيو آهي. ڪاش! ڪنڊيءَ جي قدر ۽ اهميت وڌائڻ لاءِ ڪو ادارو، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي ڪي قدم کڻي ۽ سرڪار ٻين اهم مقامي وڻن جي واڍيءَ کي روڪڻ سان گڏ، ڪنڊيءَ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ به ڪجهه ڪري ۽ نرسريون قائم ڪري ته جيئن اسان جو هي اهم مقامي وڻ ماڻهن، پکي پکڻ ۽ چوپائي مال جو ڀرجھلو ۽ ڏکئي وقت جو ساٿي، ايئن نڌڻڪائي جي نظر نه ٿئي.

nawaz_kumbhar@yahoo.com


باه کي عام موڪل ملڻ جي موسم!

سومر 13 جون 2016ع تي ڪاوش ۾ نواز ڪنڀر  جو ڪالم
 
جيئن مختلف شين تي جوڀن ايندو آھي ۽ انھن جي جوڀن جي مند يا موسم مقرر ھوندي آھي، ائين باھ جي جوڀن ۽ جواني جي به موسم ھوندي آھي. جنھن به شئي تي، جڏھن به جوڀن ايندو آھي ته اھا ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان گھڻن کي ”متاثر“ ڪندي آھي ۽ ڪنھن نه ڪنھن سان اٽڪي به پوندي آھي. ساڳيو حال باھ جو به آھي. انسان شروع ۾ جن شين جي ھشمت کان متاثر ٿي، انھن جو پوئلڳ بڻيو، انھن ۾ باھ به شامل آھي. اڄ به دنيا ۾ ڪيترائي ماڻھو باھ جي پوڄا ڪندا آھن. ھونءَ ته باھ سڄو سال موجود رھندي آھي ۽ پنھنجو اثر ڏيکاري، پنھنجي اھميت به مڃرائيندي رھندي آھي، پر ھڪ موسم اھڙي به ايندي آھي، جڏھن چوڌاري باھه ڙي باھ جي رڙو رڙ ٿي ويندي آھي. اھا موسم آھي، واچوڙن ۽ ان بعد جھولن ۽ لُڪن جي موسم. انھيءَ موسم کي باھ جي جواني جي موسم به چئبو آھي ته ان ۾ باھ کي موڪل ملڻ ۽ باھ پاران مستي ڪرڻ جي ڳالھ به ڪبي آھي. جوان ٿيل باھ کي جڏھن موڪل ملندي آھي ته اھا لوڙھا لتاڙي، اڪثر ڪري ڪکاون گھرن ڏانھن ڪاھيندي، اُتي ديرو ڄمائي، منٽن ۾ ڀريل گھرن ۽ ڳوٺن کي ساڙي، پوٺو  ڪري ڇڏيندي آھي. جنھن کي وسائڻ لاءِ رڳو ٿڌيون آھون، آسمان ڏانھن کڄندڙ نھارون ۽ لڙڪ ئي وھندا آھن، پر باھ انھن سڀني احساسن ۽ جذبن کان عاري ھجڻ ڪري، سنگدل محبوبه وانگر ليکيندي به ناھي ۽ سڀ ليڪا لتاڙي، ماڻھن کان اھا اجھا کسي کين آسمان کي ڇت ۽ زمين کي بستر بڻائي، رات گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آھي ۽ اھي جھڙوڪر نئين زندگي جي شروعات ٿڌن ساھن، ڏکن ۽ لڙڪن سان ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن، پر افسوس جو نه ته حڪومت، نه ئي اسان جا ساڃاھ وند ۽ لاڳاپيل ادارا باھ کي نه ته آفت مڃڻ لاءِ ئي تيار آھن ۽ نه ئي باھ متاثرين جي مدد واسطي وٽن ڪا پلاننگ يا فنڊ ئي آھن!

باھ جو اھو زور واچوڙن، جھولن ۽ لُڪن جي مند ۾ اڃا به وڌي ويندو آھي. واچوڙن جي شروعات بھار وڃڻ بعد اونھاري اچڻ جي شروعات ۾ٿيندي آھي. جڏھن ته ڪي حلقا ان جي شروعات، سيارو نڪرندي ئي ڪندا آھن. ڪن ماڻھن وٽ اھا موسم 15 اپريل کان مئي جي 10/15 تائين ٿيندي آھي. جڏھن کاري ڄار پچڻ بعد مٺن پيرن ۾ ڪڙو ڪسو رس پوندو آھي، اھي رسبا آھن، پلڙا مدبا آھن، ٽالھي ۽ نم پن ڇاڻڻ شروع ڪندا آھن. ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا آھن ۽ ڪڻڪن جون سٿريون اڏامديون يا کنڊربيون آھن. ووڻن پوکڻ جي موسم ويجھي ايندي آھي. اڏامندڙ مٽي پوڻ ڪري اکيون خراب ٿينديون آھن ۽ ساھ جي تڪليف وڌي ويندي آھي. اڏامندڙ مٽي ۽ مٽي جي طوفانن کي ڪنھن حد تائين وڌيڪ وڻ پوکي روڪي سگھجي ٿو) ان وقت ٻارن ۾ ارڙي، چوپائي مال ۾ سامھاڙو، ڪڪڙين ۽ مورن ۾ راڻي کيت جي بيماري اچي منھن ڪڍندي آھي، (جنھن کي ڪي ماڻھو وبائي بيماري به سڏيندا آھن). سامھاڙي ۾ مال گاھ چرڻ ڇڏي ڏيندو آھي. مال جا ڪن گرم ۽ وار اُڀا ٿي ويندا آھن. علاج طور ڀاڳيا اجواڻ ۽ ڳڙ، اٽي جي ڳوڙھن ۾ ملائي مال کي کارائي، مٿي ڪپڙو ڏيندا آھن. (جنھن سان پگھر اچڻ بعد مال ٺيڪ ٿي ويندو آھي) مال کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڀاڳيا وٿاڻ يا ڀاڻي ٻاھران ڪُنو به ٽنگيندا آھن.  ماڻھو به ڪپڙو پسائي مٿي تي رکي پوءِ ڪم ڪار سان ٻاھر نڪرندا آھن.   اھا موسم لوڪ ڏاھپ مطابق باھ جي جواني ۽ کيس عام موڪل ملڻ جي ھوندي آھي.

 لوڪ ۾ واچوڙن جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالھيون مشھور آھن. واچوڙي جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ ان مٿان جوتو به اڇلائبو آھي ته ساڳئي وقت جوتو اونڌو ڪرڻ بعد ان ھيٺيان پئسا ملڻ جي آسري ۾ ٻار اُتي پئسا به پيا ڳوليندا آھن. ڪي ماڻھو ننڍ ۾ کونگھرا ھڻندڙ جي ويھاڻي ھيٺان به جوتو اونڌو ڪري رکندا آھن. ( ٿي سگھي ٿو ته ان جو ڪو نه ڪو سائنسي سبب به ھجي) آسمان ۾ وڇون اُڀرندو آھي ۽ اڀريل کٽ جھولن وقت اولھندي پاسي لڙي ويندي آھي. ڪوئل ٻولڻ شروع ڪندي آھي. عام پکي ويھڻ لاءِ ٿڌيون جايون ڳوليندا آھن. واچوڙن ۾ فصل مٽيءَ سان لٽجي ويندا آھن. واچوڙا چيٽ جي چنڊ جي 10 تائين، ٿڌڙي کان اڳ ختم ٿي ويندا آھن. چون ٿا ته واچوڙن ۾ نه صرف باھ جي چڙنگ آساني سان ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين کڄي پھچي ويندي آھي، بلڪه ننڍيون وڏيون لُنڊيون ۽ بلائون به واچوڙن جي مدد سان مٿي کڄي، ماڻھن کي ڏنگينديون آھن. پوءِ اھي ڀلي اُٺ تي ئي ڇو نه چڙھيل ھجن. ڳوٺاڻا واچوڙن جي ذڪر مھل اھڙا ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون وڏي ڊرامائي  انداز ۾ ٻڌائن ٿا. سياري جي خاتمي ۽ بھار شروع ٿيڻ بعد واچوڙا شروع ٿيندا آھن، جن جي شروع ٿيڻ جي ھڪ نشاني اھا به ھوندي آھي ته جيڪڏھن تيلي ٻاري اُڇلبي ته اھا اُجھامڻ بدران ختم ٿيڻ تائين ٻرندي رھندي! واچوڙن دوران ھر پاسي جي ھوا لڳندي آھي. ڪڏھن گرمي پئي محسوس ٿيندي ته ڪڏھن سردي. جنھن سبب ماڻھن تي فالج جي حملي جو خطرو به وڌي ويندو آھي. ان ڪري جي پگھر ھجي ته يڪدم ٻاھر ھوا ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪبو آھي. ٻارن توڙي ٻڍن کي به ھروبرو ٻاھر نڪرڻ کان منع ڪبو آھي. مھيني کن بعد چيٽ ختم ٿيڻ وقت، ڏکڻ لڳڻ تي واچوڙا وري وارو ڏيندا آھن ۽ جاءِ خالي ڪندا آھن، جھولن ۽ لُڪن لاءِ!

مئي جي 10/15 کان وٺي جون ۽ جولاءِ تائين، جھولا ۽ لُڪون لڳنديون آھن. لوڪ ڏاھپ مطابق جڏھن انب شاخ ڏي، پلڙا ڪڪا ٿيڻ بعد پچي سُڪڻ ۽ ڇڻڻ لڳن، پيرون پچڻ تي اچن، ڦٽين جو رونبو شروع ٿئي، گاھ سُڪي وڃي، (جھولن ۾ ڦٽين جو ڪڪڙوگھٽ يا پوءِ دير سان نسرندو آھي) گرم ھوا ڪن ساڙيندي ھجي، ريج سڪي وڃن، ڪانوءَ ٻچا ڪري (ٻه ٻچا ڪري ته سُڪار ۽ جي ھڪ ڪري ته ڏڪار) پلڙي ۽ پيرن سان گڏ گھوڙي ۽ گڏھ به ڇاڻو ڪنديون آھن. گاھ پچندا، سرنھن ۽ لوسڻ اَن/ٻج ڪن ته اھا جھولن/لُڪن جي اوج وارو وقت ھوندو آھي. اھا موسم برسات اچڻ تائين ۽ ڏکڻ  جو زور ٽٽڻ تائين جاري رھندي آھي.  اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھاڻ آبھوائي تبديلين سبب، اڳوڻو ٽائم ٽيبل نه به رھيو آھي!

پر افسوس جو ھر سال ايندڙ انھيءَ موسمي مُصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ، اسان وٽ اجتماعي طور تي ڪابه خاص  پلاننگ نه ھوندي آھي. جيڪڏھن ٿورو گھڻو جھولن ۽ لُڪن جي حوالي سان ڪجھ ڏيکاؤ جھڙو ڪم ٿيندو به آھي ته اھو رڳو ڪجھ شھرن تائين ئي محدود ھوندو آھي. ان ڪري ماڻھن کي اھا ئي صلاح آھي ته جيستائين حڪومت ۽ ان جي نمائندن ۽ ادارن جو انھي پاسي ڌيان وڃي ۽ باھ کي آفت مڃڻ لاءِ گھربل قانون سازي ٿئي، اُستائين اھي پاڻ باھ، واچوڙن، جھولن ۽ لُڪن جي موسمي مصيبتن کان بچڻ لاءِ پاڻ ئي بچاؤ جا حفاظتي طريقا اختيار ڪن ۽ انھن ساليانو ايندڙ آفتن جو فلحال پاڻ ئي مقابلو ڪن.

ڊنر تي حملو

اربع 23 مارچ 2005ع تي ڪاوش ۾ ڇپيل امتياز ابڙو جو ڪالم

هڪڙي شاديءَ جي دعوت تان موٽندي هڪ همراهه چيو ”ڊنر تي ايتري ته رش هئي جو مُرغي ته ٺهيو پر مُرغيءَ جو چوزو به ڪو نه مليو!“ اڄڪلهه شادين ۾ ماڻهو ڊنر تي ايئن ٿا حملو ڪن، جيئن ٻيلي ۾ پوليس لهندي آهي. گهڻي رش سبب ماڻهو پنهنجون نيتون، نظريا ۽ پليٽون تبديل ڪندي دير ئي نٿا ڪن. هاڻي ته شادين ۾ ڊنر اهڙي انداز ۾ ٿئي ٿي جو شادي ڪارڊ تي ئي لکيل هوندو آهي ته، ”ڊنر ۾ شريڪ ٿيڻ کان پهرئين ريسلنگ جو ڪورس ڪرڻ لازمي آهي!“ خود اسان کي هڪڙي ڊنر ۾ ماني ڪا نه ملي ۽ هڪ اهڙي همراهه کي ڏٺوسين، جيڪو پليٽ ۾ ايتري مُرغي ڀريو ويٺو هو، ڄڻ اتي دڪان کولڻ وارو هجي. پڇيوسين، ”ايتري رش ۾ تو ٻوڙ ڪيئن حاصل ڪيو؟“ ٻوٽي کائيندي چيائين، ”هن ٻوڙ لاءِ 6 مهينا جوڊو ڪراٽي جي ٽريننگ ڪئي اٿم!“

       ڪجهه ماڻهو وري شادين ۾ ڊنر تي ان ڪري حملو ڪندا جو هنن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن هتي نه کاڌوسين ته پوءِ بک اسان کي کائي ڇڏيندي. غريب ماڻهو ته اهو ئي سوچيندو ته سڄي ڄمار، زماني اسان کي کاڌو آهي ۽ اڄ اسين وري تمام گهڻو کائي ان جو بدلو گهوٽ کان وٺنداسين. ڪن ماڻهن کي اهو اندازو هوندو آهي ته جيڪا شاپنگ بيگ هنن جي وَرَ ۾ لڪل آهي، اها جيڪڏهن اڄ گهر ڀري وياسين ته زال تي به سٺو رعب پوندو....!

       ڪجهه ماڻهو وري شادين ۾ ڊنر تي ايئن حملو ڪندا جو هنن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن اسان هتي ڪڪڙ نه کاڌو ته گهر وڃي اسان کي ڪڪڙ ٿي بيهڻو پوندو. ڊنر ۾ وڃڻ دراصل اهو معلوم ڪرڻ جو هنر آهي ته توهان وڌ ۾ وڌ ڪيترو کائي سگهو ٿا. جيئن اسان جو هڪ دوست سالن کان ڊنرن تي حملا پيو ڪري. هي جنهن شاديءَ ۾ ويٺو هوندو آهي، اتان هن جي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو اٿي ويندا آهن ڇو ته جيڪي هن جي ڀر ۾ ويهندا آهن، اهي وري ٻئي ڪنهن جي ڀر ۾ ويهڻ جهڙا نه رهندا آهن. هي کائڻ جي معاملي ۾ سڄو آمريڪا تي ويو آهي، جو مُرغيءَ ۾ به هٿ ايئن وجهندو ڄڻ مُرغي ايٽمي تجربو ڪندي پڪڙي وئي هجي.... عادتن ۾ وري اسان جي سياستدانن وانگر آهي. هٿ ۾ پڪل مُرغي جهليندي چوندو، ”ڏسو ....منهنجا هٿ صاف آهن!“

       ڪنهن ڊنر ۾ جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي ملي، جنهن جي مُڇن ۾ چانورن جا داڻا لڙڪيل هجن، چپن مان ٻوڙ جو سڻڀ وهندو هجي، هٿن ۾ پليٽ ڀت سان ايتري ڀريل هجي جو ڀت مان آواز ايندا هجن ته، ”جيڪو ڀت ڪري ٿو بَڙ بَڙ“ ته سمجهي وڃجو ته توهان ”بَبن بادشاهه“ سان ملي رهيا آهيو! هي گهوٽ کي سلامي ڏيڻ وقت ان کي پئسن جو لفافو به اهڙي نموني ڏيندو، جهڙي بد دعا ڏيئي رهيو هجي. هڪ گهوٽ کي ته لفافو رڳو ڏيکاري وري واپس پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. وري ٻئي هڪ گهوٽ کي لفافو ڏيڻ وقت عين ٽائيم تي پئسا ڪڍي رڳو خالي لفافو گهوٽ کي ڏنائين. ٽئين هڪ گهوٽ کي ڀاڪر پائڻ مهل لفافو پنهنجي هڪ کيسي مان ڪڍي وري ٻئي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. چوٿين هڪ گهوٽ کي ڀاڪر پائي خود گهوٽ جي کيسي مان هڪ لفافو ڪڍي اهو ساڳيو ئي لفافو گهوٽ کي ڏنائين. پنجين هڪ گهوٽ جي اڳيان جيئن ئي هي لفافو کڻي پهتو ته گهوٽ چيس، ”هاڻي گهڻئي ٿي... اسان انهيءَ لفافي کان ئي توبهه ڪئي!“ اهڙي ئي هڪ گهوٽ شاديءَ کان پوءِ لفافا کولڻ وقت جڏهن بَبن بادشاه جو لفافو کوليو ته اندران هڪ پرچي نڪتي، جنهن ۾ لکيل هو، "Try Again"

       شڪل ۽ صورت مان ئي کائڻ پيئڻ وارو لڳندو آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن به کائڻ پيئڻ واري گهراڻي سان تعلق نه اٿس. ڪنهن دعوت ۾ ويٺو هوندو ته ڀر ۾ ويٺل ماڻهو هن کي کائڻ وارين نظرن سان پيا ڏسندا، ڇو ته جنهن ٽيبل تي هي کائڻ شروع ڪندو، اتي ويٺل ٻيا ماڻهو رڳو هوا کائي گهر موٽندا... هي تمام گهڻي ماني کي به تمام گهٽ سمجهي کائڻ شروع ڪندو ۽ تمام گهڻو کائڻ کانپوءِ اوڳرائيون ايتريون ڏيندو، جو اتي ويٺل مائٽ يڪدم پنهنجن پنهنجن ٻارن کي سڏ ڪري چوندا ته،  ”ٻارو... چاچا جون اوڳرائيون ڳڻيو... ۽ ڳڻپ سکو!“ سندس منهن ڏسي ڪو ڪاڻو به ٻڌائي ويندو ته هو ڏينهن ۾ ڪيتريون اوڳرائيون ڏيندو آهي. خود توهان هن جو وات ڏسندائو ته ان جي هيٺان توهان کي بيشمار اوڳرائين جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا، بلڪل ايئن ڄڻ توهان هيليڪاپٽر ۾ ويهي هيٺ هڙاپا جو منظر پيا ڏسو!

       شڪل صورت ۾ پنهنجي والدين تي نه ويو آهي پر لڳندو والدين هن تي ويا آهن.  پنڌرهن ويهه سال پهرين به ايترو ئي کائيندو هو جيترو هينئر کائيندو آهي. ڊنر تي ويندو ته قدم اڳيان وڌائڻ کان به پهرئين ٻانهون اڳيان وڌائيندو. شِير مال کي ايئن ٽوڙيندو، ڄڻ ڪنهن مسڪين جي ڳچي مروڙي رهيو هجي. مُنهن ته ايترو ننڍڙو اٿس جو پيٽ جي مقابلي ۾ جهڙو اخروٽ گدري جي ڀر ۾ رکيو آهي. پيٽ مُنهن کان ڏهوڻ تي اٿس... گذريل سالن ۾ جيترو هن جو پيٽ وڌيو آهي، اوتري ته پاڪستان ۾ مهانگائي به نه وڌي هوندي. تمام گهڻو محنتي آهي جو جيڪا ماني چئن ڪلاڪن ۾ کائجي، اها هي اڌ ڪلاڪ ۾ کائي ڇڏيندو. هاڻي ته پيٽ ايترو وڏو ٿي ويو آهيس جو ڪير پڇندس ته ”توهان جي گهر ۾ وڏو ڪير آهي؟“  ته چوندو، ”منهنجو پيٽ!“ هڪڙي ڏينهن صبح جو ننڊ مان اٿيو ته اٿي دانهون ڪرڻ لڳو. زال پڇيس ته، ”ڇا ٿيو؟“ ته رڙ ڪندي چيائين، ”هيءُ منهنجي پيٽ تي مارڪر سان ڪنهن لکيو آهي.... ”ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين!؟“

       چوندا آهن ته انسان ۾ رڳو اها خامي آهي ته هو کاڌو کائڻ مهل انسان نه ٿو رهي... ۽ بَبن بادشاهه کاڌي جو ڪڏهن به بُکيو نه رهيو، ڇو ته هن جو گهر ئي هڪ شادي هال جي سامهون آهي. ڊنر تي ته هي بذات خود بمع اهل و عيال ايئن حملو ڪندو آهي، جو ٻوڙ جي ٿال وٽ پهچي چمچي جو انتظار به نه ڪندو بلڪه سڄي پليٽ ٿال ۾ وجهي ٻوڙ سان ڀريندي چوندو،  ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.“ مٺي کي ته ايئن ڏسندو آهي ته ڄڻ ان جو الٽرا سائونڊ ڪرڻو هجيس ۽ تِڪا ڏسندو ته چوندو، ”ڀل ڌڪو کانوان، پر تِڪو ضرور کانوان....“ ۽ رش ۾ جڏهن زور لڳائي ڪو تِڪو پليٽ ۾ وجهندو ته خوشيءَ ۾ رڙ ڪري چوندو ته، ”بي عزتي جو هڪڙو تِڪو، عزت جي هزار بار بکئي مرڻ کان بهتر آهي!“

       هو پيدائشي بکيو آهي. ان ڪري پيدا ٿيو ته روئي رهيو هو ۽ تيستائين ماٺ نه ڪيائين، جيستائين سندس پيٽ ۾ ڪجهه نه ويو. هن کي خانداني ڊنر خور چوندا آهن، ان ڪري پهرئين ملاقات ۾ ماڻهو جو اهو جائزو وٺندو ته اهو ماڻهو ڪيترو کارائي سگهي ٿو. نوڪري مان به صرف ان ڳالهه جي ڪري ڪڍيو ويو، جو هي رڳو کائيندو هو،  کارائيندو نه هو!

       ڪجهه ڏينهن اڳ اسان بَبن بادشاهه جو انٽريو ورتو، جيڪو ڪجهه هن طرح هو:

اسان: چيو وڃي ٿو ته توهان شادين جي ڊنرن ۾ وات جي بدران پيٽ سان کائيندا آهيو، ڇا اهو صحيح آهي؟

بَبن : مونکي ان تي فخر آهي... در اصل آئون شادي هال ٻاهران رهندو آهيان، ان ڪري منهنجو حال سٺو آهي. ڊنر منهنجي ڪمزوري آهي، ايتري جو جيڪڏهن ڪنهن شاديءَ ۾ ڊنر نج کانوان ته پوءِ  سڄو هفتو جهڙو ماڻهو مونکي کائڻ پيا ايندا آهن!

اسان: ڊنر نه ملي ته پوءِ ڇا کائيندا آهيو؟

بَبن: پوءِ رڳو آئون ڪاوڙ کائيندو آهيان!

اسان: دعوت تي وڃڻ لاءِ پيٽ گهرجي... پر چون ٿا ته توهان وٽ اهڙو پيٽ آهي جو ڇهن ننڍڙن ننڍڙن رشوت خورن جا پيٽ ملائجن ته مَس وڃي توهان جهڙو هڪڙو پيٽ ٺهندو...؟

بَبن: منهنجو وڏو فن ئي اهو آهي ته آئون تمام گهٽ وقت ۾ تمام گهڻو کائي ويندو آهيان ۽ پوءِ اٿي بيهي سدائين اهو نعرو هڻندو آهيان ته، ”جيڪو ڏاڍو سو گابو...“ ادا،  توهان پيٽ جي تاريخ پڙهو ته خبر پوندي ته پيٽ تان اُهي اُهي جنگيون ٿيون جو ڪيترن جون حڪومتون ته رات جي پيٽ ۾ ختم ڪيون ويون. توهان روزانو زندگيءَ ۾ اهڙا ماڻهو ڏسندا، جن جون ايتريون نيڪيون نڪتل ڪونه هونديون، جيترا انهن جا پيٽ نڪتل هوندا...

اسان: توهان کي ڪڏهن ڊنر ۾ تڪليف ٿي؟

بَبن: ها... هڪڙي ڊنر مونکي سهڪائي ڇڏيو. تڏهن آئون اڃان ٿورو سنهڙو هوس. ماڻهن مون کي ڌڪا ڏيئي ڊنر تي ايئن حملو ڪيو، ڄڻ اُتي ڪو خود ڪش حملو ٿيو هجي... پهريان ڏهه منٽ ته مون پليٽ پئي ڳولي، پليٽ ملي ته ٻوڙ ڪونه پئي لڌو.... ٻوڙ لڌو ته ان ۾ ٻوٽي ڪانه هئي... چمچو ڀريان ته رڳو مُرغي جون ڳچيون پئي نڪتيون... پوءِ مون پري کان ڏٺو ته ٿال ۾ چار تِڪا پيا هئا. آئون جيئن ئي ڊوڙيس، هڪڙي ٿلهي همراهه مونکي ڌڪو ڏيئي اهي کڻي ورتا ۽ آئون تِڪن کي تَڪيندو رهجي ويس.

اسان: ڀلا ڪجهه ته کاڌو هوندَوَ؟

بَبن: ها! مون هڪڙو وڏو ڌِڪو کاڌو... ۽ سڄو ٻوڙ منهنجي ڪپڙن تي... آخر ۾ ڪپڙن تان ٻوڙ چَٽي مون ماني کاڌي... هڪڙي ٻوٽي منهنجي کيسي ۾ وڃي پئي... مون کي خبر ڪانه پئي. گهر ويس ته هميشه وانگر زال منهنجي کيسن جي کوٽائي ڪئي ته اندران ٻوٽي نڪتي. زال چيو، ”هاڻي مونکان لڪائي ٿو ٻوٽيون کائين...!“ مرڳو گهر ۾ جهيڙو ٿي پيو.

اسان: معنيٰ انتظام صحيح نه هو؟

بَبن: نه سائين! منهنجو نصيب صحيح نه هو، نه ته ٻين سڀني ڍَوَ ڪيا.... آئون ته آخر ۾ رڳو هڪڙو شِير مال کائي ۽ چار کيسي ۾ وجهي هليو آيس.

اسان: ڇا،  مِٺو به ڪونه کاڌانوَ؟

بَبن: مِٺو، جنهنجي ڪري هي، خادم ٿيو ڏِٺو... الڪسٽر و الجيلي، جنهن سان ڀري آيس هڪ ٿيلهي.... حلوو ته پليٽن مان ايئن غائب ٿي ويو، جيئن ڪنهن سرڪاري اداري کي مليل امداد غائب ٿي ويندي آهي... ان ڏينهن کانپوءِ مون ڊنرن تي حملا ڪرڻ سکي ورتا!

اسان: توهانکي ياد آهي ته توهان آخري ڊنر ڪهڙي کاڌي؟

بَبن: آخري ڊنر مون هڪ سياستدان جي ٻئين شادي تي کاڌي، جتي مون ايتري ته مُرغي کاڌي، ايتري ته مُرغي کاڌي جو صبح جو ننڊ مان اٿيس ته پيٽ مان ٻانگون پئي آيون!

اتوار، 25 نومبر، 2018

هلو هلو ميلي تي!

خميس 31 مارچ 2005ع تي امتياز ابڙو جو ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم

اسان وٽ ميلا انڪري لڳايا وڃن ٿا ته جيئن ماڻهن کي ثقافت ڦهلائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڌِڪا کائڻا نه پون. يقين سان ميلي تي وڃڻ هڪ ڪلچرل ڪم آهي ۽ انهيءُ کان به ڪلچرل آهي ميلي تان کِيسو ڪَٽائي واپس  موٽڻ... هڪ زمانو هو جو زالون پنهنجن مڙسن کي چونديون هيون ته ٻارن کي ميلو گهمائي اچو. هاڻي به مڙس ٻارن کي ميلي تي وٺيو وڃن۽ پوءِ ٻار موٽيو اچن، مڙس رهجيو وڃن... ميلي تي وڃڻ جي هڪ خوبي اها به آهي ته توهان کي رش ۾ ڌِڪا ۽ ٿاٻا کائڻ جي خوب تربيت ملي وڃي ٿي، جيڪا اڳتي هلي توهان کي مِنسٽرن جي پٺيان نوڪريءَ جون درخواستون کڻي هلڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اسان کي ته ميلي تي وڃڻ جي ايتري خوشي ڪانه ٿيندي آهي جيتري ميلي تان موٽڻ جي ٿيندي آهي. ميلن تي اسان کي اهي جانور به ڏسڻ لاءِ ملي ويندا  آهن جيڪي زندگيءَ ۾ رڳو ڪڏهن ٻُڌبا آهن. هن دفعي ته مون هڪ رڇ تي ايتري رش ڏٺي ڄڻ اهو اليڪشن مهم تي نڪتل هو... خود هڪ لُومڙ پڃري ۾ ائين  پنهنجو مُنهن ڪريو بيٺو هو ڄڻ ان تي نيب جو ڪيس هلندڙ هجي!       
سنڌ ۾ اڄڪلهه ميلا اهڙا ٿي ويا آهن جو انهن کي هاڻي اردوءَ ۾ ”ميلا“ ڪري پڙهڻ تي دل ٿي چوي. اسان کي خبر ناهي ته سنڌي بزرگن جي شاعريءَ ۾ ڪٿي کدڙن جو به ڪو ذڪر آهي. پر هن دفعي ڀٽائيءَ جي ميلي تي جيترو کدڙن جو هجوم نظر آيو. ان مان اهو اندازو لڳائي پئي  سگهياسين ته سنڌ ۾  بي روزگاريءَ ماڻهن کي ڪٿي وڃي پهچايو آهي!       
ميلو دراصل غريبن جي عياشي آهي. هتي غريب ماڻهو اهي شيون به ڏسندا آهن جيڪي جيڪڏهن گهر جي ڀِت تان بيهي ڏسجن ته موچڙا کائجن، ۽ سنڌي ماڻهن ترقي ڪيتري ڪئي آهي، اها توهان کي ميلن تي وڃڻ کانپوءِ ئي ڏسڻ ۾ ايندي. ميلن ۾ ٻن قسمن جا جانور هوندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي شهرن ۾ انسانن جو ماسڪ پا ئي هلندا آهن ۽ ٻيا اهي جن کان متاثر ٿي انسان ڪاپي ڪندا آهن. ڪجهه ماڻهو ته هاٿي ڏسڻ کانپوءِ ئي جاگنگ شروع ڪندا آهن. جيئن منهنجو هڪ دوست ميلي تي گهمڻ ويو  ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپس موٽيو ته پڇيومانس، ”ڪٿي غائب هئين؟“ چيائين، ”ڪافي ڏينهن ٿيا هئا اصلي جانور ڪو نه ڏٺا هئم، اهي ڏسڻ  ويو هئس!“       
هي ميلا اهڙا آهن جو توهان اتي رڳو هڪ دفعو وڃو، پر توهان کي ياد ائين رهندا ڄڻ توهان اتي چيڪلا هلائڻ جي نوڪري ڪري آيا هجو. درگاهه ۾ انهيءَ جوُتي رکڻ جا به ڏهه رپيا  پئي ورتائون جيڪو خود چوريءَ جو هو. ميلي ۾ اها جاءِ جتي ايران جي هڪڙي به شئي نه هجي، اها ايراني سرڪس هوندي آهي. موت جي کُوهه ۾ وري موت کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه هوندو  آهي. منهنجو هڪڙو دوست ميلي تي ڪجهه ٻار گهمائڻ لاءِ وٺي ويو، واپسيءَ مهل ساڻس گڏ ڪيترا ئي ٻار گڏ هئا. سواءِ انهن جي جيڪي هتان وٺي ويو هو. چيائين، ”ميلي تي رش جي ڪري اهڙي حالت ٿي جهڙو ڌاڙيلن  وٽان ڀڄي آيو هجان!... ائين جو جڏهن گهر اچي دروازي تي ڪڙو هنيم ته منهنجي ئي پٽ ٻاهر نڪري چيو... گهر ۾ ڪير ڪونهي، بابا ميلي تي ويو آهي.       
ميلن ۾ مَلهه ته هاڻي اها راند ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ هڪڙي پهلوان جو پيٽ ٻئي پهلوان جي پيٽ سان ويڙهايو ويندو آهي ۽ ائين پيو لڳندو آهي ڄڻ انعام هاضمي جي بنياد تي ڏنو ويندو. هڪڙي دفعي مَلهه ۾ مينهُن اچي پيو ته ڪجهه ننڍڙا ٻار هڪ پهلوان جي پيٽ هيٺان وڃي لڪيا. منهنجو به هڪ ملهه پهلوان دوست آهي، اهو ته ڪنهن وزن واري مشين اڳيان رڳو لنگهندو آهي ته مشين مان روڄ راڙي جا آواز اچڻ لڳندا آهن!

       ڪنهن چيو، ”وڪيل ميلي تي ويندو ته ان جي به في وٺندو آهي!“ جيئن ڊاڪٽر ميلي تي ويندو ته ڳائڻين کي به ا ئين پيو ڏسندو، ڄڻ اهي نرسون هجن... صحافي ميلي تي ويندو ته ان کي وٺي اچڻ لاءِ وري ٻن ٻين صحافين کي موڪلڻو پوندو... ۽ ماستر ميلي تي ويندو ته ڪنهن کي به خبر ڪا نه پوندي ته ماستر ويو ڪيڏي مهل ۽ آيو ڪيڏي مهل...    
جن ماڻهن کي شگر آهي. انهن کي ميلي تي ضرور وڃڻ گهرجي، ڇو ته جن ماڻهن کي شگر ڪانهي، انهن کي ميلي تي وڃڻ کانپوءِ هونئن ئي شگر ٿي پوندي... جن ماڻهن جو وزن گهڻو آهي ۽ جيڪي جاءِ به گهڻي والارين ٿا، اهي ميلو گهمڻ نه، پر ميلو خراب ڪرڻ ويندا آهن. هڪڙي ڀيري مون واري پهلوان دوست کي ميلو خراب ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سڄو ڏينهن هاٿيءَ جي ڀرسان بيهاري ڇڏيائون، جو هنن جي خيال ۾ ان سان ٻيو نه، ته به هاٿي ماٺ ۾ رهندو!       
هونئن به اسان جي ميلن ۾ اهو ئي ڪجهه ٿئي ٿو، جيڪو ميلن ۾ ٿيڻ گهرجي. ڀولڙن متعلق اسين ايترو نٿا ڳالهائي سگهون، ڇو ته انهن تي ايترو ڳالهائينداسين ته ڀولڙا مٿي تي چڙهي ويندا. ڳور پَٽ ته اهو جانور آهي، جيڪو يا ته ميلي ۾ ملندو يا ٻيلي ۾. گدڙن کي  وري سنڌي ماڻهو ٽڪيٽ وٺي به نه ڏسن... ڪٿي گدڙ ڏسندا ته- چوندا، انهن گدڙن ته اسان کي هن حالت تائين پهچايو آهي.... اَرڙ بَلا تي وري آمريت وارن دورن ۾ ميلن تي آڻڻ جي پابندي هوندي آهي، متان  ماڻهو سڀ ڪجهه سمجهي نه وڃن... هاٿين جي باري ۾ اسين ايترو نٿا ڳالهائي سگهون، متان هيءَ اخبار ڪو هاٿي پڙهي ڪاوڙجي نه پوي... شينهَن جي باري ۾ اسين انڪري نٿا ڳالهايون جو شينهَن به اسان جي باري ۾ ڪو نه ڳالهائيندا آهن. ان کانسواءِ شينهن جي باري ۾ اسين ايترو ڄاڻون به ڪو نه ٿا... ڇو ته ميلي ۾ شينهُن اسان هميشه سُتل ڏٺو آهي. هونئن به سنڌ ۾ شينهَن ايترا آهن جو رڳو ميلن ۾ ڏسبا آهن، جيئن ڪُتو اهو جانور آهي، جيڪو سڄو سال ڪُتو ئي رهندو آهي.
 ڪُتي جي وڏي ۾ وڏي خامي اها آهي ته اهو پنهنجو پاڻ کي هميشه ڪتو سمجهندو آهي ۽ ڪتو ٿي  مرندو آهي. ڀٽائيءَ جي ميلي تي مون هڪ اهڙو پُڇ ڏٺو، جيڪو هڪ ڪُتي کي لوڏي رهيو هو. ميلي ۾ رڇ ۽ ڪتن جي ويڙهه ۾ جيڪي ماڻهو ڪُتن جي پاسي هوند آهن، اهي ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي ڀونڪڻ به لڳندا آهن!
هن سال ادبي نشست  سنڌ ميوزيم ۾ انڪري ڪرائي ويئي، ڇو ته ڀٽ شاهه جي ميوزيم ۾ اهڙي قسم جي شو ڪيسن جي سهوليت موجود نه آهي، جتي اهڙي قسم جا مقالي نويس بند ڪري سگهجن، هيءَ هڪ سٺي روايت آهي. ان سان ٿي سگهي ٿو ايندڙ سال ڀٽائيءَ جو سڄو ميلو ئي قاسم آباد ۾ ڪرايو وڃي. هونئن به قاسم آباد ۾ خود اهڙا ڀلا جانور آهن جو ٻاهران جانور گهرائڻ جي ضرورت ئي پيش نه ايندي!
اسان وٽ سڀ کان غير مقبول مقالي نويس هوندا آهن، ڇو ته جيڪي مقبول هوندا آهي، اهي مقالي نويس نه هوندا آهن... توهان پڇندئو ته اهو مقالو ڇا آهي....؟ ته ادا مقالي مان مراد آهي، اها لکيل شئي جنهن کي ڪير به نه ٻڌي ۽ مقالي نويس وري انهيءَ مٺي ننڊ ڏياريندڙ انسان  نما اديب کي چئجي جيڪو گهڻي کان گهڻو ڳالهائڻ کانپوءِ به ڪجهه نه سمجهائي سگهندو آهي... جيئن هڪڙي دفعي هڪ اديب ايترو ته ڊگهو مقالو پڙهيو، جو هسٽريءَ کان شروع ٿيو ۽ هسٽريا تي ختم ٿيو. ڪنهن چيو، ”موسيقي روح جي غذا آهي.“ اسان چيو، ”مقالي نويسي وري روح جي سزا  آهي“ ... سو اخبار ۾ به مقالا پڙهڻ وارن جا نالا نه، پر مقالا ٻڌڻ وارن جا نالا اچڻ گهرجن. ايوارڊ به انهن ماڻهن کي ڏيڻ گهرجن جيڪي مقالا ٻڌندا آهن. مون کي ته انهن اديبن جا مقالا ڏاڍا وڻيا، جن پڙهيا ئي ڪو نه...۽ اهو مقالي نويس ته عظيم هو، جنهن اسٽيج تي اچي صرف ايترو چيو ته، ”مقالن جي نشست پوري ٿي... هاڻي اچو ته لَنچ ڪريون...!“